نور محمد لاکير (1845ﻉ – 1937ﻉ) ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﺳﭽﻮ ﺳﭙﻮﺕ ۽ ﻫﻤﺪﺭﺩ، ﻧﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﻭﻟﺪ ﻣﻴﺎﻥ ﻣﺤﻤﺪ ﺳﺠﺎﻭﻝ ﻻﮐﻴﺮ، ﺗﻌﻠﻘﻲ ڏﻭڪرﻱ, ﻻڙڪاﮢﻮ ﺟﻲ ﮘﻮﭞ چڪرو ۾ 21 ﺷﻌﺒﺎﻥ 1261 ﻫﻪ ﻣﻄﺎﺑﻖ 16 1845ع ﺗﻲ ﺗﻮﻟﺪ پيدا ﭤﻴﻮ. ﺳﻨﺪﺱ ﻭﺍﻟﺪ ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﻫﻮ؛ جيڪو نوڪري ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺗﻌﻠﻘﻲ ڪڪڙ ﺟﻲ ﮘﻮﭞ ”ﺟﻤﻌﻮ ﻻﮐﻴﺮ “ ۾ ﻟڏﻭ ﻻﻫﻲ ﻭﭸﻲ ﻭﻳﭡﻮ. ﻧﻬﺎﻳﺖ ﺑﺎﻭﻗﺎﺭ ۽ ﺳﭽﻮ ﺳﻨﮅﻱ ﻣﺴﻠﻤﺎﻥ ﻫﻮ. ﭘﻴﻨﺸﻦ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﮡ ﺑﻌﺪ کانپوءِ، ﺯﻣﻴﻦ ﺟﻮ ٽڪرو ﻭﭠﻲ، ﺑﺎﻗﻲ ﺣﻴﺎﺗﻲ ﺍﺗﻲ ﺋﻲ ﮔﺬﺍﺭﻳﺎﺋﻴﻦ. ﮐﻴﺲ ٽي ﭘٽ ﻫﺌﺎ، ﺟﻦ ﻣﺎﻥ ﻧﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﺫﻫﻴﻦ ﻫﻮ؛ ﺟﻨﻬﻦ ڪري ﮐﻴﺲ ﭘڙﻫﮡ ﻻﺀِ ﭘﻬﺮﻳﺎﺋﻴﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻈﺮ ﻫﻴﭟ ﺁﻧﺪﺍﺋﻴﻦ. ﺟﺘﺎﻥ ﭼﺎﺭ ﺩﺭﺟﺎ ﺳﻨﮅﻱ ﭘﺎﺱ ڪرائي، ﺳﻨﮅ ﻣﺪﺭﺳﺔ ﺍﻻﺳﻼﻡ ڪراچيﺀَ ۾ مئٽرڪ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘڙﻫﺎﻳﺎﺋﻴﻨﺲ. ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﻳﻌﻘﻮﺏ ﺟﻲ ﺫﺍﺗﻲ ﺩﻟﭽﺴﭙﻲﺀَ ﺳﺎﻥ، ” ﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﻣﺮﺍﺩ اسڪالرﺷﭗ “ ﻭﭠﻲ ﻋﻠﻴﮙڙﻫﻪ ﻣﺎﻥ ﺑﻲ - ﺍﻱ ۽ پوءِ ﻗﺎﻧﻮﻥ ﺟﻲ ﺳﻨد (LL.B) ﻭﭠﻲ، ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺩﮐﻦ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﻭﺳﺖ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﻋﻠﻲ ﺑﻴﮓ ﺳﺎﻥ ﮔڏﺟﻲ وڪالت ﺷﺮﻭﻉ ڪياﺋﻴﻦ. ﭔﻪ ﺷﺎﺩﻳﻮﻥ ڪياﺋﻴﻦ، ﭘﺮ ﭘﮁﺎڙﻱﺀَ ﺗﺎﺋﻴﻦ پٽيلو ﺍﻭﻻﺩ ڪو ﻧﻪ ﭤﻴﺲ. ﮐﻴﺲ ﺩﮐﻨﻲ ﺁﺏ ﻫﻮﺍ ﭜﺎﻥﺀِ ﻧﻪ ﭘﺌﻲ؛ ﺟﻨﻬﻦ ڪري ڪجهه ﻭﻗﺖ کانپوءِ ﻭﺍﭘﺲ ﻭﻃﻦ ﻭﺭﻳﻮ؛ ۽ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﺭﻳﺎﺳﺖ ۾ ﺟﺞ ﻣﻘﺮﺭ ﭤﻴﻮ. ﻋﻬﺪﻭ ﺗﻪ ﻭڏﻭ ﻣﻠﻴﺲ، پر ﺳﻨﺪﺱ ﻃﺒﻴﻌﺖ سرڪاري ﻣﻼﺯﻣﺖ ۾ ﻧﻪ ﻟﮙﻲ. ﭘﻮﺀِ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ وڪالت ﮐﻲ ﺑﺎﻗﺎﻋﺪي ﭘﻴﺸﻮ ﺑﮣﺎﻳﺎﺋﻴﻦ. ﻣﺤﻨﺖ ۽ ﺍﻭﺭﭼﺎﺋﻲﺀَ ﺳﺎﻥ ﺧﻮﺏ ﻧﺎﻟﻮ ڪڍﻳﺎﺋﻴﻦ. ﺳﻨﺪﺱ ﻃﺒﻴﻌﺖ ﻏﺮﻳﺒﻦ ﺟﻲ ﻭﺍﻫﺮ ڪرڻ ۽ ﻣﺴﻠﻤﺎﻥ ﭔﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻻﺀِ ﺁﺗﻲ ﻫﺌﻲ. ﻭﻳﺘﺮ ﺁﻧﺮﺑﻞ ﺭﺋﻴﺲ ﻏﻼﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﻥ ﭜﺮﮘڙﻱ (1878 ﻉ – 1924 ﻉ ) ﺟﻬڙﻱ ﻣﺨﻠﺺ ﺟﻮ ﺳﺎﭢ ﻣﻠﻴﻮ؛ ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﺧﺪﻣﺘﻦ ۾ ﻧﻤﺎﻳﺎﻥ ڪاﻣﻴﺎﺑﻲ ﺣﺎﺻﻞ ڪياﺋﻴﻦ. ﻧﺘﻴﺠﻮ ﺍﻫﻮ نڪتو، ﺟﻮ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ, ﺳﻨﮅ ﺟﻬڙﻱ ﻣﺮڪزﻱ ﺷﻬﺮ ۾، 1924 ﻉ ۾ ﻧﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﻫﺎﺀِ اسڪوﻝ ۽ 1925 ﻉ ۾ هاسٽل ﻗﺎﺋﻢ ڪرﻱ ﻭﺭﺗﺎﺋﻴﻦ. ﭘﻮﺀِ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺫﺍﺗﻲ ﻣﻔﺎﺩﻥ ﮐﻲ ﭘﺎﺳﻴﺮﻭ ﺭﮐﻲ ﻫﻦ ﺧﻴﺮ ﺟﻲ ڪم ۾ ﺭﺍت ڏينهن ﺭﮄﻝ ﺭﻫﻴﻮ. ﻣﺴﻠﻤﺎﻥ ﺷﺎﮔﺮﺩﻥ ﮐﻲ، ﺳﺮﻧﺪﻱﺀَ ﻭﺍﺭﻥ ﮐﺎﻥ اسڪاﻟﺮﺷﭙﻮﻥ ﺑﻪ ﻭﭠﻲ ڏﻧﺎﺋﻴﻦ. ﭘﺎﮠ ﺟﺘﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺟﻲ ﻣﻴﺪﺍﻥ ۾ ﺍﻳﺘﺮﻱ ﻗﺪﺭﺳﺮﮔﺮﻡ ﭘﺌﻲ ﻧﻈﺮ ﺁﻳﻮ، ﺍﺗﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﮐﺎﻥ ﻗﻮﻣﻲ ﺧﺪﻣﺘﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ اوليت ڏﻳﻨﺪﻭ ﺁﻳﻮ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾، 1923 ﻉ ۾ ﺑﻤﺒﺌﻲ ڪاﺋﻮﻧﺴﻞ ﺟﻮ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﺑﻪ چونڊيو ويو. ﺳﻨﺪﺱ ﺍﻫﺎ ﺁﺧﺮﻱ اِڇا يا مرضي ﻫﺌﻲ، ﺗﻪ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺷﻬﺮ ۾ ”ﻣﺴﻠﻢ يونيورسٽي“ ﻗﺎﺋﻢ ڪرﺍﻳﺎﻥ. پر ﺍﻓﺴﻮﺱ ﺟﻮ ﺣﻴﺎﺗﻲﺀَ ﺑﻘﺎﺀُ ﻧﻪ ڏﻧﺲ؛ ﺟﻨﻬﻦ ڪرﻱ 3 ﺫﻭﺍﻟﻘﻌﺪ 1356 ﻫﻪ ﻣﻄﺎﺑﻖ 22 ﺁﮔﺴﺖ 1937ﻉ ﺗﻲ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ ﺋﻲ ﻭﻓﺎﺕ ڪياﺋﻴﻦ. ﻭﺻﻴﺖ ﻣﻮﺟﺐ ﮐﻴﺲ ﻣﺴﻠﻢ هاسٽل ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.