نمر باقر النمر
نمر باقر النمر | |
---|---|
(عربي ۾: نمر النمر) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | 21 جُونِ 1959 [1] |
موت | 2 جنوري 2016 (57 سال)[2] سعودي عرب |
شھريت | سعودي عرب |
عملي زندگي | |
پيشو | آيت الله |
مادري ٻولي | عربي ٻولي |
ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي |
ويب سائٽ | |
ويب سائٽ | باضابطہ ویب سائٹ |
ترميم |
نمر باقر النمر شیعہ مسلڪ جو عالم آهي، جيڪو سعودي عرب جي شهر العواميه ضلعي القطيب ۾ 1379 هجري قمري 1968ع ۾ هڪ اهل علم ۽ ديندار گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو آيت الله شيخ محمد بن ناصر آل نمر هو. سندس ڏاڏي جو نالو حاجي علي بن ناصر آل نمر هو. جن جي صحبت ۾ شيخ نمر وڏو ٿيو.
مقدماتي تعليم ۽ تعليم لاءِ هجرت
سنواريوشيخ نمر سندس ابتدائي تعليم پنهجي آباڻي شهر العواميه مان حاصل ڪئي ۽ اوهان کي انقلاب اسلامي جي ڄاڻ ملي، پاڻ سن 1400 هجري قمري 1989ع ۾ پنهجي ديني تعليم کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايران جي تهران شهر ڏانهن سفر ڪيو.
شيخ نمر حوزه علميه حضرت قائم ۾ ڏهه سال علم پرايو ۽ ان کان پوءِ شام جي شهر سوريه جو راهي ٿيو ۽ اتان جي وڏن عالمن کان علم پرايو.
شيخ نمر جي استادن جا نالا
سنواريوشيخ نمر تهران ۽ سوريه مان جن عالمن کان علم حاصل ڪيو انهن جان نالا هيٺ ڏنل آهن.
- آيت الله سيد محمد تقي وٽ تهران شهر ۾ درس خارج جي تعليم حاصل ڪئي.
- آيت الله عباس مدرسي ۽ آيت الله خاقاني]] وٽ سوريه ۾ درس خارج جي تعليم مڪمل ڪيائين.
- فقه جو ڪتاب اللمعته الدمشقيه کي علامه شيخ وحيد افغاني وٽ پڙهيو.
- اخلاقي تعليم آيت الله شيرازي وٽ حاصل ڪئي.
شيخ نمر جو مدرسو
سنواريوشيخ نمر سن 1422 هجري 2011ع ۾ سعودي عرب ۾ واپس آيو ۽ پنهجي آباڻي شهر العواميه ۾ هڪ مدرسي جو بنياد رکيائون، جنهن جو نالو مدرسه القائم رکيائين.
سياسي تحريڪون
سنواريوسن 2006
سنواريوشيخ نمر باقر النمر کي سڀ کان پهري سن 2006ع ۾ سعودي عرب جي پوليس گرفتار ڪيو کين ظلم هيٺ آندو هن جو مقصد هو تهشیعہ عقيدي کي سعودي عرب ۾ مذهبي طور سڃاتو وڃي ۽ سعودي عرب جي تعليمي نصاب ۾ تبديلي آندي وڃي.
سن 2008
سنواريوٻئي ڀيري هن کي 23 آگست 2008ع تي القطيب شهر مان گرفتار ڪيو ويو، هن تي الزام لڳايو ويو ته پاڻ شيعن کي سعودي عرب ۾ پنهجي حقن جي بچاءُ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ ء سعودي عرب جي حڪومت کان جدا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
سن 2009
سنواريومارچ جي مهيني ۾ هن کي ٽيون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو، هن ڀيري، هن کي مظاهرن جي اڳواڻي ڪرڻ جي ڪري گرفتار ڪيو ويو.
سن 2012
سنواريوهن جي تحريڪ کي حڪومت برداشت نه ڪيو ۽ هن کي گرفتار ڪيو ويو.
شيخ نمر جا خطبا
سنواريوشيخ نمر جيڪي خطبا ء تقريرون ڪيون تن جو نچور هيٺ ڏنل آهي.
- شیعہ آبادين کي حق ڏنا وڃن.
- القطيب شهر ۾ جمعي جي نماز پڙهڻ ڏني وڃي.
- موروثي بادشاهت ختم ڪئي وڃي.
آخري وقت
سنواريوهن کي سعودي عرب جي حڪومت جي مخالفت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 42 ساٿين سان گڏ 2 جنوري 2016ع تي موت جي سزا ڏني وئي.
شيخ نمر کان پوءِ
سنواريوشيعا عالم شيخ نمر جي ڦاهي جي معاملي تي سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ اڃا گهٽ نه ٿي هئي ته هاڻي شيخ نمر جي ڀائيٽي علي النمر کي ڦاهي ڏيڻ واريون خبرو هلي رهيون آهن.[3] شيخ النمر جي زندگي تي هڪ نظر
حوالا
سنواريو- ↑ https://pantheon.world/profile/person/Nimr_al-Nimr — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ http://www.aljazeera.com/news/2016/01/saudi-announces-execution-47-terrorists-160102072458873.html — اخذ شدہ بتاریخ: 7 جنوري 2016
- ↑ http://www.onlineindusnews.com/2016/02/%D8%B3%D8%B9%D9%88%D8%AF%D9%8A-%D8%AD%DA%AA%D9%88%D9%85%D8%AA-%D8%B4%D9%8A%D8%AE-%D8%A7%D9%84%D9%86%D9%85%D8%B1-%D8%AC%D9%8A-%D9%88%D9%8A%D8%AC%D9%87%D9%8A-%D8%B3%D8%A7%D9%BF%D9%8A-%DA%A9%D9%8A-%D8%A8/[مئل ڳنڍڻو]