شاھ لطيف : هڪ بزرگ يا شاعر ؟؟؟


تاريخ گواھ رهي آهي ته سنڌ ڌرتي انهن ناياب ۽ نادر، بي مثل ۽ بي بها ، متبرڪ ۽ متحرڪ ،سُچيت ۽ سماج سڌارڪ هستين کي جنم ڏنو آهي، جن نه رڳو پنهنجي قول ۽ فعل سان پنهنجي تشخص کي برقرار رکيو، پر پنهنجي پوري حياتي جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ ۾ وقف ڪئي آهي . انهن هميشه عام انسانيت جي فلاح و بهبود سان گڏوگڏ سندن ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ پنهنجي تدبر ۽ تحرڪ سان عام انسانيت جي امن ۽ خوشحالي جو روشن خيالي وارو تصور پيش ڪيو. جن اسان ۾ هميشه اميد ۽ اتساھ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان گڏوگڏ مايوسي جي موت کان به پري رکيو. انهن هستين منجهان اڪثريت انهن درويشن ، بزرگن ۽ صوفين جي آهي . جن سدائين امن جو پيغام ڏنو ۽ اندر جي آرسيءَ تي چڙهيل دوئي جي دز کي سنواري ۽ سڌاري صاف ۽ شفاف بڻائي قلب کي روشن ڪرڻ جو درس ڏنو ، انهن بنا ڪنهن رنگ ، نسل ۽ قوم جي گڏجي رهڻ جو ڏس ڏنو ته گڏوگڏ مذهبي ڪٽرپڻي کان هٽي ڪري هر انسان سان محبت ڪرڻ جو احساس ڏياريو. انهن هر وقت اسان کي پنهنجي اصل راھ ۽ مقصد کان آشنا ڪيو ته گڏوگڏ منزل تي پهچڻ لاءِ سولي ۽ سڌي راھ به هموار ڪئي. سندن هر هڪ سخن معنيٰ جو موتي آهي ۽ سندن هر هڪ قول ۽ فعل اسان لاءِ مشعل راھ مثل آهي . انهن اعليٰ ۽ ڪامل هستين منجهان اسان جو سدا حيات شاعر بلڪ شاعرن جو سرتاج ، لاکيڻو لطيف به هڪ آهي . جنهن جو ڪلام روح پرور هجڻ سان گڏوگڏ رنگينيءَ ۽ رعنائيءَ سان سرشار آهي . ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سندس ڪلام روح جي گهراين کي ڇهڻ سان گڏوگڏ ان کي بيدار به ڪري ٿو . هو نه رڳو درد جو دمساز آهي، پر حوصلي ۽ همت جو به شاعر آهي. سندس ڪلام پوري عالم انسانيت جي لاءِ هڪ مشعل راھ جي حيثيت رکي ٿي . اسان سندس شخصيت ۽ ڪلام بابت نوان نوان بحث ڇيڙي ڇڏيا آهن . هڪ پاسي اسين فقط کيس هڪ عظيم شاعر جي حيثيت سان ڏسون ٿا ته ساڳئي ريت کيس پنهنجو مرشد يا پير ڪري ڪوٺيون ٿا. بهرحال ان بحث ۾ پوڻ سان ڪوبه فائدو ڪونه پوندو ، نه ئي سندس ساراھ ۾ اضافو ٿيندو ۽ نه سندس قدر و قيمت ۾ گهٽتائي ايندي . لطيف جو ڪجهه به هو ۽ جيئن به هو ، پر هو هڪ سيد گهراڻي سان تعلق رکندڙ نه رڳو هڪ درويش يا بزرگ هو پر سندس ڪلام جي پرک ۽ پروڙ ڪرڻ کان پوءِ اهو پتو پوي ٿو ته هو دنيا جو هڪ عظيم شاعر به هو. ڪنهن ڏاهي بلڪل سچ چيو آهي ته، ”انظروا ما قال ولا تنظروا من قال مطلب ته جيڪو چيو اٿس ان ڏانهن ڏسو ( چڱو آهي يا خراب ) ۽ جنهن چيو ان کي نه ڏسو، ان ڪري بجاءِ جو ان ڳالھ تي بحث ڪجي ته هو ولي يا شاعر هو ! اسان کي فقط سندس فن ۽ فڪر کي چڱي نموني پاڻ سمجهڻ ۽ ٻين کي سمجهائڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته ” جي تو بيت ڀانيئا سي آيتون آهين ، سو اها ڳالھ سورنهن آنا سچ آهي ته شاھ لطيف سنڌي ٻوليءَ جو هڪ مهان ۽ وينجهر شاعر آهي . جنهن سنڌي ٻوليءَ کي ان ڪمال درجي تي پهچايو جنهن جو ڪنهن کي تصور به نه هو . هن ڌاري ٻولي کي ترڪ ڪري پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ کي پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻايو . ”جي تون سکيو فارسي ، گولو توءِ غلام “ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته کيس سنڌي ٻوليءَ سان بيحد گهڻي محبت ۽ پيار هو. نه رڳو سنڌي ٻولي ءَ سان پر سنڌ جي هرهڪ شيءِ سان سندس اٽٽ سٻنڌ هو . هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي سماج جي سڌي طرح عڪاسي ڪئي آهي ، سنڌ جي لوڪ قصن جهڙوڪ ، سسئي پنهون ، عمر مارئي ، ليلا چنيسر ۽ نوري ڄام تماچي وغيره کي نه فقط خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو آهي ، پر انهن منجهه ڪيترائي تصوف جا روحاني راز سمائي پسِ پرده حقيقتن کان سولي ۽ سادي نموني پيش ڪيو آهي. مثال طور، ” پڇن جي ميهار کي ، پڇي سي ميهار “ يا ” ويئي سونهن سسئيءَ جي ، پنهون ٿيس پاڻ “ يا ” وهم لهي وينجهار ، دليون پرکي داسڙو “ ، ” تصوف شاھ جي شعر جي گويا تاڃي ۽ پيٽو آهي ؛ يا جيڪر تصوف سندس شاعرانيءَ عمارت جو مکيه پايو ڪري چئجي ، جيتوڻڪ سندس شعر جا مضمون علحدا علحدا آهن ، تڏهن به تصوف هڪ سر وانگر آهي ، جنهن تي اهي مضمون موتين جيان مڙهيل آهن. ( مقدمه لطيفي ، ص؛118 )“ سندس ڪلام سادو ،سليس ،فصيح ۽ بليغ هجڻ سان گڏوگڏ ڪيترين ئي فني ۽ فڪري حسناڪين سان ٽمٽار آهي .پر سندس شاعريءَ ۾ موضوعن جي گوناگونيت کي ڏسي ائين محسوس ٿئي ٿو ته هو هڪ عام ماڻهو نه پر فلسفي ۽ ڏاهو هو . سندس ڪلام هر دور جي رهبري ۽ رهنمائي جو هڪ اهڙو ذريعو آهي جو هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو سندس ڪلام کي بيحد دلچسپي ۽ غور سان پڙهي ٿو. اسان جيڪڏهن سندس ڪلام جو مجموعي طور تي جائزو وٺون ته سندس ڪلام ۾ توحيد ۽ رسالت سان گڏوگڏ ميٺ ۽ محبت ، نياز ۽ نوڙت ، عاجزي ۽ انڪساري ، اميد ۽ اتساھ ، حوصلي ۽ همت ، جهدوجهد ۽ جفاڪشي ،امن ۽ ڀائيچاري، سچائي ۽ خلوص ، هدايت ۽ نصيحت وغيره جو خوبصورت امتزاج ملي ٿو ساڳئي نموني سندس شاعريءَ ۾ درد جون مختلف صورتون ۽ ڪيفيتون به ملن ٿيون ، جن سندس ڪلام کي درد جي جماليات جهڙي خوبصورت رونق بخشي آهي . ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هو هڪ سچو صوفي هو ۽ هن پنهنجي وقت جي ڪيترن ئي درويشن ۽ بزرگن سان ملاقاتون به ڪيون ۽ انهن کان اثر به ورتو . جيئن خواجه محمد زمان لواري واري سان جڏهن ساڻس ملاقات ٿي ته سندس اهڙي ته ڪيفيت ٿي وئي جو زندگي کي آخري ڏينهن ۾ هي بيت هميشه چوندو هو ته ،

                          مون سي  ڏٺا ماءِ ، جنين  ڏٺو  پرين  کي
                         تنين سندي ڪاءِ ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.

ڏٺو وڃي ته اسان وٽ اديبن ، شاعرن ، ۽ مذهبي ڪٽرپڻي ۾ ڦاٿل مُلن جو هڪ اهڙو گروھ به رهيو آهي . جن هميشه انهن درويشن ۽ بزرگن جي باري ۾ گهٽ وڌ پئي ڳالهايو آهي ۽ سنڌي ماڻهن جي انهن سان عقيدت کي به غلط ۽ گمراھ به پئي سڏيو آهي ، پيري مريدي واري نظام بابت پنهنجا هٺ ٺوڪيا تصور به ڏنا اٿائون . ته ڪيترن ئي بزرگن کي ڪافر ۽ ملحد به ڪوٺيو اٿائون . پر انهن شايد ! منصور جي ” انالحق “ واري صدا کي نه سمجهيو، بايزيد جي ” سبحان ما اعظم شاني “ جي حقيقت کي ڪڏهن به ڪونه پرکيو ۽ پروڙيو ، رومي جي ” آن شهي در بندگي پنهان شدا ، بهر جاسوسي به دنيا آمده “ کي چڱي ريت نه پاڻ سمجهيو ۽ نه ئي ٻين کي سمجهڻ ڏنائون . شاھ صاحب فرمايو ته ،

                            چـــــڱا ڪـــــن چــــڱايون ،  مُـــــــٺايون مُـــــٺن
                            جو وڙ جڙي جن سين ، سو وڙ سيئي ڪن .

بهرحال هرڪو پير ، مرشد يا صوفي سڏرائڻ سان نٿو ٿئي ، ان جي لاءِ شاھ صاحب هڪ اهڙو معيار مقرر ڪيو آهي جو سنڌي ۾ هڪ چوڻي جي مثل ” مکڻ مان وار ڪڍي ڏيکاريو اٿس، ته سچو صوفي اهو ئي ٿي سگهي ٿو جيڪو فقط ڏيڻ جو قائل هجي وٺڻ جو نه ،

                        ڏني   ڏکــــــــويا ،   اڻ   ڏني   راضـــــــي   ٿيا
                       صوفي تي ٿيا ، جئن ڪيِنَ کنيائون پاڻ سين.

پاڻ فرمائي ٿو ته اهڙن بزرگن جي صحبت اختيار ڪيو جن سان توهان جي روح کي راحت ۽ سڪون ملي ، ڇاڪاڻ ته حافظ شيرازي فرمايو ته،

” روح را صحبت نا جنس عذاب است اليم “ مطلب ته روح کي نه وڻندڙ ماڻهوءَ جي صحبت دردناڪ عذاب آهي . شاھ به فرمائي ٿو ته ،
                        ويٺي جنين  وٽ ، ڏکندو  ڏور  ٿِئي،
                       تن ! تنين سين ڪٽ، اوڏا اڏي پکڙا.

يا بقول بلهي شاه جي ته ” هڪو الف تيري درڪار “ جيان شاه صاحب به ان نقطي تي زور ڏئي ٿو ته ،” اکر پڙھ الف جو ورق ٻيا وسار “ نظامي چيو ته ” هر چه بجز اوست فراموش کن “ ( الله کانسواءِ هر شيءِ وساري ڇڏ ) ،شاھ صاحب به ان ڳالھ جي نشاندهي ڪجهه هن ريت ڪري ٿو ته ، ” عاشقن الله ، ويروتار نه وسري “ مطلب سندس ڪلام صوفين جي ڏنل پيغام جو هڪ چٽو آئينو آهي . ان موضوع تي جيڪڏهن ريسرچ ڪبي ته پي _ ايڇ _ ڊي ڪري سگهجي ٿي. سندس ڪلام صوفي ازم جو هڪ چٽو آئينو آهي . هو ٻالڪپڻي کان ئي درويشي جي رنگ ۾ رتل هو . کيس نه رڳو سنڌ جي درويشن سان محبت هئي پر رومي ، حافظ ، خيام ، منصور ، ڪبير وغيره سان به بي انتها محبت هئي جنهن جو اثر اسان کي سندس ڪلام ۾ سڌي يا اڻ سڌي ريت نظر ايندو . هن جيڪو به پيغام ڏنو اهو صوفين جي زندگي جو بنيادي مول متو هو مثال طور ، ” ٻيائي کي ٻک ، جن وڌو سي ورسيا “ ” وحده جي وڍيا ، الاالله سين اورين “ ” سوري آه سينگار ، اڳهين عاشقن جو “ ” رهي اچجي راتڙي تن واڍوڙين وٽاءَ “ ” سڄڻ جي سارين ، سي نڪي روئن نه چون ڪِي “ ” عاشق ! معشوقن جو وٺي ويھ دڪاڻ ” نمي کمي نهار تون، ڏمر ڏولائو “ ” اڻ چوندن مَ چئو ، چوندن چيو وسار “ ” مان ڏي مديون ٿين ، سڄڻ سڄاين ۾ “ ” سونا ! وانءُ صراف سيئن ، لڏو لاه م لڏ “ ” جڏهن ” ڪن فيڪون “ من تڏهانڪون مارئين “ نابوديءَ نيئي ، عبد کي اعليٰ ڪيو “ وغيره وغيره ، هي ڪجهه سرن مان چونڊ بيتن منجهان هڪ هڪ سٽ اسان پيس ڪئي ، جنهن مان پتو پوي ٿو ته هوصوفين جي تعليمات کان نه رڳو متاثر ٿيو آهي ، پر پاڻ به انهن مشاهدات ۽ تجربات مان گذريو آهي . هو صوفين وانگر مذهبي متڀيد کان پاسيرو آهي ۽ سندس ڪلام صوفين جي هر هڪ قول ۽ فعل جو آئينو آهي . بهرحال ان موضوع تي جيترو لکجي سو گهٽ آهي . آخر ۾ اها ڳالھ هت بيان ڪرڻ بيحد ضروري سمجهان ٿو ته ، شاھ صاحب پنهنجي دور جو نه رڳو هوصوفي شاعر هو پر هڪ خداداد صفتن سان سرشار اعليٰ درجي جو بزرگ ۽ درويش به هو . سندس سوانحيات ۽ ڪلام مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته درويشي کيس ورثي ۾ ملي ۽ کيس مختلف ڪامل درويشن جي صحبت به نصيب ٿي . سو هرڀرو ان بحث کي ڇيڙڻ مان ڪوبه فائدو ڪونهي ! اسان جڏهن شاھ جي ڪلام کي ڏسون ته انهن تضادن کي پاسي تي رکڻ گهرجي ۽ غير جانبدار ٿي ڪري سندس ڪلام جو مطالعو ڪرڻ گهرجي ۽ سندس ڪلام کي بنا ڪنهن عقيدت ۽ محبت جي تنقيدي زواين هيٺ پرکڻ گهرجي، جڏهن ته هاڻ وقت آهي ته سندس ڪلام جو ترجمو مختلف ٻولين ۾ ڪيو وڃي ، ته جيئن عالمي ادب ۾ سندس ڪلام کي پرکيو ۽ پروڙيو وڃي ! اهو به ٽرمپ ، ايڇ ٽي سورلي ، ڪرسٽوفر، مسز ايلسا ۽ ڪجهه هندو اديبن جو ئي پورهيو آهي جو شاھ جو ڪلام نه انگريزي ۾ ترجمو ڪيائون پر ان جي شرح به لکيائون ! نه ته اسان جا هٿ سدائين هڪٻئي جي ڳچيءَ ۾ !!!!


عرفان گل ڏاهري/ ماکند