هُرلي يا نار جي ڍيڍيءَ ۾ لڳل اُڀيون ڪاٺيون. ڍيڍيءَ جو ڪم ڀانڊي کي ڦيرائڻ آهي، جنهن جي ڦرڻ سان مالھہ ۾ ٻڌل لوٽا يا ڪنگريون پاڻيءَ سان ڀرجي نيسر ۾ پونديون.[1]

نار لڳ نظر ايندڙ اڀيون ڪاٺيون يا اوڀارا


اوڀارو ٻوڙ يا ٻاڙوڌو ٻوڙ وهڻ. نار يا هرلي جي وهُڪ. نار جو اُهو چڪرو، جنهن کي ”ڀانڊو“ چوندا آهن، ان جي مالھہ ۾ پاڻي ڪڍڻ لاءِ لوٽا يا ڪنگريون ارڙين ۽ رسن سان ٻڌل هونديون آهن، لوٽا جيڪڏهن تڙ واري پاڻيءَ ۾ فوٽ ٻہ فوٽ ٻُڏي وهندا آهن، تہ ان حالت ۾ چوندا تہ هُرلو ”ٻاڙوڌو“ يا ”ٻاتڙ ٻوڙ“ پيو وهي، پر جيڪڏهن پاڻي گهٽ ٿي هُرلي جي ڀانڊي کي ڇڏي هيٺ لهي ويندو تہ پوءِ چوندا تہ نار ”ڇاڙهو“ يا ”ٽنگڙ“ ٿي پيو وهي. ڇاڙهي يا ٽنگڙ جي حالت ۾ نارُ پاڻي بہ گهٽ ڪڍندو ۽ وَهڪ ۾ بہ ڳرو ٿي پوندو آهي. ان جي برعڪس هرلو ٻاڙوڌو يا ٻاتڙ ٻڌو پيو وهندو تہ اهو وهڻ ۾ بہ هلڪو ٿي پوندو ۽ پاڻي بہ گهڻو ڪڍندو. جيئن تہ هرلو ٻاڙوڌو صرف انهيءَ صورت ۾ وهي سگهندو، جنهن صورت ۾ پاڻي گهڻو هوندو ۽ ان جي سطح مٿي هوندي، تنھنڪري ”اوڀارو ٻوڙ“ يا ”ٻاڙوڌو ٻوڙ“ جو اصطلاح گهڻائيءَ ۽ افراط جي معنيٰ ۾ ڪم ايندو آهي. اهڙيءَ طرح ”پاڻيءَ سانگهارو ڪيو“ يعني پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ جي ڪري، اُن جي سطح هيٺ لھي وئي تہ پوءِ هرلو ڇاڙهو وهندو ۽ ان طرح ”سانگهارو ڪرڻ“ جي اصطلاح جي معنيٰ ”ٿورائي، گهٽتائي ۽ ڪمي“ ٿيندي.[2]

سُورن سانگهارو، ڪڏهن تان ڪونہ ڪيو،
آيل! اوڀارو، ٻاڙوڌو ٻوڙ وهي. (شاھ)

حوالا سنواريو