ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ملڪ آگاڻي جو پورو نالو ملڪ داد آگاڻي آهي. هن پهرين جنوري 1951ع تي ڳوٺ آگاڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ملڪ آگاڻي ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي مان ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان ڪئي. هيءُ تعليم کاتي ۾ استاد هو. سندس تعلق جيتوڻيڪ غريب گهراڻي سان هو پر سدائين وڏيرن سان ٽڪراءُ ۾ رهندي حق جو طرفدار رهيو. شروع ۾ ناليواري ڪهاڻيڪار ڪيهر شوڪت، نثار آگاڻي ۽ شبير ميراڻيءَ سان صحبت ٿيس، جنهن سبب پهرين ايس. ايس. يو، مارئي سوشل ويلفيئر ۽ ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ رهيو. ون يونٽ واري هلچل ۽ ٻوليءَ وارن وڳوڙن دوران قومي ڪردار ادا ڪرڻ سبب جيل ياترائون بہ ڪيائين. پهرين جولاءِ 1972ع واري ڏينهن کي ’يوم نجات‘ طور لاڙڪاڻي جي تجرباغ (هاڻوڪو جناح باغ) ۾ ملهرايائين. ملڪ آگاڻي 1972ع کان 1977ع تائين عوامي تحريڪ ۾ سرگرم رهيو. انهيءَ دوران رسول بخش پليجي، فاضل راهو ۽ ٻين سان گڏجي سرگرميءَ سان ڪم ڪيائين. اڳتي هلي سياست کي هميشہ لاءِ خيرآباد چئي ادب جي دنيا ڏانهن آيو. ملڪ آگاڻي لکڻ جي شروعات 1972ع ۾ هڪ ڪهاڻي لکڻ سان ڪئي هئي. جنهن بعد ناول، ڊراما وغيره بہ لکيائين. هن پنجاھ کان وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون. سندس هڪ ناول ’نيروليءَ جو ڪن‘ 1987ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ هن سنڌ جي سياست ۽ سياسي شخصيتن کي بحث هيٺ آندو. سندس هڪ ٻيو ناول ’سج جا پاڇا‘ 2005ع ۾ شايع ٿيو. ان کانسواءِ سندس ترجمو ڪيل: مائوزيتنگ جي ’هونان هاري رپورٽ‘، ’هارين جي بغاوت‘ جي نالي سان شايع ٿيل آهي. ملڪ آگاڻيءَ جا ڪهاڻين، ناولن ۽ شاعريءَ تي مشتمل ڪيترا ڪتاب اڻ ڇپيل حالت ۾ پونئيرن وٽ موجود آهن. سنڌ جي هن ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار کي ڳوٺ جي مقامي وڏيرن پٽ سميت، 12 نومبر 2002ع تي قتل ڪرائي ڇڏيو. سندس آخري آرامگاھ ڳوٺ آگاڻيءَ جي قبرستان ۾ آهي.[1][2]