ڪراچيءَ (Karachi) ۾ ميڪلوروڊ (McLeod Road) تي هندو جيم خانو (Hindu Gymkhano) موجود آهي. هندو جيم خانو 1925ع ۾ انگريزن جي راڄ ۾ جڙي راس ٿيو. هي عمارت ان زماني جي نامياري آرڪيٽيڪچر آغا احمد حسين ڊزائين ڪئي هئي.

هندو جيم خاني جي اڏاوت لاءِ سامان راجستان سان گهرايو ويو، انهي ڪري هن عمارت جي رنگت به هتي وارين عمارتن کان تبديل آهي. ڀتين کي سهڻو بنائڻ لاءِ پٿر بيجاپور جو استعمال ڪيو ويو جنهن ڪري ديوارون ٻه فوٽ ٿلهيون ٿي ويون. ڇتين لاءِ فتح پور مان ڊزائين وارا سانچا آندا ويا. ٿنين ۽ محرابن لاءِ به تيار ٿيل پلر راجستان مان خريد ڪيا ويا.

آرڪيالاجي ماهرن جو چوڻ آهي ته هندو جيم خانو مغليه فن تعمير جو نمونو آهي. انهي زماني ۾ امير امراءَ پنهنجا محل ۽ عاليشان ماڙيون انهيءَ طرز جون تعمير ڪرائيندا هئا. اهو ئي دور عمارت سازيءَ جي تاريخ جو شاندار دور سڏيو وڃي ٿو. مغلن جيڪا عمارت سازي واري روايت وڌي هئي اهو سلسلو سندن وڃڻ کان پوءِ به ڊگهي وقت تائين هلندو رهيو. هندو جيم خاني وارو دور هو ته انگريزن جو پر انهي زماني ۾ عمارت سازي مغلن واري پسند ڪئي ويندي هئي. هندو جيم خاني لاءِ چيو ويندو هو ته ”هيءَ جديد زماني ۾ قديم روايت جو انمول تحفو آهي.“ هندو جيم خانو انگريزن جي دور جي وڏي واپاري سيٺ رام گوپال گورڌنڌ مهتا جوڙايو. سيٺ رام گوپال ڪراچيءَ ۾ ڪيتريون ئي عمارتون جوڙايون جن ۾ ڪميونٽي سينٽر، تعليمي ادارا، اسپتالون ۽ پوڄا گهر شامل آهن. ماهوٽا پيلس (Mohatta Palace) جيڪو اصل ۾ مهتا پيلس آهي اهو به سيٺ رام گوپال تعمير ڪرايو هو.

هندو جيم خانو ڪراچيءَ ۾ رهندڙ هندو برادريءَ جي مٿئين درجي وارين برادرين لاءِ بڻايو ويو هو، جتي هو پنهنجا ڪاڄ، ڌرمي ڏڻ، روايتي تقريبون ۽ ڪاروباري معاملا حل ڪندا هئا. اهو سلسلو 1947ع تائين ائين ئي هلندو رهيو پر پوءِ ۾ عمارت کي بند ڪيو ويو ۽ اها ڀڙڀانگ ٿي وئي. ڊگهي عرصي کان پوءِ ثقافت کاتي هندو جيم خاني کي پنهنجي حفاطت ۾ ورتو ۽ ثقافتي سرگرميون هن خوبصورت عمارت ۾ ٿيڻ لڳي ويون.

2005ع کان پوءِ هندو جيم خاني کي تڏهوڪي صدر جنرل پرويز مشرف جي سفارش تي ناپا جي حوالي ڪيو ويو، جنهن جي سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي حلقن ڏاڍي نندا ڪئي، پر عمارت کي واپس نه ڪيو ويو. هندو جيم خاني جي قديم ۽ سهڻي عمارت کي اندران ٺاهه ٺوهه ڪري پنهنجي مرضيءَ سان اسٽوڊيوز تيار ڪيا ويا آهن. پراڻيون چٽساليءَ واريون ڪجهه ديوارون به خراب ڪيون ويون. 2009ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اچڻ کان پوءِ ثقافت جي وزير سسئي پليجو هندو جيم خاني جو قبضو ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪوششون ڪيون پر ڪو به کڙتيل نه نڪتو ۽ هندو جيم خانو اڃا تائين ناپا جي هٿ ۾ آهي. [1] [2]

  1. سنڌي لوڪ ڏاھپ: جديد زماني ۾ قديم روايت جون مثالي جڳهون - طارق عزيز شيخ
  2. جديد زماني ۾ قديم روايت جون مثالي جڳهون - طارق عزيز شيخ