محمد اڪرم خان ولد آدم خان پٺاڻ سنڌ جو ناميارو سرائڪي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو شاعر، جو جنم 1841ع ڌاري شڪارپور ۾ ٿيو.

خانداني پس منظر سنواريو

سندس وڏا اصل قنڌار جا هئا، جيڪي 1830 ڌاري شڪارپور ۾ لڏي اچي ويٺا.

تعليم ۽ ادب سنواريو

پاڻ غربت جي ڪري مختصر تعليم حاصل ڪري پوليس کاتي ۾ داخل ٿيو. جتان 1896ع ۾ رٽائر ڪيائين. هو هڪ ايماندار ۽ سادي طبيعت جو ماڻهو هو. پاڻ راڻي پور جي بزرگ پير غلام محي الدين شاهه جو مريد هو ۽ شڪارپور جي بزرگن ۽ اوليائن جو پانڌيئڙو هو. موسيقي جو وڏو ماهر هو ۽ ڳائيندو به ڏاڍي مٺي ۽ پرسوز آواز ۾ هو. سندس ڪلام ۾ رواني ۽ رنگيني موجود هئي. هو رڳو سنڌي ۽ سرائڪي ٻوليءَ ۾ شعر چوندو ۽ ڳائيندو هو. سندس ڪلام ۾ تصوف جون رمزون ۽ نڪتا نروار ٿيل آهن.

وفات سنواريو

محمد اڪرم پٺاڻ 1905ع ۾ وفات ڪري ويو.[1]

حوالو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011