شاھ محمد فقير ديدڙ. سندس جاءِ رھائش ڳوٺ ديدڙ (تعلقه قنبر) ھُئي. سنڌ جي مشھور شاعر، سرائي حسين فقير ديدڙ، جو ڏوھٽو ھو. 1249ھ مطابق 1830ع ۾ تولد ٿيو. ننڍي ھوندي کان ئي سڀاءُ حليم ۽ طبع سليم وارو سنجيده شاگرد ھو، جنھن ڪري پنھنجي ناني جي دل ورتائين. جڏھن ڄائو، تڏھن چوڻ ۾ اچي ٿو ته سندس لائق ناني، پنھنجي لِٻَ لَبن تي لاتس. ڏوھٽي سان ايتري ته دلبري ھُيس، جو پينگھي ۾ وجھي، لولي ڏيندو ھوس، جنھن جون پھريون ڇھ مصرعون ھي آھن:

  1. ڪر، سائين جي ساراھ، جنھن وڌو ٿِي ساھ،
  2. اُچو آھي احمد ڄام، ٻيو سڀڪو تنھن جي سام،
  3. جن سان سونھن ٿا صحاب، کليا گل جيان گلاب،
  4. جنھن جا چڱا چارئي يار، چارئي آھن اکين ٺارَ،
  5. پَسو پاڪ پنجئي تَنَ، تَن کان معافي ٿيندا ڏَنَ،
  6. ھادي حَسن، حُسين، ساريان سيد نورالعين.

مرحوم شاھ محمد ننڍي ھوندي کان ئي ذڪي ۽ ذھين ھو، جنھن جو اندازو ھيٺينءَ روايت مان لڳائي سگھجي ٿو: ميان عزيز اللّٰه خان ڳنواس (1) ٻڌايو ته: حمل فقير لغاري، حسين فقير ديدڙ وٽ آيو ھو. ان وقت حسين فقير جي عمر قريباً 45 ورھ، حمل فقير جي اٽڪل ٽيھ ورھ ۽ فقير شاھ محمد ديدڙ جي 15 ورھ کن ھئي. حمل فقير به سنڌ جو ھڪ بليغ شاعر ٿي گذريو آھي، ليڪن حسين فقير ديدڙ جي ھاڪ ٻُڌي، ساڻس ديدڙين مارڪو ڪرڻ آيو. حسين فقير ڪجھ شعر لکي، کڻي ويو، جن جي ڀَران ۾ حمل فقير بيت ٻَڌا آھن. وڌيڪ ٻڌايائين ته: ٽيئي ڄڻا مسجد شريف ۾ ويٺا ھئا ۽ جيڪي پئي ڳالھايائون، سو سڀوئي شعر! حسين فقير ديدڙ، پنھنجي ٻالڪي شاھ محمد کي چيو ته: 'شاھَن، مَس چاوا.' (1) شاھ محمد، مس کڻي اچڻ ۾ دير ڪئي، تنھن تي حسين فقير چيس ته: 'مَس دير لان آندي ھَئي.'(2) حمل فقير، جنھن شاھ محمد کي، حُجره جي ڪانس تان مس ڪُپڙي لاھيندي ٿي ڏٺو، چيو: مس ڀي لاھي ھِس مَس.(3) شاھ محمد: نانا، مَٿي اَھِي، نَھا مَيڏا وَس.(4) حسين: اَبا، حمل ٻيٺاھي، تُون چا ڪَر بَس.(5) مٿين گفتگو مان واضع ٿيو ته مرحوم شاھ محمد ديدڙ قد جو لاٺيرو ھو، جنھن ڪري ڪانَس تي مس ڪپڙي کي کُڙيون کَڻي کَڻي، مس پُڳو. ٻيو وري حمل فقير جي گفتگو: 'مس ڀِي لاھي ھِس مَس' ۾ 'نھا ميڏا وَس' چئي روشن خياليءَ جو ثبوت ڏنو اٿس. فقير شاھ محمد ديدڙ تي پنھنجي درويش ناني جي صحبت جو پورو پورو اثر پيو. وٽانئس قرآن شريف، فارسي ۽ قدري عربي جي تعليم ورتي. ناني جي رندِي رمزَ، ھن جي اندر ۾، الاھي الفت جي آگ آندي، جنھنڪري پنھنجو اچڻ وڃڻ مسجد ۽ گھر تائين محدود رکيائين. ھينئر سڌو ڊَڀري جي مخدومن جو وڃي مريد ٿيو، ڇاڪاڻ ته سندس نانو به اتان جو ئي مريد ھو.اُتان موٽڻ بعد، پنھنجي ناني سان گڏ درس تدريس جو ڪم شروع ڪيائين. پري پري جا شاگرد زنوائي ادب اچي کوڙيندا ھئا. ڪيچ مڪران، لس ٻيلو وغيره ليٽي پوندو ھو. ويتر جو مرحوم شاھ محمد ديدڙ جا اکر موتين جا داڻا ھُئا، تنھنڪري ته ھيڪاري طالب علم ڳاھٽ ڏيڻ لڳا. پاڻ قرآن شريف لکي، سواءِ مٺائي جي، بطور تحفه ڏيندو ھو. برادرم مرحوم ولي محمد خان، ديدڙ ۽ چنجڻيءَ جون آپت ۾ ڀيٽون ٻڌائيندو ھو. في المثل:

  1. ديدڙ:

آکو خانڻ ڀاڙِي ڪُون، ڪِيُون ڏَڪَيندَيئِن ڏاڙھي ڪُون.(1)

  1. حاجي خانڻ:

آکو شاھَن سياڻي ڪُون، ڪِينيُون اَليندَئِين نِياڻي ڪُون.(2) مرحوم ديدڙ جي قد تي ٽوڪ ڪندي، چوي ٿو:

  1. خانڻ

ڪاري ڪُڪِڙِ مَرُ، ٽَر ڪندِي وَتي. بدڪ ڪُڪِڙ مَرُ، ڪَر ڪندي وتي.

  1. شاھ #محمد #ديدڙ

حاجي جانڻ وڏيرو ته حاجي خانڻ وڏيرو، وارن منجھان ويڙھي ٿيندس، ڏاڙھيءَ مان ڍيرو. 1-ڌيءُ پڇي ٿي ماءُ کان، ته 'پيءُ منھنجو ڪھڙو'؟ چي: 'ڀيٺو ھوندو بازار ۾، ڄڻ کَنڀَن کُٿو ڳيرو'- سو حاجي خانڻ وڏيرو…… حاجي خانڻ ۽ ديدڙ جي پاڻ ۾ اصل نه پوندي ھُئي. ديدڙ فقير جي ھَڏَ ڪاٺَ، پھر پوشاڪ ۽ رنگ تي ٽوڪ ڪندو ھو. مرحوم، رنگ جو البت ڪوجھڙو ھوندو ھو، ويتر جو مٿي جا وار صاف ئي صاف ۽ لباس به سادو پھريندو ھو، تنھنڪري اھڙو ٺاھوڪو نه لڳندو ھو. پر قدرت جا رنگ! نيارا! ھن ڪوجھي جسم ۾ اھڙو ڪو افلاطوني دماغ لڪل ھو، جنھن وقت جي شاعرن کي محو حيرت ڪري ڇڏيو. فقير صاحب، ميان شاھل محمد عباسي (تعلقه قنبر) جو پانڌيڙو ھو ۽ راتين جون راتيون اوجاڳا ڪندڙ ھو. مرحوم فتح خان جي روايت موجب: ميان شاھل محمد عباسي تي ميلو لڳندو ھو ۽ فقير صاحب به اتي ويندڙ ھو. انھيءَ ڪري ديدڙ خاندان کي 'ميان' جو لقب ملي ويو. اڄ به تَرَ جا ماڻھون، فقير صاحب کي 'ميان شاھ محمد' ديدڙ جي نالي سان ياد ڪن ٿا. سھيڙيندڙ: عبدالڪريم سنديلو ڪتاب: ڪليات شاھ محمد ديدڙ پوسٽ ڪندڙ: جنيد علي ديدڙ ۽ آڪاش انقلاب ديدڙ