عباس بن عبد المطلب

حضرت عباس رضه بن عبدالمطلب (انگريزي: Abas bin Abdul Mutlab ) محمد جو چاچو ھيو. صحابه ۽ علي جي اصحاب نصرت منجهان هيو[1]. ابوطالب کان پوءِ حاجين سڳورن کي پاڻي مهيا ڪرڻ جو ڪم ان جي ذمي هو[1]. ھجرت کان اڳ مڪي ۾ پيغمبر اسلام جو محافظ رھيو. ڄمار ۾ محمد کان ٻه يا ٽي سال وڏو هيو[1]. هي ھڪ مالدار واپاري ھيو. ھن جي حضرت عبدالله ابن عباس مان وارثن خلافت عباسيه جو بنياد وڌو[2]. سندس اولادِ جا وارث عباسي سڏيا ويندا آهن.

ٱلْعَبَّاسُ ٱبْنُ عَبْدِ ٱلْمُطَّلِبِ
پيدائش ت. 568 CE
مڪو
وفات ت. 653 CE ( 85 سال)
مدينو
قوميت عرب
پيشو مصالحن جو واپاري
شھرت جو ڪارڻ محمد جو چاچو ۽ عباسي خليفن جو خانداني وڏو
جيون ساٿي *لبابه بنت حارث
  • مسليه
  • فاطمه بنت جنيد
  • ھاجله بنت جندوب
  • تڪانه
ٻار ٻچا *الفضل بن عباس
ماءُپيءُ *عبدالمطلب
۽ نتيله بنت جناب
رشتيدار حضرت محمد صه

خاندان سنواريو

سندس تعلق مڪي جي بنو ھاشم قبيلي سان ھيو. عبدالمطلب جو سڀ کان ننڍو پٽ ھيو. سندس والده جو نالو نتيله بنت جناب جنھن جو تعلق نمير قبيلي سان ھيو[3]

شاديون ۽ اولاد سنواريو

حضرت عباس رضه کي پنج زالون ھيون جن ۾ بنو ھلال قبيلي جي لبابه بنت حارث پڻ شامل ھئي جنھن کي ام الفضل پڻ سڏيندا ھئا جيڪا اسلام قبول ڪندڙ ٻيون نمبر عورت ھئي ۽ حضرت خديجه رضه جي سھيلي ھئي. ھن ابولھب تي خيمي جي لڪڙي سان حملو ڪيو ھو[4]. سندس ٻين زال قريش جي الحارث پاڙي سان تعلق رکندڙ فاطمه بنت جنيد ھئي[5] ٽين زال ھلال قبيلي جي ھاجله بنت جندوب ابن ربيعه ھئي[6] چوٿين زال مسليه نالي ھڪ يوناني ٻانھي ھئي[7][8]. پنجين زال يھودين جي بنوقريضه قبيلي جي تڪانه ھئي جيڪا پھرين حضرت محمد صه جي ٻانھي ھئي ۽ ساڻس حضرت عباس رضه 632ع کان بعد شادي ڪئي[9] ان مان کيس ڪا اولاد ڪانه ھئي. سندس ڄاتل اولاد ۾ ڌيءَ الفرہ جنھن جي شادي قتن ابن حارث سان ٿي[10]. پٽن ۾ فضل ابن عباس ، عبدالله ابن عباس، عبيدالله جنھن جي ڌيءَ لبابه جي شادي حضرت علي ڪرم الله وجهه جي پٽ عباس بن علي سان ٿي ھئي جن مان کين ھڪ پٽ عبيدالله ابن عباس بن علي ڄائو جيڪو عبيدالله ابن عباس جي نالي سان مشهور ٿيو. عباس بن عبدالمطلب جي ٻي اولاد ۾ قثوم، معبد، عبدالرحمان ۽ ان حبيب شامل آهن. فرہ کي ڇڏي ڪري باقي ست پٽ ڌيئر لبابه جي بطن مان پيدا ٿيا[11]. ھڪ پٽ حارث ھيو جيڪو چوڻ ۾ اچي ٿو ته فاطمه يا ھاجله مان ڄائو[6] ٻي اولاد ۾ اوون [12]، مشير [13]، ڪثير جيڪو مسليه مان ھو[14]، آمنه جيڪا شايد مسليه مان ھئي[7][15]، صفيه جيڪا پڻ شايد مسليه مان ھئي[7][15]، تمام جيڪو مسليه مان سندس ننڍو پٽ ھيو شامل آهن[14].

اسلام ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ سنواريو

والد جي وفات بعد زمزم جي کوھ جي سنڀال ۽ حاجين ۾ پاڻي جي ورھاست جي ذميداري مٿس رکي وئي[16]. پاڻ مڪي ۾ مصالحن جو ڪاروبار ڪندو ھيو[17]ان واپار مان ھي دولتمند ٿي ويو[18].بدر جي جنگ ۾ ھي مڪي وارن جي لشڪر ۾ شامل ٿي مسلمانن سان وڙھيو ۽ گرفتار ٿي ويو. حضرت محمد کيس تاوان عيوض آزاد ڪرڻ جي اجازت ڏني[19]. ابن ھشام مطابق عباس بدر جي جنگ کان اول مخفي طور تي اسلام قبول ڪري چڪو هو [20] اھا روايت پڻ آهي ته بدر جي جنگ کان ٿورو بعد مسلمان ٿيو ھو[21]. باقي ٻين روايتن مطابق ته ان فتح مڪه کان ٿورڙو اڳ اسلام قبول ڪيو هو ۽ سندس زال لبابه بنت حارث ويھ سال بعد مسلمان ٿي[22].

اسلام قبول ڪرڻ بعد سنواريو

فتح خيبر کان اڳ اسلام قبول ڪيو ھئائين، پر فتح مڪي کان پوءِ ان کي ظاهر ڪيائين[1]. فتح مڪه وقت ھي مسلمان فوج ۾ شامل ھيو، ان کان سواءِ ھن حنين واري جنگ طائف جي محاصري ۾ پڻ مسلم فوج ۾ شرڪت ڪئي. حنين جي جنگ ۾ جڏھن مسلمان فوجي ويڙھاڪ پيغمبر صه جن کي ڇڏي ڀڳا تہ ھي اتي سندس حفاظت ڪندڙن ۾ شامل ھيو.[23] ان بعد عباس رضه پنھنجي خاندان کي مديني وٺي آيو ۽ اتي رھائش اختيار ڪيائين. پيغمبر صه ان جي گھر ۾ اڪثر چڪر لڳائيندو ھيو[24] حضرت عباس رضه تبوڪ جي جنگ ۾ پڻ شرڪت ڪئي[23].

وفات سنواريو

رمضان شريف 32ھ ۾ عثمان بن عفان جي واقعي کان اڳ وفات ڪري ويا. سندن قبر بقيع ۾ آهي[1]. سندس وفات فيبروري 653ع ۾ 85 سالن جي عمر ۾ ٿي[25][26]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 [ http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Sufism/Book14/Book_page3.html] ڪتاب: معيار سالڪان طريقت ؛ ليکڪ: مير علي شير قانع ٺٽوي؛ مترجم: شيخ محمد حسن يحي قريشي ٿريچاڻوي
  2. Huston Smith, Cyril Glasse, The new encyclopedia of Islam, Walnut Creek, CA: AltaMira Press, ISBN 0-7591-0190-6  Unknown parameter |url-access= ignored (مدد)
  3. al-Tabari, Muhammad ibn Jarir (1998). Tarikh al-Rusul wa'l-Muluk: Biographies of the Prophet's Companions and Their Successors. 39. Albany: State University of New York Press. p. 24. 
  4. Roded, Ruth, Women in islamic biographical collections : from Ibn Saʻd to Who's who. P37-38, Boulder u.a.: Rienner, ISBN 1-55587-442-8 
  5. Ibn Hajar, Isaba vol. 8 #11586.
  6. 6.0 6.1 Ibn Hajar, Isaba vol. 2 #1904.
  7. 7.0 7.1 7.2 Ibn Saad, Tabaqat vol. 4. “Al-Abbas ibn Abdalmuttalib.”
  8. Beheshti, M. (1967). Background of the Birth of Islam, chapter 5. Translated by Ayoub, M. M. (1985). Tehran: International Publishing Co.
  9. Majlisi, Hayat Al-Qulub vol. 2. Translated by Rizvi, A Detailed Biography of Prophet Muhammad (saww), p. 1180.
  10. Ibn Hajar, Isaba vol. 5 #7129.
  11. Tabari (Landau-Tasseron) p. 201.
  12. Ibn Hajar, Isaba vol. 5 #6279.
  13. Ibn Hajar, Isaba vol. 6 #8329.
  14. 14.0 14.1 Tabari (Landau-Tasseron) vol. 39 pp. 75-76.
  15. 15.0 15.1 See also Majlisi (Rizvi) p. 1208.
  16. Ibn Ishaq, Sirat Rasul Allah. Translated by Guillaume, A. (1955). The Life of Muhammad, p. 79. Oxford: Oxford University Press.
  17. Ibn Ishaq/Guillaume, p. 113.
  18. Ibn Ishaq (Guillaume) pp. 309-310.
  19. Wahba, al-Mawardi Translated by Wafaa H, The ordinances of government = Al-Aḥkām al-sulṭāniyya w'al-wilāyāt al-Dīniyya, Reading: Garnet, ISBN 1-85964-140-7 
  20. Ibn Ishaq (Guillaume) p. 309.
  21. Annotated, The history of al-Ṭabarī = (Taʼrīkh al-rusul wa'l mulūk), Albany: State University of New York Press, ISBN 0-7914-2820-6 
  22. Ibn Ishaq (Guillaume) pp. 546-548.
  23. 23.0 23.1 Tabari (Landau-Tasseron) pp. 24-25.
  24. Ibn Saad, Tabaqat vol. 8. Translated by Bewley, A. (1995). The Women of Madina, p. 194. London: Ta-Ha Publishers.
  25. Tabari (Landau-Tasseron) vol. 39 p. 25.
  26. Faruk Aksoy, Omer Faruk Aksoy, The blessed cities of Islam, Makka-Madina, Somerset, NJ: Light Pub., ISBN 1-59784-061-0