مايا مکاتلي (جنم سال 1986)[1] هڪ جارجيائي سنگيت ڊانسر آهي. ڪولوراڊو بيلي ۽ برمنگهم رائل بيلي جي مقابلي کانپوءِ 2006 ۾ ڊچ نيشنل بيلي ۾ شاملٿي وئي، جتي هاڻي هڪ پرنسپل رقاصه آهي.[2]

پيدائش 1986 (عمر 37–38)
تبليسي, جيورجيا
پيشو ناٽڪ ۾ ناچ
جيون ساٿي آرٿر شيسٽرڪوف
ٻار ٻچا 1
Current group ڊچ نيشنل بيلٽ
Former groups ڪولوراڊو بيلٽ
برمنگھم رائل بيلٽ


ابتدائي زندگي

سنواريو

مکاتلي جارجيا تبيليسي ۾ پيدا ٿي. ان جا ماءُ پيءُ، نيڪولوز مکاٽيلي ۽ مرينا لولاڊزي، جارجيائي نيشنل بيلي ۾ ناچو هئا.[3] هن جو ڏاڏو هڪ لوڪ ڊانسر هيو ۽ ان جي ناني هڪ اوپيرا ڳائڻي هئي. [4] ان جو وڏو ڀاءُ ڊيوڊ به هڪ ڊانسر آهي (جيڪو پهرين رائل بيلي سان پرنسپل هيو).[5] مايا 9 سال جي عمر ۾، تبليسي ۾ واريتاگ چبوڪياني ڪوريوگرافڪ انسٽيٽيوٽ ۾ لاريسا چيڪويش ويلي سان گڏ بيلي جي سکيا حاصل ڪئي.[6]

ڪيريئر

سنواريو

جڏهن هوءَ 15 سال جي هئي، ته ان جو پيءُ آمريڪا جي شهر اڊاهو جي ڪيچم جي سن ويلي بيلي اسڪول ۾ نوڪري جي پيشڪش ڪئي وئي. مکيتيلي ان اسڪول ۾ به اڀياس حاصل ڪيو، جتي هوءَ پننهنجي ڀاءُ ڊيوڊ سان گڏجي نٽ ڪريڪر ۾ ناچ ڪندي هئي.[7] ان جي ماءُ پيءُ هاڻي ڪولوراڊو جي ڊينور ۾ مکيٽيلي بيلي اڪيڊمي هلائين ٿا. [2] مائيا ڪولوراڊو ۾ جرمن زيموئل ۽ ويلنٽينا مکنووا وٽان سکيا حاصل ڪئي.[8]

ذاتي زندگي

سنواريو

مکاٽيلي جي شادي آرٽور شيسٽرڪوف سان ٿي آهي،جيڪو ڊي اين بي ۾ هڪ پرنسپل ڊانسر به آهي. ان جو هڪ پٽ، لوڪا آهي. [9]

  1. "Siblings Sharing the Stage". Dance Magazine. وقت 25 July 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 May 2014. 
  2. 2.0 2.1 "Maia Makhateli". Dutch National Opera & Ballet. حاصل ڪيل 16 April 2020. 
  3. "Cupcakes & Conversation with Maia Makhateli, Principal, Dutch National Ballet". Ballet News. حاصل ڪيل 5 May 2014. 
  4. "Maia Makhateli". Zarely. حاصل ڪيل 16 April 2020. 
  5. "David Makhateli". Youth American Grand Prix. حاصل ڪيل 16 April 2020. 
  6. "Maia Makhateli". Birmingham Royal Ballet. وقت 4 May 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 May 2014. 
  7. "Maia Makhateli". Dutch National Ballet. حاصل ڪيل 4 May 2014. 
  8. "Teachers Summerschool Den Haag 2014". Summerschool Den Haag. وقت 5 May 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  9. "Ballet Family" آرڪائيو ڪيا ويا 2020-07-03 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Smithsonian Magazine.