مير ايوب خان ڄام

هي لس ٻيلي جي ڄامن جي خاندان مان هو. سندس والد مير ڄام خان ڪالياڻي ٻيو، لسٻيلي رياست جو ڪيئي سال حاڪم رهيو. هن 1888ع ۾وفات ڪئي. هن پنج شاديون ڪيون هيون، جن مان چار فرزند ٿيس: 1. ڄام مير عالي خان، 2. مير يعقوب خان، 3 مير ايوب خان، ۽ 4. مير مقبول خان. پهريون رياست جي گاديءَ تي ويٺو. رياستي سازشن کان محفوظ رهڻ لاءِ مير مقبول خان جي والده باقي ٽنهي فرزندن ۽ نياڻين سميت لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ ويٺي. مير ايوب خان 8 جنوري 1881ع تي لسٻيلي جي شهر ۾ ڄائو هو. سندس ابتدائي تعليم ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ ٿي. پوءِ پنهنجن ٻين ٻن ڀائرن: مير يعقوب خان ۽ مير مقبول خان سان گڏ، کيس ايچيسن ڪاليج لاهور (Aitchison College) ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو، جتي هن ڪيترا انعام حاصل ڪيا. مئڪورٿ ينگ بڪرم ميڊل، 1900ع ۾، لارڊڪرزن کان مليس. 1903ع ۾ انگلينڊ ويو ۽لنڪنس ان ( Lincoln's Inn) مان بئريسٽريءَ جي ڊگري وٺي آيو. 1906ع ۾ سنڌ ۾ واپس اچڻ بعد 1908ع ۾ کيس پروبيشنري ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو ؛ پر ڇهن مهينن کان پوءِ نوڪري ڇڏي اچي ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. سال کن پرئڪٽس ڪيائين، پر آخر اها به ڇڏي، رياست طرفان مقرر ڪيل پينشن تي گذر ڪرڻ لڳو. ۽ 1914ع کان 1927ع تائين ايران جو وائيس ڪائونسل ٿي رهيو. اعليٰ تعليم يافته هئڻ ڪري، کيس سرڪار طرفان ڪيترن ئي مختلف ادارن تي نامزد ڪيو ويندو هو، جن ۾ پوري وقت تي حاضر ٿي پنهنجا فرض سرانجام ڪندو هو. 1. ڪراچي ميونسپالٽيءَ تي پهرين آڪٽوبر 1910ع ۾ نامزد ٿيو ۽ 28 سالن تائين خدمت ڪندو رهيو. 2. ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر نامزد ٿيو. 3. سنڌ مدرسه بورڊ جو پنجويهه سال ميمبر رهيو ۽ ڪجهه وقت پريزيڊنٽ به رهيو، 4. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو ٽرسٽي ۽ ڪجهه وقت وائيس چيئرمين رهيو، 5.سنڌ ڪالجئٽ بورڊ جو ميمبر رهيو. 6. ليڊي ڊفرن اسپتال جو صلاحڪار ميمبر رهيو. 7روٽري ڪلب جو پريزيڊنٽ رهيو. 8 ڪراچي ڪلب جو ميمبر رهيو. 9 فري ميسنري جو ميمبر رهيو. 10انجمن ترقيءَ اردو جو ميمبر رهيو. 11 ينگ مينس مسلم ايسوسيئيشن جو ميمبر رهيو. 12. مسلم جيمخاني جو ميمبر ۽ پريزيڊنٽ ٿي، گهڻي وقت تائين، مختلف حيثيتن ۾ خدمت ڪيائين. 13. 1913ع ۾، آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جي اٺاويهين اجلاس جي مرحبائي ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿي، ان جي ڪاميابيءَ لاءِ ڪوشش ڪيائين ۽ اجلاس ۾ جن سنڌي ميمبرن ٺهراءَ پيش ڪري ڳالهايو هو، انهن مان هڪ هو. 14. پنجن سالن تائين ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جو آنرري سيڪريٽري به رهيو، ۽ ”سنڌ هلال احمر سوسائٽي“ جو چيئرمين ٿي ڪم ڪيو هئائين، جنهن ترڪن کي بلقان ۽اٽليءَ جي جنگين وقت چندو گڏ ڪري مدد ۾ موڪليو هو. 15 جن ڏينهن ۾ ضلعي لوڪل بورڊ جا پريزيڊنٽ ڪليڪٽر هوندا هئا، 1921ع ۾ هن ضلع لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ ٿي ڪم ڪيو. 16. ڪراچي ميونسپالٽي ۽ ”وار ليگ“ جو به وائيس پريزيڊنٽ رهي چڪو هو. 17. ٻه دفعا ڪراچي ميونسپل اسڪول بورڊ جو چيئرمين ٿي رهيو هو. 18. جڏهنآل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جو اجلاس 1919ع ۾ خيرپور ميرس ۾ ڪٺو ٿيو هو، تڏهن هن کي ان جو آنرري سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو. 19 فري ميسنري جي لاج هارموني جو پاسٽ ماسٽر ۽ لاج ٽيمپرنس ۽ بينيوولنس جو پايو وجندڙ هو. 20 ڏهن سالن تائين ڪراچيءَ ۾ آنرري فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ ٿي ڪم ڪيائين. 21. 1915ع ۾، بمبئي سرڪار کيسلوڪل بورڊ ائڪٽ ۾ درستين ڪرڻ لاءِ ماهرن جي ڪميٽيءَ تي مقرر ڪيو هو. هن سڄي عمر شادي نه ڪئي . علم ادب سان خاص دلچسپي هيس. اردو انگريزي ۽ پارسي شعرن جو بي انداز ذخيرو ياد هوندو هوس. جو تقرير ۽ گفتگو وقت مناسب موقعي تي پيش ڪندو هو. رنگين سوسائٽيءَ ۽ راڳ سان ڏاڍو شوق هوندو هوس. انگريزي ۽ اردو زبان ۾ فصاحت سان تقرير ڪندو هو. اردو فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ شعر به چوندو هو. جڏهن به ڪا خاص مجلس ٿيندي هئي، تڏهن مير صاحب کي شريڪ ٿيڻ ۽ تقرير ڪرڻ لاءِ ضرور عرض ڪيو ويندو هو. سندس ٻه همشيرائون ڪوٽڙيءَ وارن مَلڪن، خان صاحب شاهنواز خان ۽ خانصاحب شير دل خان جي گهرن ۾ هيون. مير ايوب خان 5 مارچ 1945ع مطابق، 11 ربيع الآخر 1364ھ تي وفات ڪئي. ڪراچيءَ جي ميوا شاھ جي مقام ۾ مدفون آهي، ۽ سندس مزار تي هيٺيون ڪتبو لڳل آهي: سوي عقبيٰ از جهانِ بي ثبات، با تبسم رفت، مير ايوب خان. خوش ڪلام و صاحبِ علم، و ادب، بود گوهر درنگاه نڪته دان، مِصرع تاريخ اين مقبول،گفت، شمع محفل رفت از بزم جهان. (1364ھ) [1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي.ايم.سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو