مرزا اجمل بيگ 21 اپريل 1921ع تي ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ سنڌ جي مهان اديب، دانشور ۽ عالم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم حيدرآباد شهر ۾ حاصل ڪيائين ۽ بي اي بمبئي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ نمبر ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. مرزا صاحب سنڌ سرڪار جي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ راشنگ ڪنٽرولر مقرر ٿيو جتان 1976ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. هو مرزا قليچ بيگ جو ستون نمبر فرزند هو. کيس اکيون کوليندي ئي ”شمس العلماء“ پيءُ جي هنج نصيب ٿي. انهيءَ علم ڀريءَ هنج مان هن ٻار ٻالپڻي ۾ ئي سڀ ڪجهه حاصل ڪيو. فارسي ۽ سنڌي هن جي گهر جون زبانون هيون، باقي قرآني تعليم ۽ ٻيا سڀ مذهبي علوم بہ ننڍپڻ ۾ ئي سکي ورتائين کيس علم، ادب ۽ شاعري ورثي ۾ مليل هئا. مرزا صاحب شروعات ۾ پنهنجو تخلص ”فاضل“ رکيو، پر بعد ۾ ”اجمل“ جي تخلص سان لکندو هو. هو عروضي شاعريءَ جو ماهر سمجهيو ويندو هو. سندس ڪلام نهايت اعليٰ پائي جو آهي. پاڻ غزل، قصيدو، مثنوي، مخمس، بيت، سلام، مرثيه، نوحا، منقبت ۽ مناجاتون وغيره چيون اٿس. نظم ۾ لکيل سندس ڪتاب ”شاهنامه عرب عرف منظوم تاريخ اسلام“ سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. ان کان علاوه نيو ايٽلس جغرافيه (اردو)، انگلينڊ جي تاريخ (1953ع)، ٽريل انگلش ڊڪشنري (اردو، سنڌي، انگريزي) سر حسيني لطيفيات 1951ع)، دنيا جي نئين جاگرافي (1952ع)، تاريخ (1953ع)، رنگين جاگرافي پاڪستان (1958ع)، علم بدن ۽ صحت ، علم طبعي، انتخاب ازگلستان و بوستان، سر سارنگ (لطيفيات)، مهاڳ رباعيون (تنقيد) وغيره بہ مشهور ڪتاب آهن. سنڌ جو هي سڄاڻ اديب ۽ شاعر 26 مئي 1984ع تي وفات ڪري ويو.[1]