ڪتبو

قبر جي پٿر تي لکت

ڪتبو (انگريزي: Epitaph) يادگار طور پٿر تي اڪريل تحرير، جيڪا مزار، مقبري، درگاھ، مسجد يا ڪنهن آثار تي هڻجي.[1] ان کي عربي ۾ نقش تذڪاري ۽ فارسي ۾ گور نوشتہ چوندا آهن. ڪتبو اڪثر پٿر جي سر تي لکيل ھوندو آھي جن م نظم شعر ، مرحوم جي زندگي جي باري ۾ ڪا ڄاڻ، ڄمڻ ۽ مرڻ جون تاريخون ۽ ڏينھن، تعارف، يا ياد ڏياريندڙ ماضي جي ڪا ڳالھ يا واقعو لکيل ھوندو آھي. انکي قبرستان جي سر بہ چوندا آهن. ڪي ڪي ماڻھو پنھنجي مرڻ کان اڳ پنھنجي قبر جو ڪتبو تيار ڪرائيندا آهن ۽ ان تي لکڻ واري شعر يا نظم جي چونڊ پاڻ ڪندا آهن. سنڌ ۾ قبر جي مٿي واري پاسي ڪتبو لڳائڻ جو رواج آھي جنھن ۾ مرحوم جو نالو ولديت عرفيت ۽ موت جي تاريخ لکي ويندي آهي.

شڪاگو جي قبرستان ۾ قبر تي لڳل ھڪ ڪتبو
قبر جي ڪتبي جو قسم

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي