مسجد اسلام پور مڪلي
مسجد اسلامپور مڪليءَ جي دامن ۾ اڃا تائين آهي. اها پڻ هندوئن جي هڪ ميلي واريءَ جاءِ ۽ مڙهيءَ جي مقابل، جنهن کي ڪالڪان سڏيو ويندو هو، ٺهرائي ويئي ۽ ان جو نالو ڪالڪان جي مقابلي ۾ مسجد اسلامپور رکيو ويو. اها مسجد ٺٽي جي مشهور واعظ ميان عبدالقادر جي پٽ محمد حفيظ ٺهرائي. ميان عبدالقادر ميان ابوالحسن جو سؤٽ هو، جنهن جي سنڌي "مقدمـﮧ الصلواة" مشهور آهي.
مٿي بيان ڪيل مسجد، ٻارهين صديءَ جي شروع ۾ ٺهي هوندي، ڇاڪاڻ ته محمد حفيظ مرحوم انهيءَ زماني جو هو. ٺٽي ايندي مڪليءَ جي لاهيءَ ۾ اها مسجد هاڻ ويران پيئي آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون؛ پير حسام الدين راشدي،ايڊيشن:1981؛ پبلشر؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.