اسان جي جسم جي گوشت جو گهڻو حصو مشڪن یا مسلز (Muscles) جو ٺهيل هوندو آهي ۽ اهي اسان جي جسم جو تقريبن 50 سيڪڙو حصو آهن، مشڪن جو مقصد جسم ۾ چرپر پيدا ڪرڻ آهي، اسان جي هر چرپر پوءِ اها شعوري هجي يا غير شعوري هجي، انهن مشڪن تي مدار رکي ٿي، مشڪون جسم جي هڏائين پڃري کي هر پاسي کان ڍڪي جسم جي شڪل ڏينديون آهن. مشڪون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن. هڪ اهي جن جو ضابطو اسان جي وس ۾ آهي، جيئن : هٿ، پير، گردن وغيره جون مشڪون. انهن کي (Voluntary) مشڪون چئبو آهي. ٻيون اهي مشڪون آهن، جن تي ضابطو اسان جي وس ۾ ناهي هوندو، انهن مشڪن کي (Non Voluntary) چئبو آهي. دل جي حرڪت، آنڊن جي حرڪت ۽ ٻين اندروني عضون جي چرپر هن قسم جي مشڪن جي ڪري ٿيندي آهي. Voluntary مشڪن جا ٻئي ڇيڙا گهڻو ڪري ڪنهن جوڙ تان گذري ٻنهي پاسي هڏيءَ سان ڳنڍيل هوندا آهن، سسڻ جي حالت ۾ هڏا ليور جو ڪم ڏين ٿا ۽ جوڙ (سَنڌَ) تي چرپر جو عمل ضرورت مطابق ممڪن هوندو آهي.

مشڪن جي جوڙجڪ ۾ فرق هي آهي ته، انهن جا گهرڙا خاص قسم جا هوندا آهن، انهن ۾ سسڻ ۽ ڦنڊجڻ جي صلاحيت هوندي آهي. اهي تڻجي سگهن ٿيون، گهڻيون مشڪون ڌاڳن جي صورت ۾ ريشن سان ملي هڪ مڪمل مشڪ ٺاهن ٿيون. هڪ وچولي سائيز جي مشڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين گهرڙا هوندا آهن، اسان جي جسم ۾ گهٽ ۾ گهٽ 650 مشڪون آهن، جسم جا مختلف عضوا پنهنجي پنهنجي ڪمن کي سرانجام ڏيڻ لاءِ مشڪن تي دارومدار رکن ٿا، ٻانهن جون مشڪون ٻانهن جي چرپر لاءِ ڄنگهن جون مشڪون هلڻ گهمڻ لاءِ آهن. مطلب ته جسم جي هر قسم جي چرپر لاءِ مشڪن جو هئڻ ضروري آهي. ان کانسواءِ مشڪون ساهه جي عمل کي به باقاعدي هلائن ٿيون.

هر مشڪ جو گهرڙو هڪ موٽر وانگر آهي، ان جي هڪ ڇيڙي تي ڏهه ننڍڙن دٻن جهڙيون بناوتون هونديون آهن، جن ۾ اندر هڪ مخصوص ڪيميائي مادو هوندو آهي. هي موٽر جي سلنڊر وانگر ڪم ڪندا آهن، چرپر جي ضرورت مطابق جڏهن دماغ کان اعصابي رڳن وسيلي پيغام موصول ٿيندو آهي ته، انهن دٻن ۾ اندر موجود مادو سيڪنڊ جي ڏهين حصي کان به گهٽ وقفي ۾ ڄمڻ لڳندو آهي، جنهن جي ڪري گهرڙو سوس کائڻ لڳندو آهي، هڪ مشڪ جي سڀني گهرڙن جي سسڻ سان مشڪ چرپر ۾ اچي وڃي ٿي ۽ عمل پيدا ٿئي ٿو، مشڪ جي چرپر جو عمل تمام تيز هوندو آهي، ان کان پهرين جو اها ڦهلجي، ٻيو پيغام اچي ويندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح هر هر سسي ٿي. سوس جو عمل تيزيءَ سان سلسليوار عمل ۾ ايندو آهي. اهڙيءَ طرح مشڪون هڪ عمل ۾ ڍالجي وينديون آهن ۽ چرپر عمل ۾ ايندي آهي.[1]