زبان اسانجي اها ئي ساڳي

متان تون سمجهين ٺري وئي آ

اڃان تہ دل آ اها ئي چنچل

متان تون سمجهين مري وئي آ

ڀلي تون ڀيلي گلاب سارا

سڀئي جنازن مٿي رکي ڇڏ

ڀلي اسان کان لڪائي تارا

ستم اسان تي سٿي رکي ڇڏ

نہ فرق ايندو نہ فرق پوندو

اهو تون دل تي لکي رکي ڇڏ

نہ عشق اسانجو ڪڏهن جهڪيو آ

نہ عشق اسانجو ڪڏهن بہ جهڪندو

ڀلي زبانون وڍائي ڇڏ تون

تڏهن اسانجون نگاهون چونديون

تہ جهڪڻ اسانجو اصول ناهي

هي بي حسي ۽ ذلالتن جو

نظام تنهنجو قبول ناهي

اسين تہ سچ جا سچا پوڄاري

اسان جو سچ کي سلام آهي

اسانجو سچ ئي امام آهي.