محمد اسماعيل پٺاڻ

آغا محمد اسماعيل ولد عبدالله خان پٺاڻ، 15 اپريل 1936ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. هي ماهرِ تعليم ۽ سٺو اديب آهي.

تعليم سنواريو

هن 1964ع ۾ ايم. ايس. سي ڪئي ۽ ڊگري ڪاليج جيڪب آباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو.

ادبي ڪم سنواريو

هن گمنام رهي سنڌي ادب تي ڪم ڪيو. 1990ع کانپوءِ ادبي لڏي سان تعلق ۾ آيو. ڏسندي ڏسندي 1996ع ۾ سندس هڪ ڪتاب ”سنڌوءَ جو عقيدو“ جيڪب آباد جي سنڌي ادبي سنگت طرفان شايع ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح جيڪب آباد هسٽاريڪل سوسائٽيءَ پاران سندس ترجمو ڪيل ٻيو ڪتاب Jacob's Town Jacobabad شايع ڪرايو ويو. جنهن جو مرتب ڊاڪٽر پروفيسر غلام نبي سڌايو آهي. هي ڪتاب جيڪب آباد جي تاريخ، ادب، صحافت، ثقافت ۽ ٻين موضوعن تي هتان جي محققن طرفان لکيل مقالن تي مبني تحقيقي ڪتاب آهي. سندس هڪ ڪتاب جيڪب آباد جي تاريخ ”دشت بيدار“ پڻ ڇپيل آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011