مولود عربيءَ جو لفظ اھي جنھن جي معنيٰ آھي ”نئون ڄاول ٻار“، پر سنڌي شاعريءَ ۾ نبي اڪرم صلي لله عليه وآلهٖ وسلم جي ولادت کي بنياد بڻائي سندس صفت شان جي بيان کي مولود چوندا آھن. مولود ۾ نبي سائينء جي ساراھ سان گڏ سندن روضي جي زيارت، معراج واري واقعي کي بہ موضوع بڻايو ويندو آھي. سٽاءَ جي حساب سان مولود وائي يا ڪافيءَ جھڙو ھوندو آھي. صرف ان ۾ ميوزڪ نہ ٿيندي آھي. قديم دؤر ۾ شاھ عنايت رضويءَ (1644-1713ع) جي واين ۾ مولود جي صنف موجود آهي. مولود جو ابتدائي وڏو شاعر مخدوم عبدالرؤف ڀٽي (1682-1752ع) ڪلھوڙن جي عصر ۾ ٿي گذريو آهي، جنھن جو هڪ مشھور مولود آهي[1]:

منارا مير مرسل جا ڏسان شل ڏيھ کي ڏوري هلي هالان،
مٽي ميسو، انڙيو کي ڇڏيان اوري.
  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.