میٽرڪ نظام (Metric system) پيمائش جو ھڪ بين الاقوامي سطح تي متفق اعشاري نظام آھي۔

  ملڪ جاٿي میٽرڪ نظام سرڪاري طور تي عڱٿي چڪو آھي
  ممالڪ جاٿي میٽرڪ نظام سرڪاري طور تي ناھي ٿي چڪو (امريڪا، برما اور لائبيريا)

عشاريه نظام: مفاصلي ماپڻ جو بنيادي -ايڪو- ” ميٽر “ آهي ، جيڪو خط استوا کان وٺي اُتر قطب تائين واري مفاصلي جو هڪ ڪروڙئون حصو آهي ، يعني خط استوا کان وٺي اُتر قطب تائين مفاصلي ۾ هڪ ڪروڙ ميٽر ٿين ٿا . ميٽر جي ڊيگهه عام طرح 37 ء 39 -انچ- آهي . مفاصلي ماپڻ جي -جدول- ۾ 10 ميٽر= ڊيڪا ميٽر ، 100 ميٽر = هيڪٽو ميٽر ، 1000 ميٽر = ڪلو ميٽر ، 1/10 ميٽر = ڊيسي ميٽر ، 1/100 ميٽر = سينٽي ميٽر . نهرين شين جو وزن يا -تور- جي ماپ جو بنيادي -ايڪو- ” گرام “ آهي: 10 گرام = ڊيڪا گرام ، 100 گرام = هيڪٽو گرام ، 1000 گرام = ڪلو گرام ، 1/10 گرام = ڊيسي گرام ، 1/100 گرام = سينٽي گرام ، 1/1000 گرام = ملي گرام . پاڻياٺ وارين شين جي -تور- جو بنيادي پيمانو ” لٽر “ آهي: 10 لٽر = ڊيڪا لٽر ، 100 لٽر = هيڪٽو لٽر ، 1/1000 لٽر = ملي لٽر ، 1/10لٽر = ڊيسي لٽر ، 1/100 لٽر = سينٽي لٽر . ڏهاڪي جي ڳڻپ واري -ان- نظام کي -اعشاريه نظام- چئبو آهي.[1] ميٽرڪ نظام

حوالو سنواريو

حوالا سنواريو