مينار پاڪستان :(انگريزي: Minar-e-Pakistan ) پاڪستان جي شھر لاھور ۾ واقع ھڪ مشھور قومي يادگار جو نالو آهي .[1] ھن مينار جي اڏاوت 1960 ۾ شروع ٿي ۽ 1968 ۾ مڪمل ٿي ۽ ھي مينار ان جاء تي تعمير ڪيو ويو جتي آل انڊيا مسلم ليگ جي ٽي روزہ ڪانفرنس جي اجلاس ۾ 23 مارچ 1940 ۾ پاڪستان جو ٺھراء منظور ڪيو ويو جنھن ذريعي برٽش انڊيا جي حڪومت کان پھريون ڀيرو مسلمانن لاء ھڪ علحدہ رياست جو مطالبو ڪيو ويو ۽ جيڪا رياست بعد ۾ 14 آگسٽ 1947 ۾ پاڪستان جي صورت ۾ قائم ٿي.

مينار پاڪستان
عام معلومات
رتبو پاڪستان جو قومي مينار
قسم ھڪ عوامي يادگار
مڪانيت لاھور, پنجاب، پاڪستان
 پاڪستان
مڪانيت 31°35′33″N 74°18′34″E / 31.5925°N 74.3095°E / 31.5925; 74.3095مڪانيت: 31°35′33″N 74°18′34″E / 31.5925°N 74.3095°E / 31.5925; 74.3095
اڏاوت شروع ٿيڻ جي تاريخ 23 مارچ 1960
مڪمل ٿيل 21 آڪٽوبر 1968
اوچائي
ڇت 62 ميٽر (203 ft)
ڊزائن ۽ تعمير
آرڪيٽيڪٽ نصيرالدين مورت خان
بناوٽي انجنيئر عبدالرحمان نيازي
سروسز انجنيئر ميان عبدالغني
مک ٺيڪيدار ميان عبدالخالق ڪمپني

مينار جي اڏاوت سنواريو

ھن مينار جي اڏاوت جو نمونو ۽ اڏاوت جي تعميراتي نگراني روس ۾ ڄاول پاڪستاني ماھر تعميرات ۽ سول انجنيئر نصيرالدين مورت خان ڪئي. [2] مينار جي پيڙهه جو پٿر 23 مارچ 1960 تي رکيو ويو. مينار جو نمونو مغل فن تعمير ۽ جديد فن تعمير جو سنگم آھي. ان جي تعمير ۾ اٺ سال لڳي ويا ۽ 21 آڪٽوبر 1968 تي ٺھي راس ٿيو. ان جي تعمير ۾ 7,058,000 روپيا خرچ ٿيا جيڪي ويسٽ پاڪستان صوبي جي بجٽ مان ادا ڪيا ويا.

مينار جي بناوٽ سنواريو

مينار جو بنياد وارو چبوترو زمين کان 8 ميٽرن تائين اوچو آهي جنھن جي مٿان 62 ميٽر ڊگھو مينار اڏيل آھي اھڙي طرح زمين کان ان جي اوچائي 80 ميٽر يا 240 فٽ آھي. مينار جو ان چبوتري تي 9 ميٽرن تائين حصو ھڪ کليل گل جو نمونو ظاھر ڪري ٿو.[3] ھن مينار جي اڏاوتي ڪميٽي جي رڪنن ۾ لاھور جي ڊپٽي ڪمشنر مختيار مسعود پڻ شامل ھيو جيڪو ناليوارو ليکڪ پڻ ھيو. ھن مينار جي آرڪيٽيڪٽ مورت خان، اڏيندڙ ڪمپني:. ميان عبدالخالق ۽ ڪمپني ، خدمتن وارو انجنيئر ميان عبدالغني ٻين مشھور عمارتن اڏڻ ۾ بہ نالو ڪمايو جن ۾ لاھور وارو قذافي اسٽيڊيم ۽ بي آر بي ڪئنال پڻ شامل آهي. ھن مينار جي بنياد تي ڏھ سفيد رنگ جون اڪريل عبارتن واريون سنگمرمر جون تختيون لڳل آھن جن تي پاڪستان جو ٺھراء انگريزي، اردو ۽ بنگالي ٻولي ۾ لکيل آھي. ان کان سواءِ انھن عبارتن ۾ دھلي وارو ٺھراء جيڪو 9 اپريل 1946 ۾ پاس ٿيو.ان کان سواءِ قرآن جون آيتون. خدا جا 99 نالا، اردو ۽ بينگالي ٻولي ۾ پاڪستان جو قومي ترانو، محمد علي جناح جي تقريرن جا ٽڪرا ۽ ڪجهه علامہ اقبال جا شعر گلن وارين عبارتن ۾ لکيل آھن.

حوالا سنواريو

  1. Google maps. "Address of Minar-e-Pakistan". Google maps. حاصل ڪيل 23 September 2013. 
  2. Meral Murat Khan. "Remembrance: The man behind the masterpiece". Dawn. http://archives.dawn.com/archives/45887. Retrieved 5 December 2012. 
  3. Amna Jamal (2002) The Pakistan Day memorial. Dawn. 23 March. Retrieved 12 February 2008