لکندڙ خانجي پير By khanji pir

ماءۡ ۽ پيۡ دنيا جي شروعاتي آواز ۽ پهريون پڙاڏو آهن اسين انهن عظيم انسانن جا اولاد آهيون

ماءۡ ۽ پيۡ اهڙي فطرتي حقيقت آهن جنهن کي اولاد ڪۡل ڪائنات سمجهي ٿو ۽ سمجهڻ ب کپي

ماءۡ ۽ پيۡ حالاتن جي هٿن ۾ اولاد کي ٻانهن ۾ جهلي وقت سان ويڙهانند ڪندي حقيقت جو پردو هٽائيندي هميشه سمندر جي لهرن وانگر ڪنارن سان موث کائيندي پر اولاد جي اڻپوري خيالن کي ن مروڙيا هوندا انسان عيبدار هوندو آ جنهن ۾ عيب هزار هوندا آهن پر ماءۡ ۽ پيۡ مها گڻوان آهن ڪل ڪائنات اۡهي آهن اۡي سچ ۽ سندر آهن اۡهي مرهم ۽ ڌرم آهن مٺڙي ماءۡ جي ممتا ۽ پيۡ جو پريم اولاد جي ڪشتي ۽ ڪۡل ڪلياڻ آهن اۡهي وجود آهن اۡي پراڻ ۽ گيان سڀ آهن درد پيڙائون دک جا ڌڻي بيوس بيمارين جي صدا اۡهي سڻن ٿا ڇاڪاڻ ت انهن جي ڀرم، مرهم،پويتر پرچا اپرم پار آهي اۡهي آشا، آنند، دانش دل آهن دکي گهڙي جا داتا ۽ هيڻي وقت جا حال اۡهي آهن اولاد جي سونهن، سندرتا، ساڀيا ۽ سڃاڻپ فقط اۡهي بڻيا بس دنيا جا عقيدا، نظريا ۽ فلسفا اتي اچي دنگ ڪن ٿا پوءۡ اسان جو فرض آهي اۡنهن جا اصطلاح، چيو ۽ پيار جيستائين هوش حواس هجي تيستائين اۡنهن عظيم انسانن جي احترام ڪرڻ ن وساريون…!! ڪنهن لکيو ڪجھ ن ٻۡجهي ڪۡجھ ن سُجهي، دنيا گجهي باھ ماءۡ ۽ پيۡ منهنجو چڱو ڪِيتا، نهين تان مين ڀي جلي وڃان آھ