مثقال:(انگريزي: Misqal ) مثقال ھڪ وزن آھي جيڪو 3.64 گرامن جي برابر آهي جيڪو قيمتي ڌاتن مثال طور سون يا جواھرن ۽ قيمتي شين جيئن زعفران وغيره کي تورڻ لاء استعمال ٿيندو آهي.

اموي خليفي عبدالملڪ بن مروان جي دور جو دمشق جي ضربخاني م 697/698ع م تيار ٿيل سونو دينار جنھن جو وزن ھڪ مثقال جي لڳ ڀڳ آهي

مثقال جو لفظ ان جي ھموزن سون جي دينار تي پڻ پئجي ويو جيڪو اٺين صدي عيسويءَ کان اسلامي دنيا جو سڪو ھيو ۽ اوڻويھين صدي تائين مثقال آفريڪا جي ڪجهه حصن م سڪو رھيو[1] 1980 کان موزمبيق م جاري ڪرنسي ميٽيڪل جو نالو مثقال مان نڪتل آهي[2] افغانستان ۾ 20ھين صدي ۾ مثقال وزن جو ايڪو رھيو جيڪو 4.6003 گرامن جي برابر ھيو[3]. ھندوستان ۾ مغل شھنشاھ جلال الدين محمد اڪبر جي دؤر ۾ مثقال چاندي جو گول سڪو ھيو جنھن جو وزن 4.7 گرام ۽ سائيز 25 ملي ميٽر ھئي[4].

نالو سنواريو

لفظ مثقال عربي ٻولي جي لفظ ثقل مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي تورڻ.

اسلامي فقه سنواريو

مثقال ھڪ وزن جو نالو آهي جيڪو ٽن ماسن يا ھڪ رتي جي برابر ھوندو آھي[5]. دارالعلوم ديوبند مطابق قوائدالفقه جي صفحي 464 ۽ ٻين فقھي ڪتابن ۾ مثقال جو وزن 4.5 ماشه لکيل آھي جيڪو موجوده زماني جي ايڪن ۾ 4 گرام ۽ 374 ملي گرامن جي برابر آهي[6].

تاتاري يونٽ سنواريو

مثقال تاتارين جو پڻ وزن جو ايڪو ھيو جيڪو 4.27 گرامن جي برابر ھيو. جڏھن سوويت يونين 1924ع ۾ يونٽن جو ميٽرڪ وارو نظام متعارف ڪرايو تي پراڻو تاتاري يونٽ مثقال منسوخ ٿي غيرمروج ٿي ويو[7].

ھندي مثقال سنواريو

ڏکڻ ايشيا ۾ مثقال وزن جو ايڪو آهي جيڪو 4 ماشه ۽ ساڍي ٽي رتين جي برابر آهي[8].سون جي تور ۾ اھو 4.25 گرامن جي برابر آهي[9] پر ٻين شين جي تور م اھو 4.5 گرامن جي برابر ھوندو آھي[10] يا ان کان ٿورو وڌيڪ يا ٿورو گھٽ ھوندو آھي[11].

سڪن جي مٽاسٽا سنواريو

ايڪو مثقال سونو دينار درھم گرام ٽرائي اونس اونس ان جو داڻو
مثقال 1 1 0.70 4.25 0.13664 0.14991 65.5875

ھڪ ٻي جديد حسابي جوڙ مطابق مثقال ھيٺين طرح آهي:

ايڪو مثقال ناخد گرام اونس
مثقال 1 19 3.642 0.117


ناخد بھائي عقيدي وارن جو وزن وارو ايڪو آھي جنھن جو استعمال انھن جي اڳواڻ بھاء الله ڪيو[12] مثقال اصل ۾ 24 ناخدن جي برابر ھيو پر انھن جي پيشوا سيد علي محمد شيرازي المعروف باب جي لکيل بيان نالي ڪتاب م ان کي گھٽائي 19 گرام ڪيو ويو[13]

حوالا سنواريو

  1. Johnson, Marion, "The Nineteenth-Century Gold 'Mithqal' in West and North Africa", The Journal of African History (Cambridge University Press) (4): 547–569, ISSN 0021-8537, JSTOR 180144, doi:10.1017/s0021853700009038 
  2. "Metical" in Dicionário da Língua Portuguesa com Acordo Ortográfico. Porto: Porto Editora, 2003-2015. Accessed 1 April 2015. Lua error in ماڊيول:Lang/utilities at line 79: attempt to call local 'name_from_tag' (a nil value).
  3. [1]
  4. [2]
  5. - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 305
  6. [ https://islamqa.org/hanafi/darulifta-deoband/110938/what-is-the-exact-weight-of-misqal/]
  7. [ https://financial-dictionary.thefreedictionary.com/Misqal]
  8. (en ۾) Quarterly Journal of the Pakistan Historical Society. Pakistan Historical Society.. 2006-01-01. pp. 86. https://books.google.com/books?id=NfovAQAAIAAJ&q=mithqal+mashas&dq=mithqal+mashas&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwiP-tWY5uDTAhXLDcAKHWwLAFsQ6AEINjAD. 
  9. "Assessing the Nisaab of bank notes". IslamWeb. حاصل ڪيل 2007-03-09. 
  10. "M". Economic Glossary. وقت 2007-09-28 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2007-03-09.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  11. "Glossary". The Clear Path. وقت 2007-09-28 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2007-03-09. 
  12. Smith, Peter. "Nakhud". A Concise Encyclopedia of the Baháʼí Faith. Oxford: Oneworld Publications. صفحو. 250. ISBN 1-85168-184-1. حاصل ڪيل 2020-10-20.  Unknown parameter |url-access= ignored (مدد)
  13. Honeyman, Nobel Augusto Perdu (2004-05-05) (es ۾). La relevancia de la pragmática en la traducción de textos multi-culturales: versión del Kitab-i-Aqdas. Universidad Almería. pp. 508. ISBN 9788482406473. https://books.google.com/books?id=Y5ryCwAAQBAJ&pg=PA508.