ننڍو کُرو (سائنسي نالو: Sterna albirons، انگريزي نالو:Little Tern) 24 سينٽي ميٽرن جي ھن کُري جا نر ماد ھڪجھڙا ٿين ٿا، ھي ننڍو ڪٻر جيترو ٿئي ٿو، بھار ۽ اونھاري ۾ مٿو ۽ ڪنڌ ڪارو، پيشاني اڇي، چھنب ۽ پير نارنگي ۽ ٽنگون پيليون ھونديون اٿس، سياري ۾ مٿو اڇو ۽ ڪارو، گھري رنگ جي چھنب ۽ پير ٿينس ٿا. سوڙھن پرن تي تڪڙي اڏار اڏامي ٿو ۽ ڪافي شور ڪندو آھي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ابڙو بدر، سنڌ جي جهنگلي جيوت، ص 137، 2009ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.