قصيدو بردو سنواريو

شيخ المشائخ حضرت امام قُدوة الانام سيدنا شرف الدّين ابو عبدالله محمَّد بن حسن البوصيري رحمة الله عليہ الله پاڪ محبوب خدا ﷺ جي عشق ۾ نهايت بلند مقام عطا فرمايو آهي. توهان عشق جي جذبي ۾ حضور پاڪ ﷺ جي مدع، مولود جي موضوع تي هڪ سو هڪ قصيدا تصنيف ڪيان جيڪي تمام گهڻا مقبول ٿيا ۽ شهرت جي بلندي تي پهتا جيڪي عرب توڙي عجم ۾ ڪثرت سان پڙهيا وڃن ٿا. انهن ۾ هڪ هي قصيدو مبارڪ ”ڪواڪب دُريہ في مناقب خيرالبريّہ“ آهي جيڪو قصيدي بُردي جي نالي سان مشهور آهي. هي قصيدو اصحابين ؓ ۽ تابعيبن ؒ جي قصيدن کان به وڌيڪ مشهور شهرت جي بلندين تي پهتل آهي، ۽ امام بوصيريؒ جي زماني کان هيل تائين ولين، ڪاملن جي وِرد ۾ شامل آهي. امام بوصيريؒ پاڻ به هن قصيدي جو ورد رکندا هئا ۽ ان جي فيض سان دولت قربِ ديدار شهنشاههِ ڪونين ﷺ کان مالا مال ٿيندا رهيا. روايتن مطابق امام بوصيريؒ قصيدي بردي جي برڪت سان هزاري ڀيرا خواب ۾ ۽ جاڳ ۾ جسماني اکين سان حضور رحمت نور مجسم ﷺ جو ديدار ڪيو، چئني سلسلن جي اولياءَ الله ۽ مشائخن، درويشن کي به هيءَ نعمت هن عظيم قصيدي بردي سبب حاصل ٿي آهي.

عالمن جي ارشادن مطاب جيڪڏهن ڪوئي حق جو طالب سچي دِل ۽ اخلاص جي نيت سان قصيدي بردي کي پڙهندو آهي ته حضور پُرنور ﷺ ان پڙهڻ واري طرف متوجه ٿيندا آهن ۽ بلند ۽ اعليٰ مقام جي شان ۽ شوڪت ۽ ان پاڪ منزل جي ڪيفت ان جي دل وارد ٿيندي آهي ۽ اهو عشق جو جذبو دل ۾ پيدا ٿيندو آهي ۽ جلد منزل مقصود تي پهچي ويندو آهي يعني قرب ۽ ديدار محبوبِ خُدا ﷺ سان سرفراز ٿيندو آهي.[1]

  1. هي مضمون ملڪ محمد اشرف نقشبندي جي ڪتاب ”قصيده برده شريف“ جي اڙدو ڪتاب جيڪو شمع بُڪ ايجنسي اڙدو بازار لاهور جو ڇپايل آهي.