نارنگي
نارنگي (انگريزي: Orange؛ عربي: برتغال)، ھڪ ميوو آھي جنھن جو رنگ بہ نارنگي ھوندو آھي. نارنگيءَ ۾ صحت لاءِ ڪيترائي جن ۾ نظر جي بھتري ھڪ آھي. هي ميوو هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ پيدا ٿئي ٿو. يورپ ۾ ته هن جا تمام گهڻا قسم آهن، مگر هندستان ۾ ٽن چئن قسمن کان وڌيڪ پوکڻ ۾ نه ايندو آهي. سلِهٽ جون نارنگيون مشهور آهن، جن کي چيني نارنگيون به چوندا آهن. اهي گول ۽ سنهڙيءَ کل واريون ٿينديون آهن. ٻيون وري گُهنجن واريءَ ٿلهيءَ کل سان آهن، جي قد جون وڏيڙيون ٿين ٿيون. اهي مٿين پرڳڻن ۽ دکن ۾ عام آهن. ٻيون انهن کان ننڍيون ۽ ساديون به ٿين ٿيون.[1]
فصل
سنواريونانگپور ۾ تمام چڱيون نارنگيون ٿينديون آهن. اتي وڻ به ويهن پنجويهن فوٽن جيڏا ٿا ٿين ۽ ويڪرائيءَ ۾ به ايڏا ئي ٿا ٿين. انهن ۾ ايترو ڦر ٿو ٿئي جو ٽارين کي ٿوڻيون ۽ ٽيڪون ڏئي ڇڏيندا آهن، ته متان بار جي ڪري ڀڄي پون. هي پيوند ڪرڻ سان ٿينديون آهن. ليمي يا سنگتڙي جي وڻ تي پيوند ڪبو آهي. ٽئين ورهيه اهو وڻ ڦرڪندو آهي. نانگپور ۾ نارنگيون فيبروريءَ ۽ مارچ ۾ ٻور جهلينديون آهن، جون ۽ جولاءِ ۾ ميوو پچائينديون آهن. وري جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ٻور جهلينديون آهن ۽ مارچ تائين سندن ڦر هلندو آهي. مينهن کانپوءِ آڪٽوبر ۾ پاڙون چئن فوٽن جيتريءَ ويڪر ۾ ۽ فوٽ کن اونهيون کولي ڇڏيندا آهن. سنهڙيون سنهڙيون تندون وڍي ڇڏيندا اٿن ۽ ٻن هفتن کانپوءِ انهن کڏن ۾، پراڻو ۽ سڙيل ڳائو پاڻ يا ڪچرو وجهي ڀري ڇڏيندا آهن.[2] جڏهن نارنگيءَ جو وڻ پنجن ڇهن ورهين جو ٿيندو آهي، تڏهن هڪڙي قسم جو ڪينئون لڳندو اٿس، جو ٽارين جي هيٺان ڏانڊين ۾ ٽُنگ ڪري وڃي ٿو ۽ انهن کي ساڙيو وجهي. انهيءَ جو چڱو علاج اهو آهي ته انهيءَ ڪيئين جي سوراخ ۾ هِڱ تيل ۾ ڪاڙهي وجهجي، پوءِ ڪنهن ڪنڊي يا ٽاچنيءَ سان ڪينئون ڪڍي وٺجي. ولايتي نارنگيون آڻي مالٽا مان لکنئوءَ ۾ پوکيون اٿن. اهي چڱيون ٿينديون آهن. نارنگيءَ جي لاءِ زمين ۾ چن چڱو آهي. تنهنڪري جنوريءَ ۾ ڇانگ ڪرڻ کانپوءِ پاڙن ۾، چن يا پراڻو گچ وجهي ڇڏجي. مارچ، اپريل ۽ مئي مهينن ۾ ججهو پاڻي ڏيڻ گهرجي.[3] نارنگيون قلمن سان توڙي پيوند ڪرڻ سان ٿينديون آهن. ليمي جي وڻ تي نارنگيءَ جي اک هڻڻ جو سڀ کان سولو رستو آهي. ٻج پندرهن ڏينهن جي اندر ڦُٽي ٿو ۽ پهرئين ئي سال انهن تي اک جو پيوند ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ ڪم لاءِ فيبروري ۽ مارچ چڱو وقت آهي. ٻج فيبروريءَ ۾ پوکڻ گهرجي.[4] نارنگيءَ جي وڻ ۽ ميوي مان ٽن قسمن جو تيل نڪري سگهي ٿو: پنن مان ڪڙي قسم جو، گلن مان ٻئي قسم جو ۽ ميوي جي کل مان ٽئين قسم جو. نارنگيءَ جي ميوي ۾ جا رس رهي ٿي، تنهن ۾ کنڊ جو جزو گهڻو پيل آهي. انگور جي برعڪس ان ۾ معدني شيون ٿوريون آهن، مگر انگور وانگي ان جي رس کي ڪِني ڪرڻ ۽ جوش ڏيارڻ مان هڪڙو چڱو شراب نڪري سگهي ٿو. نارنگين کي ڀاڻ ڏيڻ ۾ گهڻي کڙ وجهڻ گهرجي. کڙ ڏيڻ جي ريت اسان مٿي انگور جي بيان ۾ ڏني آهي. نارنگيءَ وارن ٻارن ۾ زمين منجهه چن هئڻ چڱو آهي، جو ڇيڻي يا لِڏ سان گڏي وجهڻ گهرجي. نارنگيءَ جو هڪڙو وڻ ٻئي کان ارڙهن انچ پري هئڻ گهرجي. انهيءَ جي وچ ۾ ننڍن ککڙن وارن ميون جا وڻ، جهڙوڪ ڦاروا وغيره پوکي ٿا سگهجن.[5] هڪڙو نارنگيءَ جو قسم، جو اصل چين جو آهي ۽ جنهن کي هندستاني ڪم قوت ڪري سڏيندا آهن، سو ته لچيءَ جيڏو ننڍڙو ٿو ٿئي. هندستان ۾ ڪن هنڌن تي گهڻو ٿيندو آهي. نارنگيءَ کي انگريزيءَ ۾ آر ينج چوندا آهن.[6]
نارنگي Orange
”اصغر ساگر“
دنيا جو سڀ کان بھترين ميوو نارنگي۔ ڪيلرين ۾ گهٽ ۽ وٽامنن سان مالا مال آھي گڏ گڏ ذائقي سان ڀرپور آھي.
نارنگي مالٽي جو قسم آھي. ھر دل کي خوب وڻي ٿو ۽ سڀ کان وڪرو ٿيندڙ ميوو آھي. نارنگي کٽي ٿئي ٿي تہ مٺي بہ.
نارنگي ۾ وٽامن سي موسمي بيمارين ۽ ڇوتن خلاف مزاحمت پيدا ڪري ٿي جيڪا تڪسيدي جزن کي ختم ڪري ٿي جيڪي ڪينسر جو سبب ٿين ٿا.
نارنگي ۾ قدرتي طور تي وٽامن سي Vitamin C ۔ نشاستو Carbohydrate ۔ تاندور Fiber ۔ وٽامن اي Vitamin A ۔ ٿيمن Thiamin ۔ فاسفورس Phosphat ۔ فوليٽ Folate ۔ ٽامو Copper ۔ فلوڏ Flavonoid ۽ پوٽيشم Potassium شامل ٿين ٿا. ھن ۾ بي شمار فائدا ٿين ٿا. ھي فرحت بخش ٿئي ٿي. نارنگي کي سياري جو ميون ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ھن جو رس ۔ ھن جون ڦاڪون ۽ ھن جي کل سڀ صحت لاء بھترين آھن. نارنگي نظر کي تيز ڪري ٿي. ھن ۾ موجود وٽامن اي ۽ پوٽيشم اکين جي جوت وڌائن ٿا ۽ اکين جي ھيٺان ڪارا ٽڪا ختم ڪن ٿا. نارنگي ڊينگي بخار کي ھٽائڻ ۾ مددگار آھي ۽ جسم مان ڊينگي جي زھر کي ڪڍي ٿي. چمڙي جي ماھرن مطابق نارنگي جي کل کي ڇانو ۾ سڪائي ڪٽي پائوڊر ڪري ماکي ۽ کير ۾ ملائي منھن تي مک ڪرڻ سان چھري جي داغ ۽ ڌٻا دور ٿي وڃن ٿا.
نارنگي ۾ موجود وٽامن سي جسم ۾ مدافعتي سرشتي کي مضبوط ڪري ٿي وٽامن سي کي ايسڪاربڪ ايسڊ Ascorbic acid بہ چئبو آھي. وٽامن سي تڪسيد روڪ Antioxidant طور ڪم ڪري ٿي ۽ تڪسيدي جزن Free radicals کي بنجڻ نٿي ڏئي. ھي تيزاب ڪولاجن جو اھم جزو آھي ۽ انساني جسم ۾ نون بافتن Tissues جي پيداوار ۾ مدد ڏئي ٿو.
لائڪوپين رکندڙ:-
حال جي تحقيق مطابق نارنگي ڪينسر لاء مفيد آھي. آمريڪي سائنسدانن مطابق ميون ۽ سبزين جو ڳاڙھو يا ان سان ملندڙ رنگ ۾ لائڪوپين ٿئي ٿو. نارنگي ۾ پڻ لائڪوپين ٿئي ٿو جنھن جي استعمال سان سيني ۽ رحم جي ڪينسر جا خطرا 40 سيڪڙو گهٽجي وڃن ٿا. نارنگي کائڻ ڪري جسم کي گرمي پھچي ٿي ۔ اعصابي نظام کي طاقت ملي ٿي ۽ خون صاف ٿئي ٿو جنھن جي ڪري جسم ۾ ڪينسر جا سبب نٿا رھن.
چمڙي ۽ وارن کي تر رکندڙ:-
ھن ميوي ۾ وٽامن سي جي مناسب مقدار جسم جي دفاعي نظام کي مضبوط ڪري ٿي پر ھڪ پروٽين ڪوليڳ Collagen جي مقدار کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي جيڪا وارن ۽ چمڙي لاء تمام ضروري آھي. نارنگي ۾ وٽامن سي ڀرپور ھئڻ ڪري ھن ۾ وٽامن اي ٿئي ٿي جيڪا وارن کي تر رکي ٿي.
دماغ کي طاقت ڏيندڙ:-
نارنگي ۾ موجود جز پوٽيشم ۔ وٽامن بي 9 ۽ دافع تڪسيد دماغ لاء مفيد ڄاتا وڃن ٿا. پوٽيشم دماغ طرف رت جي وھڪ جاري رکڻ ۽ اعصابي سرگرمين کي وڌائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. نارنگي ۾ وٽامن بي عمر وڌڻ سان دماغي تنزلي کي روڪي ويسر جھڙي مرض کان بچائي ٿي. ان کان سوا نارنگي ۾ موجود وٽامن بي 6 الٽي ۽ آتن کي روڪي ٿي.
پيٽ وارين عورتن لاء مفيد:-
ھن ۾ موجود وٽامن ۽ فولڪ ايسڊ حمل دوران فائديمند ثابت ٿين ٿا. فولڪ ايسڊ جي کوٽ جي ڪري پيدائشي ٻارن جي وزن ۾ کوٽ ٿي وڃي ٿي.
شريانين کي تر رکندڙ:-
نارنگي وٽامن بي 6 ۔ وٽامن سي ۔ پوٽيشم ۽ تاندور ھجڻ ڪري دل جي صحت بھتر رھي ٿي. پوٽيشم جي ڪري رت جي شريانين وھڪ بھتر نموني رھي ٿي. ھن جي کائڻ سان دل جا مرض ۽ فالج جا امڪان گهٽجي وڃن ٿا ۽ موت جو 49 سيڪڙو خطرو گهٽ ٿي وڃي ٿو.
معدي کي مضبوط ڪندڙ:-
نارنگي ۾ تاندورا پاتا وڃن ٿا جيڪي قبضي ۔ بدھضمي ۽ ٻين عارضن جي روڪ ڪن ٿا ۽ معدي جي اصلاح ڪن ٿا.
بي پي کي وچٿرو رکندڙ:-
نارنگي ۾ پوٽيشم رت جي رڳن کي نرم رکي ٿو ۔ رڳن ۾ لچڪ پيدا ڪري ٿو ۔ وھڪ کي يقيني بنائي ٿو ۽ بي پي کي وچٿرو رکي ٿو.
موسمي مرضن سان وڙھندڙ:-
ھن ميوي ۾ موجود وٽامن سي جسماني دفاعي نظام کي بھتر ڪري ٿي ۽ موسمي بيمارين ۽ ڇوتن جي خلاف مزاحمت ڪري ٿي ۽ ڪينسر جو سبب ٿيندڙ آزاد آڪسن جو سبب بنجي ٿي.
ڪينسر جي روڪ ڪندڙ:-
نارنگين ۾ موجود تڪسيد روڪ گهرڙن ۽ ڊي اين کي ٽٽڻ کان روڪن ٿا جيڪي ڪينسر جو سبب بنجن ٿا ڪيترن مطالعن مان معلوم ٿيو آھي تہ نارنگي آنڊن جي ڪينسر لاء مفد آھي. حال جي تحقيق مطابق نارنگي ڪينسر لاء مفيد آھي. آمريڪي سائنسدانن مطابق ميون ۽ سبزين جو ڳاڙھو يا ان سان ملندڙ رنگ ۾ لائڪوپين ٿئي ٿو. نارنگي ۾ پڻ لائڪوپين ٿئي ٿو جنھن جي استعمال سان سيني ۽ رحم جي ڪينسر جا خطرا 40 سيڪڙو گهٽجي وڃن ٿا. نارنگي کائڻ ڪري جسم کي گرمي پھچي ٿي ۔ اعصابي نظام کي طاقت ملي ٿي ۽ خون صاف ٿئي ٿو جنھن جي ڪري جسم ۾ ڪينسر جا سبب نٿا رھن.
جسم مان زھريلا مادا خارج ڪندڙ:-
نارنگي جي کائڻ سان زھريلا مادا خارج ٿي وڃن ٿا ۔ جسم ۾ رطوبت اچي ٿي ۔ تازگي جو احساس پيدا ٿئي ٿو.
وزن گهٽ ڪندڙ:-
سردين ۾ بغير ڊائيٽ جي صرف نارنگي کائي پنھنجو وزن گهٽ ڪري سگهجي ٿو. نارنگي جسم جون ضرورتون پوريون ڪري بک جو احساس ختم ڪري ٿي ۽ بار بار ٻين شين کائڻ جي تمنا نٿي رھي.
پت Cholesterol گهٽ ڪندڙ:-
نارنگي ۾ سفيداڻ Pectin ۽ ليموڻ Lemonene جھڙا جز پت جي سطح کي معمول تي رکن ٿا ۽ وڌڻ کان روڪن ٿا.
بڪين جي مرضن کان حفاظت ڪندڙ:-
نارنگي جو رس جسم ۾ کٽ Citrus جي مقدار ۾ اضافو ڪري ٿو جنھن سان گردن ۾ پٿري جا امڪان گهٽ ٿي وڃن ٿا. روزانو نارنگي کائڻ سان جسم جا ڪيترائي مرض دور ٿي وڃن ٿا.
نزلي زڪام کان دور ڪندڙ:-
نارنگي کٽي ھئڻ ڪري نزلي زڪام کان دور ڪري ٿي ۽ وٽامنن سان ڀرپور ھئڻ ڪري وائرسي وچڙ کان بچائي ٿي.
ڳڻتي ختم ڪندڙ:-
نارنگي جتي فضا کي معطر ڪري ٿي اتي ھن کي ڏسڻ سان دل خوش ٿي وڃي ٿي. سائنسدانن جي تحقيق مطابق نارنگي کي سنگهڻ سان ستر سيڪڙو ڳڻتي ختم ٿي وڃي ٿي يا ھڪ نارنگي کائڻ سان ستر سيڪڙو ڳڻتي ختم ٿي وڃي ٿي.
اڃ ختم ڪندڙ:-
نارنگي جيري جي صفرا ۽ گرمي ختم ڪندڙ آھي. جن ماڻھن کي گهڻي اڃ لڳي ٿي اھي نارنگي کائن. نارنگي کائڻ سان خشڪي Dehydration ختم ٿي ويندي ۽ جسم ۾ تراھٽ Hydration اچي ويندي.
نوٽ:-
شڳر وارن کي نارنگي کائڻ ۾ احتياط ڪرڻ کپي.
نارنگي کائڻ وقت لوڻ استعمال نہ ڪجي ڇوجو ھي پت کي خارج ڪري بي پي کي گهٽ ڪندڙ آھي.
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.
- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو