مال جو ڍَڪُ (انگريزي:Animal Pound) اهڙي جڳھ جتي بي واهو چوپايو مال اوستائين واڙيو وڃي جيستائين ڪو سندس مالڪ ظاهر ٿئي يا مالڪي ڪري ان کي مال جو ڍڪ چئبو آهي. سنڌ ۾ برطانوي راڄ ۽ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ به اٽڪل 1980ع واري ڏهاڪي تائين سرڪاري سطح تي تعلقي هيڊ ڪوارٽر شهرن يا اهم شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مال جا ڍڪ هوندا هئا. انهن ڍڪن ۾ پوک جي ڀيل ڪندڙ بيواهو مال واڙيو ويندو هو ۽ اوستائين واڙيل رهندو هو جيستائين ان جي مالڪي ٿئي. مال جي ڍڪ تي ماڻهو مقرر هوندو هو جنهن کي ڍڪ منشي چئبو آهي[1] جيڪو مال جي ڍڪ جي اڳاڙي ڪندو هو. جنهن جو مال ڍڪ ۾ هوندو سو ڇڏائڻ ايندو هو ته منشي کانئس مال پاران ڀيل ڪرڻ ۽ مال کي چارو گاھ کارائڻ جا پئسا وصول ڪري مال واپس ڪندو هو. هاڻ مال جي ڍڪ جو رواج گهٽجي ويو آهي.[2][3] جيڪڏھن ٽن ھفتن تائين مال جو ڪوبہ مالڪ نہ ٿيندو ھيو تہ پوءِ اھو مال مارڪيٽ ۾ وڃي کپابو يا وڪرو ڪيو ويندو ھيو.[4]

ڳوٺ ۾ مال جو ڍڪ

حوالا سنواريو

  1. "ڍڪ منشي | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-06-19. 
  2. "News Expo". www.facebook.com. حاصل ڪيل 2020-06-19. 
  3. "مال جو ڍڪ يا بيسڪ هيلٿ يونٽ؟ -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-19. 
  4. "اسلام ڪوٽ: ٿر جي آبادگارن پاران مال جو ڍڪ نه کلڻ خلاف احتجاج". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-06-20.