ڳوٺ ٺٽ سولنگي

پراڻو نالو ٺٽ ھوتچند

تاريخي پسمنظر

سينٽرل سنڌ جو هڪ قديمي ڳوٺ آھي۔جنهن جي ٻڌجڻ جي تاريخ ارڙھين صدي جي آخر ٻڌائي ويندي آھي۔هوتچند جنهن جي نالي سان هي ڳوٺ آباد ٿيو سو تنهن وقت جو انڊين نيشنل ڪاگريس جو اهم رڪن ۽ سنڌي لوڪ سڀا جو تنهن وقت جو ميمبر پڻ ھو۔١٩٢٢ع ۾ جڏهن مهاتما گانڌي ٺاروشاھ واري هري پور ريلوي اسٽيشن تي ترسيو ته سندس استقبال ڪرڻ وارن ۾ اهو هوتچند به هو۔

قيام پاڪستان وقت هندن جي سنڌ مان لڏپلاڻ وقت هن شھر کي آسپاس جي مسلمانن لٽي تباھ ڪيو ۽ سڄو شھر کنڊرن جو ڏيک ڏيڻ لڳو۔هندن جي وڃڻ کان پوء ھي سمورو ڳوٺ هوتچند وڃڻ وقت ڏاڏي ڏاتر ڏني سولنگيء جي حوال ڪري ويو، جيڪو هوتچند طرفان هن جي خدمتن جو اعتراف هو۔ڏاڏو ڏاتر ڏنو انگريزن جي دور جوباغي بهادر انسان هيو جنهن انگريز سرڪار جون ننڊون حرام ڪيون۔پر هن ڳوٺ تي آسپاس جي زميندارن وچ تي طاقت جي رسا ڇڪي شروع ٿي جنهن وڃي هڪ زميندار جي موت تي دنگ ڪيو ۽ ست سولنگي هن قتل جي ڏوھ ۾ عمر قيد پيا،جيڪي پوء ذوالفقار ڀٽي جي دور حڪومت ۾ ١٤ سال قيد ڪاٽي آزاد ٿيا۔جن ۾ حاجي پنهل،غلام محمد،محمد بچل،ربن ۽ بخشل ڀائر ۽ علي نواز حسين۔سندن جيل ۾ ھجڻ دوران آسپاس جي زميندارن وڏا وس ڪيا ته عورتن ۽ ٻارن کي هتان ڀڄائجي پر کين مايوسي نصيب ٿي۔

ٺٽ سولنگي جو ٻيهر آباد ٿيڻ

پاڪستان ٺھڻ کان پوء سائين غلام حيدر مهجور سولنگيء هن ڳو ٺ جو نالو ڳوٺاڻن جي گڏيل صلاح سان ٺٽ سولنگي رکيو ۽ هن ڳوٺ کي قانوني طور رجسٽرڊ ڪرايو۔

مشھور شخصيتون

هڏن جوڙڻ جو ماهر سگهڙ ڏور بيت جو ڄاڻو غلام سولنگي هن ڳوٺ جو هيو جنهن مشھور ڌاڙيل چراغ باليء کي حيدرآباد جي نار جيل ۾ پٽيون پڙھايون۔

مشھور سوشلسٽ صحافي ۽ دانشور محمد خان سولنگي هن ڳوٺ جو آھي۔

پيپلز پارٽيء جو پراڻو کاهوڙي ۽ سنڌ ۽ پنجاب جو مشھور فروٽن جو واپاري دادن سولنگي به هن ڳوٺ ڄائو هيو۔

مشھور صحافي ۽ دانشور منظور سولنگي به هن ڳوٺ جو آھي۔

اطلاعات کاتي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر در محمد ڪمال صاحب پڻ هن ڳوٺ جو هيو۔

مشھور تاريخدان،سنگيتڪار،اڳوڻو سياستدان،اڳوڻو صحافي رٽايرڊ استاد ۽ دانشور صوفي سائين مهجور غلام حيدر سولنگي به هن ڳوٺ جو آھي۔

جڳ مشھور سنگيتڪار ماستر چندر جي ڀيڻ جو گهر پڻ هن ڳوٺ ۾ هيو ۽ ماستر چندر جو ٻالڪپڻ پڻ ھن ڳو ٺ۾ رانديون رهائيندي گزريو۔