مسٽر بين

(1990کان1995) برطانوي مذاقي ناٽڪ يا آکاڻي (ڪاميڊي) ٽي وي پروگرام

مسٽر بين (انگريزي ٻولي: Mr. Bean) اَڌُ ڪلاڪ جي چوڏهن قسطن تي ٻَڌل برطانوي ڪاميڊي ٽيليويزن ڪامڪس سلسليوار ڊرامي جو نالو آهي،جنهن ۾ مُکيا (مرڪزي) ڪردار روان ايٽڪنسن) نڀايو آهي. ڊرامي کي روان ايٽڪنسن، روبن ڊريسڪول، رچرڊ ڪرٽس ۽ بن ايلٽن لکيو آهي. مرڪزي ڪردار جي نالي سان نشر ٿيندڙ ان ڊرامي جي پهرئين قسط جنوري 1، 1990[1] تي نشر ڪئي وئي ۽ گڊ نائٽ مسٽر بين (Goodnight, Mr. Bean) جيڪا آڪٽوبر 21، 1995 تي نشر ٿي هئي انکانپوءِ آخري قسط ۽ پندرنهين قسط دي بيسٽ بٽس آف مسٽر بين ( "The Best Bits of Mr. Bean") جي نالو سان ڊسمبر 15، 1995 تي نشر ٿي هئي.

مسٽر. بين

برسلز ۾ رووِن اٽڪنسن (مسٽربين) مُٽڻ ڪندڙ مينيڪن بُت ڀرسان بيٺل آهي
نوعيت سٽڪام
تخليق ڪار
تحرير
هدايتون
نمايان اداڪار روون اٽڪنسن
موسيقار هاورڊ گڊال
نشر يونائٽيڊ ڪنگڊم
ٻولي انگلش
قسطون 15 (قسطن جي فهرست)
تياري
عملي پيشڪش پيٽربينيٽ-جونز
فلم ساز
  • جان هاورڊ ڊيوائس (قسطون 1کان3)
  • سوئي ورٽچيو (قسطون 4کان9, 12کان15)
  • پيٽربينيٽ-جونز (قسطون 10–11 ۽ 15)
دورانيو 29 منٽَ
پروڊڪشن ادارو ٽائيگر اسپيڪٽ پروڊڪشنز
تقسيم ڪار
نشريات
چينل ITV
تصويري قسم
  • 576i (4:3 SDTV)
صوتي قسم
  • Stereo
1 جنوري 1990 (1990-01-01)[1] – 15 ڊسمبر 1995 (1995-12-15)
اثر
جانشين بین:الٽيميٽ ڊيزاسٽر مووي
ۡخارجي ڳنڍڻا
ويب سائٽ
"مسٽر بين بيڪ ٽو اسڪول" جو هِڪُ منظر (سينُ)


مسٽر بين ڊرامو هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي صورت ۾ پيش ڪري ٿو، جنهن جو ذهن ٻالڪپڻ (ننڍڙي ٻار) وارو آهي ۽ اهو ڏيکاري ٿو تہ روزاني زندگيءَ جي معاملن کي حل ڪرڻ ۾ هو ڪهڙي ريت ڏُکيائين کي مُنهن ڏئي ٿو.[2] ڊرامي پنج سال جي عرصي ۾ نہ رُڳو برطانوي ٽي وي شوقينن جي وڏي تعداد جو ڌيان چِڪايو پر ڪيترائي بين الاقوامي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا جِن ۾ Rose d'Or پڻ شامل آهي. ان سلسلي جي قسط "مسٽر بين سان پريشاني" ("The Trouble with Mr. Bean") کي 18.74 ملين ناظرين ڏٺو.[3] ڊرامو نہ رُڳو مشهور ٿيو، پر ان جي مرڪزي خيال تي ٻه فلمون ۽ هڪ ڪارٽون سيريز پڻ ٺاهي وئي.

اصل ۾ ان ڊرامي ۾ ايٽڪنسن جي تيار ڪيل هڪ ڪردار جو بنياد وڌو ويو، جڏهن هو آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پنهنجي ماسٽرز ڊگري لاءِ تعليم پِرائي رهيو هيو، مسٽر بين تي ٻَڌل سيريز جو مرڪزي ڪردار، جيڪو ايٽڪنسن پاران "وڏي ماڻهوءَ جي جسم ۾ هڪ ٻار" قرار ڏنو هيو، ڇاڪاڻ تہ هو روزانو مختلف ڳنڀيرتائو (مسئلا) حل ڪندو آهي، جِن ۾ ڪيترن ئي ڪمن ۽ عمل ۾ کيس رڪاوٽون سامهون اچن ٿيون.[2] هي سيريز جسماني ڪاميڊي اداڪارن جهڙوڪ جيڪ تاٽي ۽ مُنڍائتي خاموش فلمن کان متاثر ٿي ڪري ٺاهي وئي آهي.[2] هيءَ سيريز سموري دنيا جي 245 علائقن ۾ پڻ وِڪرو ٿي چُڪي آهي ۽ ان اينيميٽيڊ اسپن-آف ۽ ٿيٽر جي خصوصيت جي ڊگهائي (لينٿ) واري ٻن فلمن کي متاثر ڪيو آهي. 2012 لنڊن سمر اولمپڪس مهورتي (افتتاحي) تقريب ۾ پرفارمنس، ٽيليويزن اشتهارن ۽ ڪامڪ ريليف جي ڪيترن ئي خاڪن جي اداڪاري لاءِ مسٽر بين طور اٽڪنسن پنهنجي ڪردار جي نمائندگي ڪندي هڪ سرگرم ڪردار نڀايو آهي. ان شو جي تعريف کانسواءِ، سموري دنيا جي ڪيترن ئي علائق۾ ۾ شو جي گُهرج (ڊمانڊ) جو هڪ ٻيو ڪارَڻ هي پڻ آهي تہ ان شو ۾ ڏاڍو قابل فهم ڊائلاگ جو استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن سان اهو انهن ماڻهن جي لاءِ ڏاڍو گهڻو قابل رسائي ٿئي ٿو جيڪي انگريزي سفا گهٽ يا نہ ڄاڻيندا آهن.

مُنڍُ سنواريو

مسٽر بين جو ڪردار ان مهل ٺاهيو ويو هيو، جڏهن راون ايٽڪنسن آڪسفورڊ يونيورسٽي جي دي ڪوئز ڪاليج ۾ اليڪٽريڪل انجينئرنگ ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪري رهيو هيو. 1980 جي ڏهاڪو جي شروع ۾ اِيڊنبرا فرنج (ايڊنبرگ فرنج) ۾ بين جي خاصيت وارو خاڪو ڏيکاريو ويو هيو. رابرٽ باڪس نالي ساڳئي طرح جو هڪ ڪردار، جيڪو اٽڪنسن پڻ نڀايو، 1979 ۾ آءِ ٽي وي سئٽڪام ڪينڊ لاٽر (ITV sitcom Canned Laughter) ۾ هڪ ئي ڀير پيش ڪيو ويو، جيڪو 1997 ۾ موشن پڪچر ۾ استعمال ٿيندڙ وهنواري پڻ شامل هيو.[4]


هوم ميڊيا سنواريو

هي سلسلو ٿامز ٽيليويزن (ٽيمز ٽيليويزن) جي ڪيترن ئي وي ايڇ ايس رچنا (ترتيب) تي موجود هيو. برطانيا (ريجن 2) ۾، مسٽر بين جي قسطن کي يونيورسل پڪچرز يوڪي (Universal Pictures UK) طرفان هر سال جي بنياد تي 2004 کان جاري ڪيو هيو. پُوري ڪليڪشن هاڻي موجود آهي، جنهن ۾ ٻہ فيچر فلمون ۽ ٻِيا ايڪسٽراز پڻ شامل آهن. 1990 جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا ۾ A&E هوم وڊيو جي وسيلي VHS تي قسطون جاري ڪيون ويون هيون.هي ريليزز (جاري ڪيل قسطون) يگانيون آهن ڇو تہ انهن ۾ پهرئين ٽن قسطن جي اصل افتتاحي ڪريڊٽ هوندا آهن، جيئن تہ اصل ۾ ٽيليويزن تي نشر ٿيڻ وقت ڏيکاريو ويندو آهي. انکانسواء، ان ۾ وڌيڪ منظر آهن، جيڪي تجارتي-آزاد (ڪمرشل-فري) نشريات ڪرڻ جي لاءِ رن-ٽائم وڌائيندا آهن، جيڪي پي بي ايس (PBS) جي درخواست تي ڪُجھ قسطن ۾ ايڊٽ ٿيل آهن. ڪينيڊا ۾، مسٽر. بين کي پوليگرام هوم ويڊيو جي ذريعي وي ايڇ ايس (VHS) تي جاري (رليز) ڪيو ويو. آمريڪا (ريجن 1) ۾، مڪمل سيريز 2003 کان A&E هوم وڊِيو تي " دي هول بين (The Whole Bean)" تحت موجود آهي. مسٽر بين نالي دستاويزي فلم برطانيا ۽ آمريڪا ڊي وي ڊي سيٽَن تي سنواريل آهن: ٽيلي ويژن تي نشر ٿيڻ تي هي اصل ۾ 52 منٽَ جي هُئي، تنهن هوندي، برطانيا ڊي وي ڊي (UK DVD) تي اها دستاويزي فلم 48 منٽ جڏهن تہ آمريڪي ڊي وي ڊي تي ڇَڙو (رُڳو) 40 منٽ جي آهي. سڀ کان اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ، يوڪي واري ورژن ۾، ڊگهو همراهہ (دي ٽال گاءِ The Tall Guy) جي تفصيل سان آگاهہ ڪندڙ حصي ۾ فلم منجهان هٽائيل مزاحيا ڪلپس موجود آهن. امريڪي ڊي وي ڊي ۾ برٽش ڊي وي ڊي وانگُر ئي ترميمون (سُڌارو) شامل آهن پَر بين جي سيٽَ تي برٽ رينالڊس جو تبصرو (ڪمينٽس)، جيف گولڊ بلم جو تبصرو، شو مسٽربين جا ڪُجھ ڪلپس ۽ ٻِيا انيڪ ڪلپس پڻ غائب ٿيل آهن. بين جي رليز ٿيڻ کان ڪُجھ دير اَڳُ ئي ريڪارڊ-وڪرو ڪندڙ يوڪي جي وڊيوز واپس کنيون (هٽايون) ويون، ۽ ڊي وي ڊي 2004 کانپوءِ هرسال (سالياني) جي بنيادن تي جاري ڪيون ويون.

آگسٽ 2009 ۾، سيريز جو هڪ باضابطا (آفيشل) يوٽيوب چينل آندو (لائونچ ڪيو) ويو هيو، جنهن ۾ اصل سِڌوسنئون-ايڪشن (لائيو-ايڪشن) ۽ ساهه وجهندڙ (اينيميٽيڊ) سيريز ٻنهنين جو مواد شامل هُيو.[5]

ان سيريز کي اُتر آمريڪا ۾ شائوٽ فيڪٽري طرفان ان جي 25 هين وَرسي جي مطابق 24 مارچ 2015 تي ڊي وي ڊي تي ٻيهَر-جاري (re-released) ڪيو هُيو. ان سيٽَ ۾ ڊجيٽل طور ٻيهَر ٺاهيل قسطن (2010 جي برطانوي ريليز وانگر)، مسٽر بين جي 40 منٽَ جي ڪهاڻي، واڌُو منظر (سينَ) تي جُڙيل آهي: "ترڪي جو وزن (Turkey Weight)،" "آرمچير سيل (Armchair Sale)،" "مارچنگ (Marching)" ۽ "ماچيس سان راند کيڏڻ (Playing With Matches)"، " بس اسٽاپ "۽ " لائبريري" خاڪا، مسٽر بين جو هڪ ٽريلر: ايني ميٽڊ سيريز ۽" مسٽر بين جا بهترين بٽس (The Best Bits of Mr. Bean)"، هڪ 72 منٽ جي ڪِلپ شو شامل آهن.[6][7]

وي ايڇ ايس (VHS) سنواريو

ٽائٽل قسطن جو تعداد
مسٽر بين جي حيرت انگيز خطرناڪ مهم 2; "مسٽر بين" ۽ "مسٽر بين جي واپسي"
مسٽر بين جون دلچسپ شرارتون 2; "مسٽر بين جي بددعا" ۽ "مسٽر بين شهر گُهمڻ ويو"
مسٽر بين جا خوفناڪ قصا 2; "مسٽر بين سان پريشاني" ۽ "مستر بين ٻيهر سواري ڪئي (مسٽر بين رائڊز اگين)"
مسٽر بين جا ميري افسوسناڪ حادثا 2; "ميري ڪرسمس، مسٽر بين" ۽ "مسٽر بين 426 ڪمرو ۾"
مسٽر بين جي جوکائتي ڳولها 2; "مائنڊ دي بيبي، مسٽر بين" ۽ "اهو-پاڻ-ڪر، مسٽر بين (ڊو اِٽ يوئرسيلف، مسٽر بين)"
اڻ ڏٺل بين Unseen Bean 2; "اسڪول ڏانهن واپسي، مسٽر بين (Back to School, Mr. Bean)" ۽ "لنڊن واري مسٽر بين جا وارَ (Hair by Mr. Bean of London)"
مسٽر بين جون آخري چِلولائيون 2; "ٽي آف، مسٽر بين" ۽ "گڊ نائٽ، مسٽر بين"
دَ بيسٽ بٽس آف مسٽر بين The Best Bits of Mr. Bean قسط ڪلپس
مڪمل مسٽر بين (جُلد 1) 7; "مسٽر بين" ، "مسٽر بين جي بددعا" ، "مسٽر بين سان پريشاني" ، "ميري ڪرسمس، مسٽر بين" ، "مائنڊ دي بيبي، مسٽر بين" ، "اسڪول واپسي، مسٽر۔ بين "۽" گڊ نائٽ، مسٽر بين"
مڪمل مسٽر بين (جُلد 2 ٻئي) 7; "مسٽر بين جي واپسي" ، "مسٽر بين شهر وڃي ٿو (مسٽر بين گوئز ٽو ٽائون)" ، "مسٽر بين رائڊز اگين" ، "مسٽر بين ڪمرو 426 ۾" ، "ڊو اِٽ يوئرسليف، مسٽر بين" ، "ٽي آف، مسٽر بين "۽" مسٽر بين لنڊن جا وارَ "
ميري ڪرسمس مسٽر بين 1
مسٽر بين – Vol. 1 3
مسٽر بين – Vol. 2 3

ڊي وي ڊي(DVD) سنواريو

ٽائٽل قسطن جو انگُ (تعداد) تاريخ رليز نوٽس
مسٽر بين:پوري بينَ 14 + 4 (خاص قسط۔) 29 اپريل 2003 علائقو 1۔ سڀ 15 قسطون، ٻه Comic Relief خاڪا ۽ ٻه هدايت ڪار جا ڪَٽِ ٿيل خاڪا شامل آهن گڏوگڏ، مسٽر بين جي آکاڻي (40 منٽ جي دستاويزي (ڊاڪيومينٽري) فلم)، "" مسٽر۔ بين:ايني ميٽڊ سيريز جو ٽريلر، ۽ روون اٽڪنسن بائيوگرافي ۽ فلم نگاري (فلموگرافي)
مسٽر بين: سيريز 1، جُلدَ 1۔4 (ڊجيٽل طور تي 20 هي سالگرهہ ايڊِيشن) 14 + 4 (خاص قسط۔) 6 سيپٽمبر 2010 سمورين 15 قسطن تي ٻَڌل آهي
مسٽر بين - مڪمل مجموعو 14 + 4 (خاص قسط۔) 28 نومبر 2011 سڀ 15 قسطن تي مشتمل آهي (ڊجيٽل طور ٻيهَر تيار ڪيل) + مسٽر بين: ايني ميٽِيڊ سيريز جون قسطون + ٻئي فلمون.
جُلدَ (واليمز)
ٽائٽل قسط جو تعداد جاري ٿيڻ جي تاريخ نوٽس
مسٽر بين ۾ روون اٽڪنسن: 1 3 1 نومبر 2004 قسطون: قسط 1: "مسٽر بين" ، قسط 2: "مسٽر بين جي واپسي" ، قسط 14: "لنڊن کان آيل مسٽر بين جا وارَ." بونس خاصيتون: "گُلابي رنگ ۾" ، "لائبريري".
مسٽر بين ۾ روون اٽڪنسن: 2 3 31 آڪٽوبر 2005 قسطون: قسط 3: "مسٽر بين جي بددعا" ، قسط 4: "مسٽر بين شهر ويو" ، قسط 5: "مسٽر بين سان پريشاني"۔ بونس خاصيتون: "رائل بين"۔
مسٽر بين ۾ روون اٽڪنسن: 3 3 13 نومبر 2006 قسطون: قسط 10: "ٻار کي ذهن ۾ رکو (مائنڊ دَ بيبي)، مسٽر بين" ، قسط 8: "مسٽر بين 426 ڪمري ۾"، قسط 6: "مسٽر بين ٻهير سواري تي"۔ بونس خاصيتون:پردي جي پويان مسٽربين جو هاليڊي (مسٽربين جي موڪَل جو ڏينهن)۔
مسٽر بين ۾ روون اٽڪنسن: 4 3 19 مارچ 2007 قسطون: قسط 9: اهو پاڻ ڪر، مسٽر بين (ڊُواِٽِ يوئرسيلف، مسٽربين)"، قسط 11:" اسڪول ڏانهن واپسي، مسٽر بين"، قسط 12:" ٽي آف، مسٽر بين ". بونس خاصيتون:" خزانو! "۔
مسٽر بين ۾ روون اٽڪنسن: 5 2 12 نومبر 2007 قسطون: قسط 7: "ميري ڪرسمس، مسٽر بين" ، قسط 13: "گڊ نائٽ، مسٽر بين". واڌُو خاصيتون: 2007 ڪامڪ ليف اسڪيچ، "آرٽ چور" ، "سڪيريڊي بين" ، "هيئر ڪٽ".
مسٽر بين: بينٽسٽڪ سموري ڪليڪشن 14 + 26 (ڪارٽون) + 2 (فلمون) 12 نومبر 2007 سڀ 14 ٽي وي قسطون، مسٽربين ايني ميٽيڊ سيريز جون سڀ 26 قسطون، مسٽر بين جي موڪلَ ۽ بين- الٽيميٽ ڊيزاسٽر مووي۔
مسٽر بين ۾ روون اٽڪنسن: ڪلاسيڪي ٽي وي سيريز جو سمورو جُهڳٽو (مجموعو) (5 ڊي وي ڊي سيٽُ) 14 18 نومبر 2008 تي ٻڌل: مسٽر بين ۾ روون اٽڪنسن: 1 ۽ 2 (2 ڊي وي ڊي سيٽ), مسٽر بين ۾ روون اٽڪنسن: 3 ۽ 4 (2 ڊي وي ڊي سيٽ) ۽ مسٽر بين ۾ روون اٽڪنسن: 5.
مسٽر بين: بيسٽ بٽس 17 نومبر 2008 جهلڪيون
مسٽر بين: جُلد 1 (ڊجيٽل طور 20 هين سالگرهہ ايڊيشن ۾ ٻيهر ڪَٺِيون ڪيل) 5 6 سيپٽمبر 2010 يونيورسل پڪچرز يوڪي
مسٽر بين: جُلد 2 (ڊجيٽل طور 20 هين سالگرهہ ايڊيشن ۾ ٻيهر ڀريل) 5 6 سيپٽمبر 2010 يونيورسل پڪچرز يوڪي
مسٽر بين: جُلد 3 (20 هين سالگرهہ جي ايڊيشن ۾ ڊجيٽل طور ٻيهر منظم) 4 6 سيپٽمبر 2010 يونيورسل پڪچرز يوڪي
مسٽر بين: جُلد 4 (20 هين سالگرهہ جي ايڊيشن ۾ ڊجيٽل طور ٻيهر منظم) بيسٽ بٽس، مسٽر بين جي ڪهاڻي ، روون اٽڪنسن سان انٽرويو 6 سيپٽمبر 2010 يونيورسل پڪچرز يوڪي
مسٽر بين ۾ روون اٽڪنسن: بين جو شاندار باڪس سيٽ (20 هين سالگرهہ ايڊيشن ۾ ڊجيٽل طور ٻيهر ڇپيل) 14 6 سيپٽمبر 2010 يونيورسل پڪچرز يوڪي
مسٽر بين سالگرهہ جون واڌايون 3 6 سيپٽمبر 2010 ٻَڌل آهن: ريستورنٽ کان "مسٽر بين جي واپسي" ، "برٿ ڊي بيئر" (ايني ميٽيڊ قسط) ، وٽان "ڊسڪو" "مسٽر بين ٽائون ويو"، "ڊنر فار ٽو" (اينيميٽيڊ قسط) ، "دي فن فيئر"مائينڊ دَي بيبي، مسٽر بين"، "دي ريسٽورانٽ" (اينيميٽيڊ قسط).
ميري ڪرسمس مسٽر بين 1 1 نومبر 2010 قسط 7: ميري ڪرسمس مسٽر بين.
مسٽر بين سان گڏ موڪلُن جي تباهي (هاليڊي هاووڪ وٿ مسٽر بين) 9 خاڪا (اسڪيچز) 8 آگسٽ 2011
اسڪول واپسي، مسٽر بين Back to School, Mr. Bean 3 4 آگسٽ 2014 قسط 11 تي ٻَڌَل آهي: "اسڪول ڏانهن واپسي، مسٽر بين" ، "دي لائبريري" ، "امتحان"۔
مسٽر بين:مزاحيا مُهانڊو (مسٽر بين فني فيسز) 2 4 مئي 2015



حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "Mr Bean — Timeline". Tiger Aspect Productions Ltd. وقت 19 December 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 8 February 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. 2.0 2.1 2.2 "Atkinson has Bean there and he's done with that". وقت 18 October 2006 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. Viewing figures at the انٽرنيٽ مووي ڊيٽابيس. Retrieved 14 March 2008.
  4. Canned Laughter at the Internet Movie Database. Retrieved 14 March 2008.
  5. "Kanaal van MrBean". YouTube. حاصل ڪيل 26 December 2010. 
  6. "Amazon.com: Mr. Bean: The Whole Bean (Complete Series): Rowan Atkinson, John Birkin: Movies & TV". 
  7. "Shout! Factory - Mr. Bean: The Whole Bean [Remastered 25th Anniversary Collection]". 


ٻاهِريان ڳنڍڻا سنواريو

سانچو:Mr. Bean سانچو:Richard Curtis سانچو:Ben Elton سانچو:Comic Relief سانچو:InternationalEmmyAward Popular Arts Programming