پورو نالو منظور حسين ولد ولايت خان
ادبي نالو منظور ڪوهيار
ڄمڻ جي تاريخ 2-جون 1955ع، 10 شوال 1374 هجري، 20 ڄيٺ 2012 بڪرمي
ڄمڻ جو هنڌ لاهوري محلو لاڙڪاڻو
لکڻ جي شروعات 75-1974ع. پھرين ڪھاڻي ”سرڳواسي طوطا رام“
تعليم ايم اي سوشيالاجي گولڊ ميڊلسٽ، ايل.ايل.بي.
ملازمت ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي لاڙڪاڻو
ڪھاڻين جا ڪتاب “سج لھڻ کان پوءِ بہ“ 1995ع، ”فراق جي منزل“ 2007ع، ”سچا ڪوڙا رشتا“ 2009ع

منظور ڪوهيار ڪھاڻين جي ڪتابن کان علاوه ڪيترا ئي اسٽيج ڊراما، ٽي وي ڊراما، ادبي ڪالم ۽ ڊاڪيومينٽريز ۽ سفرناما لکيا آهن. ۽ هن کي مڃتا طور ڪيترا ئي ايوارڊ ملي چڪا آهن. اسٽيج ڊرامن ۾ ”جنرل شاهه بھارو“، ”جهڪر“، ”آواز“، ”رسمن جي انگاس تي“ وغيره ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ ”ڪارا ڪڪر“، ”وفائون منتظر آهن“ ”سياست“، ”رَوشِ“، ”رواج“ ۽ ”تپش“ مشھور آهن.