ناوليٽ __(Novelette):

انسائيڪلو پيڊيا اک براٽنيڪا موجب ناول ان ڪھاڻيءَ کي چئجي ٿو، جيڪا ٻن لکن لفظن ۽ گھٽ ۾ گھٽ اڍائي سؤ صکحن تائين ڦھليل ھجي. ان کان گھٽ واري ڪھاڻيءَ کي ”ناوليٽ“ چيو وڃي ٿو. دراصل ناول ۽ ڪهاڻيءَ جي انفرادي خصوصيتن جي ميلاپ سان جيڪا صنف وجود ۾ ائي، ان کي ناوليٽ چئجي ٿو. ھن ۾ ناول وارا سڀ ترڪيبي جزا موجود ھوندا اھن. ناول جي ڊيگھھ بدران ان ۾ ڪهاڻيءَ کان ٿوري وڌيڪ ڊيگھھ هوندي اھي. ناوليٽ جو دائرو ننڍو ٿئي ٿو. انڪري ناول نگار ٿورن لفظن ۾ گھڻو مفھوم سمائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ناوليٽ لاءِ ناول نگار کي زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ گهڻي ڄاڻ هئڻ ۽ لکظن جي جوڙجڪ جي مهارت حاصل هئڻ گهرجي. [1].

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي