مخدوم محمد صالح ڀٽي
مخدوم محمد صالح ڀٽي(انگريزي: Makhdum Muhammad Saleh Bhatti) جي ولادت بتاريخ 25 سيپٽمبر 1887ع مطابق 7 محرم الحرام 1305ھ تي هالا پراڻي ۾ ٿي. سندس والد مخدوم ابراهيم ڀٽي وقت جو هڪ نيڪ نفيس انسان ۽ ديني علم جو وڏو ماهر ليکيو ويندو هو. جنهن پنهنجي فرزند جي ننڍپڻ کان تربيت ڪئي.
سوانح عمري
سنواريومخدوم صاحب جو نسب ستين پيڙهي ۾ مخدوم عبدالله سان لڳي ٿو. اهو صاحب جيسلمير جي راجپوتن راجائن مان هو ۽ سندس اصل نالو ”ارجن“ هو. اهو صاحب 625 هجري ۾ غوث بهاءُ الحق زڪريا ملتاني جي هٿ تي مسلمان ٿيو هو. هڪ روايت مطابق حضرت شيخ الاسلام غوث پاڪ ملتاني مخدوم عبدالله کي فرمايو ته ” تنهنجي اولاد مان اٺن پيڙهن کي جيڪو روبرو يا خواب ۾ ڏسندو تنهن تي دوزخ جي باهه حرام آهي“ ۽ سندس اولاد جي حق ۾ ايمان جي سلامتي لاءِ دعا پڻ ٿيل آهي. اٺين پيڙهي مخدوم عمر ولد مخدوم عبدالحميد سان وڃي لڳي ٿي. جنهن 1097ع هجري ۾ وفات ڪئي، تحقيق هن خاندان الله ۽ ان جي رسول جي دين جي بي بها خدمتون سرانجام ڏنيون.
مخدوم محمد صالح ڀٽي پرائمري جا چار درجا پنهنجي ڳوٺ هالا پراڻا ۾ پاس ڪيا ۽ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 1902ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ داخل ٿيو.جتان 1909ع ۾ فائينل ۽ ميٽرڪ پاس ڪيائين 1910 ۾ پوني(هندستان) جي زرعي ڪاليج ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي. پر ستت ئي سند مدرسته الاسلام ڪراچي جي پرنسپال ٽي ايڇ وائيس (T.H.Vinsh) جي آڇيل نوڪري قبول ڪري درس تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين. 1918ع ۾ ايس ٽي سي (S.T.C) جو امتحان پاس ڪيائين. 1920ع ۾ کيس تعليم کاتي ۾ مُلا اسڪول جو ففٿ اسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي حيثيت سان حيدرآباد ۾ مقرر ڪيو ويو. 1922ع ۾ کيس سيڪنڊ اسٽنٽ جي عهدي ترقي ڏني وئي. ان کانپوءِ جلد ئي ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ هڪ استاد جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳو جنهن کانپوءِ کيس ڪراچي، ٿرپارڪر ۽ نوابشاهه ۾ پڻ نوڪري جو موقعو مليو. 1937ع ۾ سنڌ سرڪار سندس خدمتون لوڪلبورڊ حيدرآباد جي حوالي ڪيون، جتي پاڻ سيڪنڊ ايڊيوڪيشنل سپروائيزر مقرر ٿيو. 1939ع ۾ کيس فرسٽ اسسٽنٽ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مُلا اسڪول ڪري رکيو ويو. وري مارچ 1941ع ۾ مُلا اسڪولن جو ڊپٽي مقرر ٿيو. 16 جولاءِ 1941ع تي ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ ٿرپارڪر جو ايڊمنسٽريٽر آفيسر مقرر ٿيو. اٽڪل هڪ سال کانپوءِ 1942ع ۾ وري مُلا اسڪول حيدرآباد ۾ چارج ورتائين. اتان اپريل 1943ع ۾ نواب شاهه اسڪول بورڊ جو ايدمنسٽريٽر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳو ۽ آخر اهڙي ريت حياتي جو گهڻو عرصو سنڌ جي تعليم کاتي ۾ رهي. سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندي 7 مئي 1944ع تي رٽائرڊ ٿيو.
.[1]
ادبي تصنيفون
سنواريومخدوم محمد صالح ڀٽي جي زندگي جي احوال جي مطالعي مان اها پروڙ پوي ٿي ته پاڻ شاگردي واري زماني کان ئي علم ادب سان چاهه رکندو هو. ان وقت مدرسه ميگزين ۾ پڻ مضمون لکندو رهيو. پر پاڻ جڏهن سنڌ مدرسي ۾ استاد جي حقثيت ۾ داخل ٿيو ته ”الاسلام“ نالي ماهوار رسالي جو ايڊيٽر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. انهي دوران کيس ڪيترن ئي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري تعليمي ۽ ادبي جماعتن ۽ ڪميشنن ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو پڻ مليو. جن مان ”مسلم ايڊيوڪيشن سليبس ڪميٽي“، ”سنڌ لٽريچر سينٽرل ايڊوائزري بورڊ آف ڪنٽرول“، ٽيڪسٽ بوڪ رويين ڪميٽي ۽ سنڌي ادبي سوسائٽي قابل ذڪر آهي. مخدوم صاحب وڏو اديب هو دينيات ۽ اسلامي تاريخ سندس دلچسپ مضمون هئا. سندس ذاتي لئبريري ۾ سنڌي علم و ادب توڙي ديني ادب جا معياري ۽ تاريخي ڪتاب موجود آهن. پاڻ حياتي جي پوئين پساهن تائين به قلم جي ڪرت کي قائم رکيو سندس لکيل ڪتابن مان ڪن جا نالا هن ريت آهن.
(1)سيدت النساءِ، (2) صديق اڪبر، (3) منهاج المومنين،(4) بيبي رابعه بصري، (5) عروس ڪربلا،(6)سُقراط، (7)اخلاقي جواهر،(8)منصور حلاج،(9) فاروق اعظم،(10) واندڪائي جي وندر،(11) فتوحات اسلام، (12) اسانجو پيارو آقا،(13) فتوحات اسلام،(14) المرتضيٰ، (15)حيات سعدي،(16) مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي،(17) سنڌ جي تاريخ ۽ شهريت. ان کان سواءِ سندن قلمي ڪتابن جا نالا هن ريت آهن.
1- فقه شريف،2- گلستان فارسي،3-حضرت عالمگيراورنگزيب،4- اسلامي تاريخ (2 جلدن ۾)،5- نسب اولاد مخدوم حضرت عبدالله ڀٽي، 6- ابيات مختلف، 7- احسان فقير جو ڪيڏارو،8- انگي حساب،9-ڪلام صالح،10- مخدوم محمد ابراهيم ڀٽيءَ جو ناول، 11- حڪايات الصالحين،12-نماز،13- مخدوم محمد صالح ڀٽي جا ذاتي خط،13- يوسف زليخا،15- سنڌي شاعري، 16- سرڪيڏارو،17-ڪلام مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي.
مخدوم صاحب جن جو انتخاب مطالعي ۽ ذوق سليم جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندن لئبريري ۾ اٽڪل چار هزار ڪتاب آهن جن مان ٻه هزار کن ڪتبا جن ۾ سڀئي ڇپيل ۽ جلد ٿيل آهن جيڪي مخلتف ٻولين ۾ اهي سڀ محترم ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ صاحب جن جي ڪوشش ۽ رهنمائي هيٺ سنڌ الاجي کي وقف ڪيا ويا آهن. هن وقت ساڳي مهربان جي ڪوشش سان سنڌ الاجي ۾ مخدوم محمد صالح ڀٽي ڪارنر پڻ سنواريل آهي..[2]
شاعري
سنواريومخدوم صاحب 1935ع کان وٺي شعرو شاعري جي ابتدا ڪئي هئي جنهن ۾ سنڌ جي نامور شاعر ۽ ادبي محمد صديق مسافر کي پنهنجو استاد تسليم ڪيائون جنهن کان فن لطيف جا راز پروڙيندو رهيو. سندس شاعري مذهبي ۽ قومي نوعيت جي آهي. پاڻ دل سان دين جي محبت رکندڙ انسان هو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس ڪلام تي به مذهب جو رنگ چڙهيل نظر اچي ٿو.سندس ڪلام جو مختصر انداز ڪجهه هن ريت آهي.
محمد شفيع الوريٰ بڻجي آيو، نبين جو پڻ پيشوا بڻجي آيو
عرب هو جهالت ۾ تاريڪ جڏهن، نبي پاڪ نورالهديٰ بڻجي آيو.
هڪ ٻئي هنڌ پنهنجي اندر جو اظهار هن ريت ڪيو اٿس.
خدا کان پوءِ مٺو مرسل ، مٺي مون لاءِ ثنا تنهنجي
صفت ۽ نعمت تنهنجي وصف بي حد بي صفا تنهنجي.
سندن ڪلام کي آڏو رکي جيڪڏهن ڇنڊ ڇاڻ ڪبي ته سندس سمورو ڪلام ذري گهٽ رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم ، اصحابن سڳورن ۽ اهلبيتن جي شان ۾ چيل نظر اچي ٿو.
وفات
سنواريومخدوم محمد صالح ڀٽي پنهنجي پوري زندگي باعمل ۽ بامقصد بسر ڪندي پنهنجو پاڻ پتوڙيندو رهيو ۽ آخر 27 ڊسمبر 1953ع مطابق 19 ربيع الثاني 1383ههھ تي 66 ورهين جي عمر ۾ هن فاني دنيا مان هميشه لاءِ موڪلائي ويو..[3]