فقير محمد ايوب آريسر ولد محمد يوسف آريسر جو جنم 1919ع ۾ ڳوٺ ھوندو آريسر ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم حافظ حمزي ۽ استاد مبارڪ آريسر وٽ قرآن شريف ۽ سنڌي فائنل پاس ڪيائين. ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ ”مظھر العلوم“ مدرسه ولھيٽ ساندن واري ۾ ويو، جتي کيس عربي ۽ فارسي پڙھائڻ لاءِ مرحوم مفتي عبدالڪريم ساند جھڙو استاد مليو. پاڻ شاعريءَ جي شروعات مظھر العلوم ۾ پڙھڻ وقت سندس استاد جي چوڻ تي ڪئي. وڌيڪ پڙهائيءَ لاءِ مظھر العلوم بدين ويو، جتي مولوي غلام علي گوپانگ کان فارسي پڙھيائين، اتان موٽي اچي زمينداريءَ ۾ لڳي ويو پر سندن شاعريءَ سان گھڻو چاھ رھيو. زماني جي گردش کيس سندس اباڻو ڳوٺ ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، پاڻ ھوندو آريسر کان لڏي اچي ڳوٺ سون پور ۾ رھيو، سندن وفات به اتي ٿي. ھن ڪافيون، وايون ۽ غزل وغيره لکيا. سندس ڪافيون، ڊاڪٽر بلوچ جي تربيت ڏنل ڪتاب ’ڪافيون‘ ۾ ڏنل آهن.[1]

محمد ايوب ولد محمد يوسف آريسر ويٺل هوندو آريسر، لڳ اڪڙي تعلقو سامارو، مارچ 1342ھ/ 1924ع ۾ ڄائو. سنڌيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. هنديءَ جي پڻ ڄاڻ هيس، جنهنڪري ڀڄن ۽ شبد به چيائين. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي ترتيب ڏنل ”ڪافين“ جي ڪتاب ۾ سندس ڪي ڪافيون شامل آهن.[2]