نقش نگاري
پٿر يا ڪاٺ تي نڪتل چٽن ۽ تصويرن اڪيرڻ جي فن کي نقش نگاري (Carving) سڏجي ٿو. قديم زماني جي ماڻهن پنهجين سوچن، خيالن، ريتن رسمن ۽ مذهبي لاڙن کي سڀ کان اڳ پٿر تي اڪيري، تڏهن اڃا جڏهن ڪاغذ نه ٺهيو هو. دنيا جي هر ان خطي ۾ جتي اوائلي تهذيبن جنم ورتو آهي پٿر تي نقش نگاري (اُڪر/تصوير نگاري) جا نمونا ملن ٿا.
هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڪيترن هنڌن تي هن قسم جا چٽ مليا آهن. تاريخ کان اڳ واري دؤر ۾ پٿر تي ٿيل اڪثر نقش نگاريءَ ۾ مختلف جانورن جون تصويرون، شڪار جا منظر، مذهبي لاڙن يا رجحانن کي ظاهر ڪندڙ علامتون ۽ انهن بابت تجريدي چٽ، ان زماني جي سماج جي ڪافي حد تائين نشاندهي ڪن ٿا. سنڌ ۾ کيرٿر جبل جي مختلف هنڌن تي اوائلي دؤر جي ماڻهن ۽ جانورن جون ابتيون سبتيون شڪليون نڪتل ملن ٿيون، انهن ۾ سرهن ۽ گرن جون تصويرون شامل آهن. خاص ڪري ڪتي جي قبر ڏانهن ويندي سيتا نئن جي ٻئي ڪناري تي شاھ ڪنڀ وٽ اهي شڪليون ڪافي تعداد ملن ٿيون. ان سلسلي ۾ بدر ابڙي جو ڪتاب "کيرٿر ۾ چٽسالي" (2011ع) شايع ٿي چڪو آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي