نمرود:

ترڪ ٻولي جي ھڪ مسودي ، زبدت التاريخ، تان ورتل تصوير جنھن ۾ ابراهيم اسماعيل جي قرباني ڏيندي ۽ ابراهيم کي نمرود پاران باھ ۾ اڇلائيندي ڏيکاريل

نمرود جو ذڪر قرآن ۾ ٿيل آهي جنھن کي ميسوپوٽيميا ڪجهه علائقي جو بادشاھ ڏيکاريو ويو آهي جنھن ۾ ار شھر واقع ھيو جتي پيغمبر ابراهيم پيدا ٿيو.قرآن ۾ سورة البقرة ۾ ذڪر ٿيل آهي تہ ھڪ شخص ابراهيم سان جھڳڙو ڪيو ھيو ان ڳالھ تي تہ ابراهيم جو رب ڪير آهي ۽ ابراهيم کيس جواب ڏنو تہ سندس رب اھو آھي جنھن جي اختيار۾ ۾ زندگي ۽ موت آھي جنھن تي ان شخص جواب ڏنو تہ اھڙو اختيار ھن وٽ آھي . جواب ۾ ابراهيم کيس چيو تہ الله سج اوڀر کان اڀاري ٿو تون اولھ کان اڀاري ڏيکار جنھن تي اھو شخص لاجواب ٿي ويو.[1] تفھيم القرآن ۾ ذڪر ٿيل آهي تہ ان آيت ۾ اھو شخص نمرود ھيو. نمرود جو بائيبل ۾ تہ ڪو ذڪر ڪونهي پر يھودين جي ٻئي ڪتاب تلمود ۾ ان جو پورو واقعو بيان ٿيل آهي ۽ لڳ ڀڳ قرآن ۾ بيان ٿيل واقعي جھڙو آھي. تلمود ٻڌائي ٿو تہ ابراهيم جو پيء نمرود جي سلطنت جي سڀ کان وڏي عھدي تي مقرر ٿيل ھو ۽ ابراهيم جڏهن شرڪ جي کلي عام مخالفت ڪري توحيد جي تبليغ شروع ڪئي ۽ بت خانن ۾ گھري بتن کي ٽوڙي ڇڏيو تہ سندس پيءُ خود اھو مقدمو بادشاھ جي درٻار ۾ پيش ڪيو ۽ انوقت اھا گفتگو ٿي جيڪا سورة البقرة ۾ ٻڌايل آهي[2]

نمرود جی خدا ھجڻ جي دعوا

سنواريو

تفھيم القرآن ذڪر ڪري ٿو تہ ھر دور جي سماج جي اھا ھڪجھڙي خصوصيت رھي آھي تہ سھي الله کي خدائن جو خدا ڪري تہ مڃيندا ھئا پر توحيد جو انڪار ڪندا ھئا. مشرڪن خدا کي ٻن حصن ۾ ورهايو ھڪ فطرت کان مٿي (supernatural) خدائي ۽ ٻي تمدني يعني سياسي معاملات واري خدائي.پھرين خدائي ۾ الله سان گڏ روحن، فرشتن، جنن، سيارن، ۽ ٻين ڪيترين ئي ھستين کي شريڪ ڪري انھن کان دعائون گھرندا ھيا ، انھن جي آڏو رسمون ڪندا ھيا ۽ انھن جي آستانن تي سندن پرستش ڪندا ھئا ۽ ڀيٽائون پيش ڪندا هئا. ٻئي قسم جي خدائن کي بادشاھن، مذھبي پيشوائن ۽ سماج جي اھم شخصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو ھو. انھن مان اڪثر شاھي خاندان خدائي جي دعوا ڪندا ھئا ۽ پاڻ کي خدائن جي اولاد ظاهر ڪندا ھئا ۽ مذھبي طبقا انھن سان سازش ۾ شريڪ رھندا ھئا. نمرود جي خدا جي دعوا بہ ان ٻئي قسم جي خدائن واري ھئي. ھي خدا جو انڪاري نہ ھيو نہ وري سندس دعوا ھئي تہ زمين ۽ آسمانن کي ان ٺاھيو ھيو يا ڪائنات تي سندس حڪومت ھلي پئي پر ھن جي دعوا ھئي تہ ھو مطلق العنان حاڪم هو ۽ ھن جي زبان قانون ھيو ۽ پنھنجي مٿان ڪنھن جو بہ اقتدار تسليم نہ ڪندو هو ۽ ان جي سلطنت جو ھر اھو شخص غدار ھيو جيڪو کيس رب تسليم نہ ڪندو هو.ابراھيم جڏهن چيو تہ ھو صرف رب العالمين کي مڃي ٿو ٻئي ڪنھن کي بہ نہ ، تہ ان اعلان کي نمرود پنھنجي خلاف بغاوت سمجھيو ۽ ان جرم جي الزام ۾ ان جو مقدمو سندس آڏو پيش ڪيو ويو.[3]

  1. {القرآن: البقرة؛آيت نمبر 258}
  2. {تفھيم القرآن، واليم 1، مولانا مودودي، صفحو 198 ،ادارہ ترجمان القرآن،لاھور}
  3. {تفھيم القرآن، واليم 1، مولانا مودودي، صفحو 198 ۽ 199 ،ادارہ ترجمان القرآن،لاھور}