نائديريا(انگريزي: Cnidaria) (/nˈdɛəriə/[4]) يوڪيريئوٽا جي ڪنگڊم اينيميليا جو بڻ يا فائلم جو نالو آهي جنھن ۾ ڏھ ھزار کان مٿي جنسون آهن.[5] ھن فائلم جون جنسون سمنڊ يا تازي پاڻيء ۾ ملنديون آهن. اھي زياده تر سامونڊي جاندار آھن . ھنن جاندارن جي انفراديت ان جي نائڊوسائيٽ نالي مخصوص گھرڙن جي ڪري آھي جن جي مدد سان ھي شڪار کي پڪڙيندا آهن. انھن جي جسمن ۾ ميسوگليا، نالي سان ھڪ بي جان جيلي جھڙو مادو لڳل هوندو آهي جيڪو ايپيٿيليم جي ٻن تھن جي وچ ۾ سينڊ وچ وانگر پيل ھوندو آھي ۽ جن جي ويڪر ھڪ گھرڙي جي قد جيتري ھوندي آھي. انھن جي جسماني شڪل ٻن قسمن جي ٿيندي آهي: ترندڙ ميڊوسا ۽ متحرڪ سيسائيل پولپ. ٻئي شڪليون روشن بناوٽ واريون اٿن جن م انھن جي وات جي چوڌاري سونڍون(انگريزي: tentacles) ھونديون اٿن جيڪي نائڊوسائيٽ پيدا ڪنديون آهن. ٻنھي شڪلين م انھن جو ھڪ جسماني سوراخ ۽ کوپو ھوندو آھي جيڪي ساھ کڻڻ ۽ ھاضمي جي نظام لاءِ ڪم ايندا آهن. ھن بڻ جا جاندار گھڻي ڀاڱي ڪالونيون ٺاھي ھڪٻئي سان چنبڙي ھڪ جسم وانگر رھندا آھن اھي ھڪ مرڪز کان بغير ھڪ ڄار نما تنتي نظام ھيٺ تنتي پيغام وصول ڪندڙ رسيپٽرن(انگريزي: receptors) ذريعي ھڪٻئي سان رابطو قائم رکندي ڪم ڪندا آهن.
نائديريا فائلم کي چئن مکيہ درجن م ورھايو ويو آهي:سيسائيلاينٿوزوئا؛ ترندڙ سائفوزوئا؛ ڪيوبوزوئا؛ ۽ ھائڊروزوئا

نائديريا
Temporal range: سانچو:پنڊپھڻ جو دؤر ايڊياڪاران- تازو
پيسفڪ وارا سامونڊي وڇون, ڪرس آئورا فوسيسنس
سائنسي درجا بندي e fossil_range: If the specified fossil range is a period supported -- by templates {period_start} and {next_period}, then it incorporates -- the specified range into template {Fossil range}, but checking to -- display properly. Otherwise, just passes parameter. --></noinclude>
Unrecognized taxon (fix): نائديريا
ذيلي فائلا

[3]۽ درجا

دٻي جھڙي جيلي مڇي، سامونڊي ککر

ھائڊرائڊ) ، ھائڊرا جھڙا جاندار.

— مفت خور جانور

سچي جيلي مڇي

پيراسائيٽس[2]


حوالا سنواريو

  1. Classes in Medusozoa based on "ITIS Report – Taxon: Subphylum Medusozoa". Universal Taxonomic Services. حاصل ڪيل 2018-03-18. 
  2. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Collins2002PhylogenyOfMedusozoa
  3. Subphyla Anthozoa and Medusozoa based on "The Taxonomicon – Taxon: Phylum Cnidaria". Universal Taxonomic Services. وقت 2007-09-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2007-07-10. 
  4. Dictionary.com Unabridged. Random House, Inc. Cnidaria. Retrieved May 15, 2013.
  5. Zhang, Z.-Q. (2011). "Animal biodiversity: An introduction to higher-level classification and taxonomic richness". Zootaxa 3148: 7–12. http://mapress.com/zootaxa/2011/f/zt03148p012.pdf.