هالار جبل انگريزي (Halar Mountain)کيرٿر جابلو سلسلي ۾سنڌ جيلاڙڪاڻو ضلعو هاڻقمبر شهدادڪوٽ ضلعو جي سرحدن ۾ آهي. سنڌ جي اولهه ۾ جبلن جي هڪ ڊگھي قطار آهي، جيڪا ڄڻ ته اڄوڪيءَ سنڌ ۽ هاڻوڪي بلوچستان جي وچ ۾ دنگ (سرحد) آهي. جبلن جي ان قطار کي کيرٿر سڏجي ٿو. جنهن سان ويجھو ٻيءَ قطار جو نالو هالار آهي. هالار جبلن جي ڏاکڻي قطار کي پَٻُ جبل به سڌيو وڃي ٿو. ڪارونجھر جبل ٿَر ۾ آهي ۽ حيدرآباد جو شهر گنجي ٽڪر تي ٻڌل آهي. پٿر جي هڪ وڏي ڳنڍي کي ڇِپ چئجي ٿو. ڇِپ ڏاڍي وڏي هوندِي ته ٽَڪر سڏبو. ٽَڪرن، ڇِپن، پٿرن، بجرِيءَ وغيره جي ڏاڍي وڏي جَٿي کي ڏُونگر، روهه، جبل يا پهاڙ سڏجي ٿو. اسان جي ڌرتي جا هي جبل ۽ جابلو سلسلا وڏي ڪم جا آهن، ڇو جو اهي اسان لاءِ لوهُه، سونُ، چاندِي، سُرمي، ۽ ٻين ڌاتن جو وڏو ۽ اهم ذريعو آهن. [1][2]

حوالا سنواريو

  1. ڌرتي منهنجو گهر (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-27 
  2. "Sindhi Adabi Board Online Library (Articles)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-07-23.