انگ

ڳڻڻ، پرچي يا ٽڪلي (ليبل) هڻڻ ۽ ماپ ۾ استعمال ٿيندڙ رياضياتي مفعول
(نمبر کان چوريل)

انگ (ٻيا نالا: نمبر، عدد، ڳڻپ، انگ، شمار، ڳڻت، عدد، انگريزي ٻولي: Number)[1][2][3][4] ڳڻڻ، پرچي يا ٽڪلي (ليبل) هڻڻ ۽ ماپ ۾ استعمال ٿيندڙ رياضياتي مفعول آهي.

انگ
انگ

انگ سنواريو

انگ 0-9 سنواريو

انگ انگريزي رومن سنڌي پرشو-عربڪ سنڌي ديواناگري سنڌي
0 Zero Bu'rri ٻُڙي ॿुड़ि
1 One Hik'u هڪ हिकु
2 Two ba ٻہ ॿ
3 Three ṭī ٽي टे
4 Four Cha'ar چار चारि
5 Five pañja پنج पँज
6 Six chah'a ڇھ छह
7 Seven Sat'ta ست सत
8 Eight aṭha اٺ अठ
9 Nine nava نو नव
ذريعا:[5][6][7][8]

انگ 10-90 سنواريو

انگ انگريزي رومن سنڌي پرشو-عربڪ سنڌي ديواناگري سنڌي
10 Ten Da'h ڏھ
20 Twenty Veih ويھ
30 Thirty Trreh ٽيھ
40 Fourty Ch'aleh چاليھ
50 Fifty Paanjah پنجاھ
60 Sixty Sa'thih سٺ
70 Seventy Sat'ar ستر
80 Eighty A'ssei اسي
90 Ninety Nau'vy نوي

انگ 100-سؤ ملين سنواريو

انگ انگريزي رومن سنڌي پرشو-عربڪ سنڌي ديواناگري سنڌي
100 Hundred Sau'o سئو
1,000 Thousand hazaar هزار
10,000 Ten Thousand da'h hazaar ڏھ هزار
100,000 Hundred Thousand lakh لک
1,000,000 Million da'h lakh ڏھ لک
10,000,000 Ten Million crore ڪروڙ
100000000 Hundred million Da'ha crore ڏھ ڪروڙ

سنڌي ويا ڪرڻ ۾ عدد سنواريو

1. سنڌي ويا ڪرڻ ۾ اسم جو عدد ٻن قسمن جو هوندو آهي.

  1. عدد واحد (ڪرسي، ميز، ڪتابُ، قلمُ، ڇوڪرو، پپيتو، صوفُ، ماءُ، ڌيءُ)
  2. عدد جمع (ڪرسيون، ميزون، ڪتابَ، قلمَ، ڇوڪرا، پپيتا، صوفَ، مائرون، ڌيئرون)

واحد عدد مان جمع عدد ٺاهڻ جا قائدا سنواريو

جن عددن يعني اسمن جي آخر وارو اکر ”و“ آهي ان اسم جي آخري اکر ”و“ ڪڍي ”ا (الف)“ لڳائڻ سان جمع ٺھندو آهي

واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع
ڇوڪرو ڇوڪرا پاڏو پاڏا گابو گابا ڳانو ڳانا لوٽو لوٽا واڍو واڍا نانو نانا

2. جن عددن يعني اسمن جي آخر واري اکر تي ”پيش“ آهي ۽ جنس مؤنث آهي تہ آخري اکر تان پيش هٽائي ”ون“ يا ”رون“ لڳائڻ سان جمع ٺھندو آهي.

واحد جمع واحد جمع واحد جمع
ماءُ مائرون ڀيڻُ ڀينرون ڌيُ ڌيئرون

3. جن اسمن جي آخري اکر هيٺيان ”زير“ هجي ۽ اڪثر ڪري اهڙا اسم مؤنث هوندا آهن، انهن کي جمع ٺاهڻ لاءِ ”يون“ ملائبو آهي.

واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع
ڀتِ ڀتيون تڏِ تڏون ڇتِ ڇتيون گدِ گديون ولِ وليون

4. اهڙا واحد اسم جن جو آخري اکر ”ي“ هجي ۽ جنس مؤنث هجي، اهڙن اسمن کي جمع ٺاهڻ لاءِ آخر ۾ ”ون“ لڳائبو آهي.

واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع
ڪرسي ڪرسيون مڇي مڇيون رسي رسيون ڇٻي ڇٻيون دري دريون چري چريون

5. جن اسمن جي آخري اکر تي ”زبر“ هجي ۽ جنس مؤنث هجي، اهڙن اسمن کي جمع ٺاهڻ لاءِ ۾ وچولي ۽ لاڙ جي علائقي ۾ ”ون“ ملائبو آهي ۽ اتر سنڌ ۾ ”ان“ ملائبو آهي.

واحد جمع وچولي ۽ لاڙ ۾ جمع اتر سنڌ ۾ واحد جمع وچولي ۽ لاڙ ۾ جمع اتر سنڌ ۾ واحد جمع وچولي ۽ لاڙ ۾ جمع اتر سنڌ ۾
واڳَ واڳون واڳان پليٽَ پليٽون پليٽان کٽَ کٽون کٽان

6. ڪن واحد اسمن جي آخري ۾ لفظ ۾ ”ون“ هوندو آهي ۽ جنس مؤنث هوندي اٿن پر جمع بنا ڪنهن تبديليءَ ساڳيءَ صورت ۾ اچاريو ويندو آهي.

واحد جمع واحد جمع واحد جمع
ڳئون ڳئون سيون سيون وڇون وڇون

7. ڪن اسمن جي پڇاڙي واري اکر تي ”پيش“ هوندي آهي، اهڙا اسم ڪثر ڪري مذڪر هوندا آهن. انهن کي جمع ٺاهڻ لاءِ ”پيس“ هٽائي ”زبر“ لڳائبي آهي.

واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع واحد جمع
ڪتابُ ڪتابَ جڳُ جڳَ هٽُ هٽَ مڇرُ مڇرَ هٿُ هٿَ ڪپرُ ڪپرَ حسابُ حسابَ

8. ڪي اهڙا اسم هوندا آهن جن جي پڇاڙيءَ واري اکر ”و“ يا ”ي“ تي ”زير“ هوندي آهي. اهي مذڪر به هوندا آهن تہ مؤنث بہ. انهن جو جمع ٺاهڻ لاءِ ساڳي صورت ۾ اچاريو ويندو آهي.

جيئن؛- اولاد- پکي- ماڻهو- ساٿي- هاٿي-

سنڌي ويا ڪرڻ ۾ صفت ۾ عدد جا قسم سنواريو

سنڌي ويا ڪرڻ صفت ۾ عدد ٻن قسمن جو هوندو آهي.

عدد شماري سنواريو

اهڙا لفظ جيڪي جملي ۾ عدد جو انداز ڏيکارين ۽ صفت ٿي ڪم اچن.

جيئن؛ هڪ، ٻہ، ٽي، چار، پنج، ڇهہ، ست، اٺ، نَوَ، ڏھ...

مثال طور؛ هڪ سال ۾ چارمندون آهن.

عدد قطاري سنواريو

اهڙا لفظ جيڪي قطار ۾ اسم جو عدد ٻڌائين.

جيئن؛ پهريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون، پنجون، ڇهون، ستون، اٺون، نائون، ڏهون...

پھرين، ٻين، ٽين، چوٿين، پنجين، ڇھين، ستين، اٺين، نائين، ڏهين...

مثال طور؛- دودو درجي ۾ پھرين نمبر تي آهي. هي پھريون سبق آهي.

حسابن عدد سنواريو

اڪي ۽ ٻڌي عدد سنواريو

اڪي عدد سنواريو

اڪي عدد اهڙا عدد جن جي پڇاڙي ۾ 1، 3، 5، 7 ۽ 9 ايڪن وارن خانن هجن اهي اڪي عدد چورائيندا آهن.

ٻڌي عدد سنواريو

ٻڌي عدد اهڙا عدد جن جي پڇاڙي ۾ 0، 2، 4، 6 ۽ 8 ايڪن واران خانن ۾ هجن تن کي ٻڌي عدد چورائيندا آهن.

مفرد ۽ مرڪب عدد سنواريو

مفرد عدد سنواريو

اهڙو سڄو عدد جيڪو 1 کان وڏو هجي ۽ پاڻ کان سواءِ ٻئي انگ سان ونڊجي نه سگھجي ان کي مفرد عدد چئبو آهي.

مثال طور؛- 2, 3, 5, 7, 11, 13, 17, 19, 23, 29, 31, 37, 41, 43, 47, 53, 59, 61, 67, 71, 73, 79, 83, 89, 97, 101, 103, 107, 109, 113, 127, 131, 137, 139, 149, 151, 157, 163, 167, 173, 179, 181, 191, 193, 197, 199 وغيره.

مرڪب عدد سنواريو

اهڙو سڄو عدد جيڪو 1 کان وڏو هجي ۽ پاڻ کان سواءِ ٻئي انگ سان ونڊجي سگھجي ان کي مرڪب عدد چئبو آهي.

4, 6, 8, 9, 10, 12, 14, 15, 16, 18, 20, 21, 22, 24, 25, 26, 27, 28, 30, 32, 33, 34, 35, 36, 38, 39, 40, 42, 44, 45, 46, 48, 49, 50, 51, 52, 54, 55, 56, 57, 58, 60, 62, 63, 64, 65, 66, 68, 69, 70, 72, 74, 75, 76, 77, 78, 80, 81, 82, 84, 85, 86, 87, 88, 90, 91, 92, 93, 94, 95, 96, 98, 99, 100 وغيره


حوالا سنواريو

  1. "Number word Sindhi Meaning, devanagari & Roman translation - Sindhi Dictionary". sindhyat.com. حاصل ڪيل 2019-11-06. 
  2. "Number | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2019-11-06. 
  3. "Number | Sindhi Meaning of Number". www.ijunoon.com. حاصل ڪيل 2019-11-06. 
  4. "Numeral word Sindhi Meaning, devanagari & Roman translation - Sindhi Dictionary". sindhyat.com. حاصل ڪيل 2019-11-06. 
  5. "Sindhi numbers numerals". www.omniglot.com. حاصل ڪيل 2019-11-06. 
  6. "Sindhi Numbers | LEARN101.ORG". learn101.org. حاصل ڪيل 2019-11-06. 
  7. "Sindhi Numbers 1 to 100 - sindhuacademyusa". sites.google.com. حاصل ڪيل 2019-11-06. 
  8. "Numbers 1 to 100 Sindhi Class.pdf". docs.google.com. حاصل ڪيل 2019-11-06.