نار ، چرخي انگريزي (Water wheel) يا (انگريزي: Persian Wheel) (عربي ۾ ساقيه) (لاطيني ٻولي:tympanum[1]) آڳاٽي وقت ۾ سنڌ ۾ مٿانهين زمين تي فصل پوکڻ لاء آبپاشي جو نظام گهڻو ڪري نار وسيلي هوندو هو. ڪچي توڙي پڪي ۾ واهن، ڪسين يا کوهن تي نار چاڙهي نارن وسيلي پاڻي کڻي زمين سيراب ڪري آبادي ڪئي ويندي هئي.[2] اول ڪاٺ جا نار هوندا هئا پر پوءِ لوهه جا نار ڪم اچڻ شروع ٿيا. نارن ۾ اٺ، ڏاند يا ڪٿي ٻيا جانور به جوٽيا ويندا هئا.نار ۾ ڍينگو ٿئي جنهن ۾ لوٽا ٻَڌبا هئا جنهن کي مالهه چئبو هو. وڏي چڪر به هوندي هئي جيڪا پِڙُ تي لڳل هوندي ۽ اها ڍينگي جي ننڍي چڪر ۾ ڦاسندي هئي ۽ ان وڏي چڪر ۾ مٿان ڪاٺ جي ڳاڌي وڌي ويندي هئي جنهن ۾ جانور جوٽيا ويندا هئا. وڏي چڪر ڍينگي جي چڪر کي چوريندي هئي ته ڍينگو ڦرڻ لڳندو هو.چڪر ۾ رسو ٻَڌبو هو جنهن کي ڪڍ چئبو هو جيڪا ڳاڌي ۾ ٻڌبي هئي ۽ ان جو ٻيو پاسو ڍڳن جي جوٽ وقت پاڃاري سان ۽ اُٺ جي جوٽڻ وقت ان جي پٺي جي اڳئين حصي ۾ ٻَڌبي هئي. هڪڙا نار سورهيا ٿيندا هئا ۽ ٻيا ارڙهيا. سورهيا جنهن جنهن جي مالهه ۾ سورنهن لوٽا فڪس ايندا هئا ۽ ارڙهيا جنهن ۾ ارڙهن لوٽا فڪس ايندا هئا. فڪس لوٽن واري کي ٻائڙ ٻَڌو يا ٻاڙوڌو چئبو هو جيڪو لفظ شاهه لطيف به پنهنجي شاعري ۾ ڪم آندو آهي. نار جو پاڻي اول پاڙڇ يا پاڙڇي ۾ پوندو هو. پاڙڇي کان پاڻي نيسر وسيلي آڏ ۾ پوندو هو ۽ آڏ ذريعي پاڻي وهي زمينون سيراب ڪندو هو. [3]هُرلي يا نار جي ڍيڍيءَ ۾ لڳل اُڀين ڪاٺين کي اوڀارا سڏيو ويندو آهي. ڍيڍيءَ جو ڪم -ڀانڊي- کي ڦيرائڻ آهي، جنهن جي ڦرڻ سان مالهه ۾ ٻڌل لوٽا يا ڪنگريون پاڻيءَ سان ڀرجي نيسر ۾ پونديون.[4]

1905 ۾ نڪتل نار يا پرشين ويل جو ڦوٽو

مشھور عرب انجنيئر بديع الزمان أَبُ اَلْعِزِ إبْنُ إسْماعِيلِ إبْنُ الرِّزاز الجزري (جنم: 1136 ۽ وفات: 1206 عيسويءَ ۾ )‎ پڻ نار جي ھڪ قسم جي مشين ايجاد ڪئي ھئي جنھن م لوٽن جي لڙھ کوھ ۾ ڦيرائي پاڻي ڪڍبو ھيو. نار جي ٻئي قسم م وري لوٽن جي لڙھ بدران لوٽا ڦيٿي جي چوڌاري ٻڌل ھوندا آھن.

الجزري واري نار جو نقشو
  1. "Water lifting devices". حاصل ڪيل 28 May 2016. 
  2. "نار | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-10-15. 
  3. "Sindhi Adabi Board Online Library (Lasaniyat)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-08-21. 
  4. اوڀارا : (Sindhianaسنڌيانا)