واپرائيندڙ:جنيد علي ديدڙ/مشق پٽي

رئيس سرائي واحد بخش خان ديدڙ المعروف وڌو فقير ديدڙ

رئيس سرائي واحد بخش خان ديدڙ، تعلقي قمبر جي ڳوٺ ديدڙ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ تَر جو چڱو مڙس ۽ وڏو زميندار هو، سندس طبيعت تيز هوندي هئي،

سرائي حُسين خان ديدڙ (حُسين فقير ديدڙ) سندس جو وڏو ۽ پڳدار پُٽ ھو. سرائي واحد بخش خان ديدڙ جلالي فقير ۽ شاعر ھو،

جو کيس تر جا ماڻھون وڌو فقير سڏيندا ھُئا، وڌي فقير جي شاعري جون ڪجھ سٽون ھيٺ ڏجن ٿيون.

-سچُ لڳو ڪين ڪري، ڪوڙ لڳو ڪورو

-چغل ۽ چائونَ جو تکو ٿيو تورو

-جن سان ڀلائي ڀورو، سي ويا وينجهار وڌو چئي.

-سچُ لڳو ڪِين ڪري، ڪُوڙ لڳو ھيھات

-زمانو زبُون ٿيو، برھ مٽائي بات

-وارِي سي وڌيو چوي، چوڻ کان چپات

-ھاڻ ڪَچن سان ئي ڪاٽ، ڪي دم ديدڙ چوي.

وڌي فقير ديدڙ جو ڪلام وقت جي گردشن کان بچي ناھي سگھيو، وڌي فقير جي وفات 1815ع جي لڳ ڀڳ ٿي،

کيس آخري آرام گاھ پنھنجي مسجد جي ڀرسان موجود آھي جتي سرائي حسين فقير ديدڙ ۽ ميان شاھ محمد ديدڙ پڻ دفنايل آھن.

ديدڙزاده جنيد علي ديدڙ