مهر ڳڙهه (Mehrgarh) پاڪستان جي صوبي، بلوچستان ۾ "جديد پٿر جي دور" جي قديم آثار جو هڪ اهم هنڌ آهي. ڄاڻايل تاريخ مطابق هي ڏکڻ ايشيا جو پهريون علائقو آهي جتي ڪڻڪ ۽ ٻلي پهرين پوک ڪئي وئي ۽ جانورن پاليا ويا.

مهر ڳڙهه

مهر ڳڙهه، بلوچستان ۾ کنڊر
Alternative name Mehrgahr, Merhgarh, Merhgahr
جڳھہ بلوچستان، پاڪستان
خطو ڏکڻ ايشيا
مقانيت 29°23′N 67°37′E / 29.383°N 67.617°E / 29.383; 67.617
تاريخ
بنياد پيو 7000 ق.م 
خالي ٿيو 2600 ق.م
دور پٿر جو جديد دور
جڳھہ بابت
کوٽائي جي تاريخ 1974ع کان 1986ع ۽
1997ع کان 2000ع تائين
کوٽائي ڪندڙ ماھر * جين فرانسوا جيريج
  • ڪيٿرائن جيريج
(آثار قديمه جا ماهر)
بعد ۾:

سنڌو ماٿري جي تهذيب،

شروعاتي هڙپائي دور

مهر ڳڙهه (تاريخ: 7000 ق.م. کان 2500/2000 ق.م) هڪ نيولٿڪ آرڪيالاجيڪل ماڳ آهي. هي بلوچستان، پاڪستان ۾ ڪچي جي ميدان تي واقع آهي.[1] اهو بولان لڪ جي ويجهو، سنڌو درياهه جي اولهه ۾ ۽ اڄوڪي پاڪستان جي شهرن ڪوئيٽا، قلات ۽ سبي جي وچ ۾ آهي. اهو ماڳ 1974ع ۾ فرانسيسي آرڪيالاجيڪل مشن پاران دريافت ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي فرانسيسي آرڪيالاجسٽ، جين فرانڪوئس جيريج ۽ ڪيٿرين جيريج ڪئي. [2] مهر ڳڙهه ۾ 1974ع کان 1986ع تائين[3] ۽ وري 1997ع کان 2000ع تائين لڳاتار کوٽائي ڪئي وئي.[4] آثار قديمه جو مواد ڇهن دڙن ۾ مليو ۽ ماڳ مان اٽڪل 32,000 نمونا گڏ ڪيا ويا آهن. مهر ڳڙهه ۾ سڀ کان پهرين آبادي، 495 ايڪڙ (2.00 اسڪوائر ڪلوميٽر)، ان جي اتر اوڀر ڪنڊ ۾، هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو، جيڪو 7000 ق.م ۽ 5500 ق.م جي وچ ۾ هو.

Mehrgarh ruins
  1. "Stone age man used dentist drill". وقت 5 May 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 June 2006.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "French Archaeological Mission in the Indus Basin". www.wikidata.org. حاصل ڪيل 2023-03-23. 
  3. Jarrige, Catherine; Jarrige, Jean-François; Meadow, Richard; Quivron, Gonzague (1995) (en ۾). Mehrgarh. https://hal.science/halshs-03868706. 
  4. Jarrige, Jean-François; Jarrige, Catherine; Quivron, Gonzague; Wengler, Luc; Castillo, David Sarmiento (2013) (en ۾). Mehrgarh. Serie Indus-Balochistan. https://shs.hal.science/halshs-02977150.