مالوه جو آفيم
انگريزن سنڌو نديءَ جي واپار بابت ميرن سان جيڪو عهدنامو ڪيو هو، ان مطابق ٽالپر، بهاولپور جو نواب ۽ خالصا سرڪار انگريزن سان ڀائيوار هئا. هن واپار مان انگريزن جا ٻه خاص مطلب هئا: سنڌو نديءَ وارن ملڪن کان واپار جي بهاني سان واقف رهن، سندن ايجنٽ ڪراچي، مٺڻ ڪوٽ، فيروز پور ۾ دفتر کولي ويٺا هئا. هرند جي هڪڙي رهاڪو محمد شريف کي پنهنجو ڇاڙتو مقرر ڪري، سندس ذريعي ديره جات جو احوال معلوم ڪرڻ لڳا.
سنڌ_ ستلج واري واپار ۾ رڳو انگريز لاڀائيتا رهيا، ڇاڪاڻ ته اڳ مالوه جو آفيم (Maalwaah jo Aafeem) سنڌو نديءَ جي وسيلي ٽالپر سرڪار جي ذريعي ڪراچيءَ کان ڊيو ۽ گوئا بندرن ڏانهن ويندو هو، جتان پورچوگيز سوداگرن ذريعي چين ۾ وڏيءَ رقم تي وڪامندو هو ۽ اهڙي نموني سنڌ سرڪار کي آفيم جي ٽيڪس مان گهڻي آمدني ٿيندي هئي، سنه 1773ع کان ايسٽ انڊيا ڪمپني آفيم جي واپار تي قبضو ڄمائڻ لڳي، ويتر ٽالپرن سان عهدنامي ڪرڻ کان پوءِ هندستان جي سموري آفيم جي واپار تي انگريزن مڪمل طور قبضو ڄمائي ورتو. چين سان آفيم جي واپار ڪرڻ ڪري انگريزن کي ساليانو ڏھ لک پائونڊن جو فائدو پهچڻ لڳو. [1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب جنت السنڌ