مولا ڏنو مسلم ڌرم شالا

ڪراچيءَ جي بندر روڊ هاڻي ايم اي جناح روڊ تي مولوي مسافر خاني جو ورهاڱي کان پهرين نالو مولا ڏنو مسلم ڌرم شالا يا مولا ڏينا ڌرم شالا هو. ورهاڱي کانپوءِ پناهگير جڏهن عارضي طور تي هتي اچي رهيا ته کين مولا ڏينا مسلم ڌرم شلا جو نالو عجيب لڳو، ڇو جو ڌرم شالائون گهڻو ڪري هندن جون هونديون هيون. شايد سڄي هندستان ۾ اها پهرين مسلم ڌرم شالا هئي، جنهن جو ان نموني جو سيڪيولر نالو هو. اهو ئي سبب هو جو هندوستان کان آيل مهاجرن ان جو نالو ڦيرائي مولوي مسافر خانو ڪري ڇڏيو. [1]

حوالا سنواريو