سچل مجيب ماڇي ناميارو وڪيل آهي. سچل پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مٺو خان ماڇي مان مڪمل ڪري اٺين درجي تائين نواب ولي محمد ۾ مڊل اسڪول ۾ پڙهيو. ميٽرڪ جو امتحان اي گريڊ ۾ هائيء اسڪول لمل ڪلوئي مان پاس ڪيائين جنهن بعد انجينئرنگ پرهن لاءِ دگري ڪاليج دولتپور مان پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي م اعلي تعليم حاصل ڪرڻ ويو. جتان پاڻ ارضيات جي شعبي ۾ ماسٽرس مڪمل ڪيائين. سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو هئڻ سبب وڪالت ۾ داخلا ورتائين ۽ نوابشاهه شهر ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. جتي هن پنهنجي فيلڊ ۾ سٺو نالو ڪمايو آهي. وڪالت ۾ دلچسپي هئڻ سبب عالمي قانون ۽ مزدورن جي قانون ۾ ايم فل مڪمل ڪيائين. سنڌ جي اعلي عدالتن ۾ پاڻ وڪالت ڪري رهيو آهي. جديد سائنسي علمن سان دلچسپي رکي ٿو.

سچل ماڇي 1991 ۾ نواب ولي محمد ۾ پيدا ٿيو.