ماريوپول (انگريزي: Mariupol، (About this sound ٻُڌو)) يا مريوپل ڏکڻ اوڀر يوڪرين جو ھڪ شھر جيڪو ازوف (Azov) سمنڊ جي اترئين ساحل تي واقع آھي. ھن شھر جي آبادي 431,859 (2021ع) آھي. ھي شھر يوڪرين جو ڏھون وڏو شھر ۽ ڊونيسٽڪ اوبلاسٽ (صوبي) جو ٻيو نمبر وڏو شھر آھي.ھن شھر جو بنياد 1778ع ۾ پيو. اناج، ڌاتو، اسٽيل ۽ لوھ وغيرہ ھتان جون مکيہ صنعتون آھن.ھتي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي تعليمي ادارا موجود آھن.

ماريوپول
Маріу́поль (يوڪريني)
Мариу́поль (روسي)
Μαριούπολη (يوناني)
يوڪرين جو شھر
From top to bottom and left to right:
ماريوپول
جھنڊو
ماريوپول}}
قومي نشان
ماريوپول
Brandmark
ماريوپول is located in Ukraine
ماريوپول
ماريوپول
ماريوپول is located in Donetsk Oblast
ماريوپول
ماريوپول
Mariupol shown within Ukraine
جاگرافي بيهڪ: 47°5′45″N 37°32′58″E / 47.09583°N 37.54944°E / 47.09583; 37.54944مڪانيت: 47°5′45″N 37°32′58″E / 47.09583°N 37.54944°E / 47.09583; 37.54944
ملڪ  يوڪرين
صوبو (ُOblast) ڊونيسٽڪ صوبو (Donestic Oblast)
ضلعو (Raion) ماريوپول سٽي ميونسپالٽي
بنياد پيو 1778
Control  يوڪرين[1]
پکيڙ
 • ڪل 244 ڪ.م2 (94 ميل2)
آبادي (2021)
 • ڪل 431,859

تاريخ سنواريو

ھي شھر 1778ع ۾ قائم ڪيو ويو ۽ ھن جو نالو پيولووسڪ (Pavlovsk) رکيو ويو. 1779ع ۾ روس جي وليعھد پال جي ٻي گھر وري ماريا فيدروونا (Maria Fyodorovna) جي اعزاز ۾ شھر جو نالو ماريوپول رکيو ويو[2]. 1780ع ۾ ڪرائيميا جي اپٻيٽ تان ڪيترائي يوناني ھن شھر ۾ لڏي اچي ويٺا انڪري شھر جي آباديءَ ۾ خاطرخواھ واڌارو آيو. 1882ع ۾ ھن شھر کي ريل وسيلي يوڪرين جي ٻين علائقن سان ملايو ويو. انھن ئي ڏينھن ۾ ھي شھر ملڪ جي ھڪ اھم بندرگاھ طور دنيا جي سامھون آيو. 1948ع ۾ روس جي ڪميونسٽ اڳواڻ آندريي اشدانوف (1896ع - 1948ع) جي ياد ۾ شھر جو نالو اشدانوف رکيو ويو پر 1989ع ۾ شھر جو پراڻو نالو ”ماريوپل“ بحال ڪيو ويو[3].

2014ع ۾ روس ڪرائيميا واري علائقي تي قبضو ڪري ان کي روس سان ڳنڍي ڇڏيو. ساڳئي وقت يوڪرين جي ڊونيسٽڪ صوبي (Donetsk Oblast) ۾ يوڪرين کان علحدگيءَ جي تحريڪ زور ورتو. چيو وڃي ٿو تہ انھيءَ علحدگيءَ جي تحريڪ کي روس جي پشت پناھي حاصل ھئي. انھن علحدگي پسندن 2014ع ۾ ماريوپول تي ڪيترائي حملا ڪيا پر يوڪريني فوجين انھن حملن کي ناڪام بنايو. 2020ع روس يوڪرين تي چڙھائي ڪئي ۽ ھن وقت (مارچ 2022ع کان ) ميريوپول تي روسي فوجن جو قبضو آھي[4]. روسي فوج جي لڳاتار حملن سبب ھن شھر ۾ تمام گھڻو مالي ۽ جاني نقصان ٿيو آھي. روسي حملن کان بچڻ لاءِ شھر جا اڪثر ماڻھو ھتان لڏي ويا آھن.

11 اپريل 2022ع تي وڪرين جي صدر ولاديمر زيلينسڪي ٻڌايو تہ ھي شھر روسي فوج جي لڳاتار حملن ۾ تباھيءَ جي ڪناري تي پھچي ويو آھي[5]. 21 اپريل 2022ع تي روسي صدر ولاديمير پُتين دعويٰ ڪئي تہ ماريوپول شھر روس جي قبضي ۾ اچي ويو آھي[6].

جاگرافي سنواريو

ماريوپل شھر ازوف سمنڊ جي ڪناري تي يوڪرين جي دونيسٽڪ صوبي (Donetsk Oblast) جي ڏکڻ ۾ آباد آھي. ھن شھر جي ڪل پکيڙ 166 چورس ڪلوميٽر (64 چورس ميل) آھي جڏھن تہ ماريوپول سٽي ڪائونسل جي ڪل پکيڙ 244 چورس ڪلوميٽر (94.2 چورس ميل) آھي. سٽي ڪائونسل ۾ ماريوپل شھر ۽ ان جي آسپاس وارا علائقا شامل آھن. سٽي ڪائونسل جي 80.6 چورس ڪلوميٽر (31.1 چورس ميل) ايراضيءَ ۾ پارڪ ۽ باغ پوکيل آھن.

ھي شھر گھميل براعظمي آبھوا واري علائقي ۾ واقع آھي جنھن ڪري ھتي اونھاري ۾ گرمي ۽ سياري ۾ ٿڏ پوي ٿي. ھتي سال ۾ سراسري طور 511 ملي ميٽر (20 انچ) مينھن وسي ٿو. شھر جي آسپاس جون زمينون انتھائي زرخيز ۽ زراعت لاءِ موزون آھن. انھن زمينن ۾ سورج مکي، گدرا، انگور ۽ ٻين اھڙن فصلن جي پيداوار سٺي ٿئي ٿي. ھن علائقي ۾ زمينن جي پيچ ۽ شھري آباديءَ لاءَ پيئڻ جي پاڻيءَ جي ڪجهه کوٽ آھي. انھيءَ کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيترائي حوض ۽ اھڙا ٻيا پاڻيءَ جا ذخيرا ٺاھيا ويا آھن. سياري جي ٿڌين ھوائن جو رخ اوڀر پاسي ۽ اونھاري ۾ ھوائن جو رخ اتر پاسي ھوندو آھي.

ھن شھر جي اڪثريت روسي ٻولي ڳالھائي ٿي. ھتي يوڪريني، روسي، يوناني، تاتاري، بيلاروسي، آرمينيائي ۽ ڪجهه ٻين نسلن جا ماڻھو رھن ٿا[7].

ماحول جي گدلاڻ سنواريو

ماريوپل جي ڪيميائي فيڪٽرين ۽ ٻين ڪارخانن مان نڪرندڙ ھاڃيڪار فَضلو ھن علائقي ھو وڏي ۾ وڏو ماحولياتي مسئلو آھي. 1970ع واري ڏھاڪي ۾ھي سوويت يونين جو ٽيون وڏو صنعتي فضلو خارج ڪندڙ شھر ھو. 1989ع ۾ ھن شھر جي ڪارخانن مان 752،900 ٽن گدلاڻ ڦھلائيندڙ مادو خارج ٿيندو ھو جيڪو ماحول جي گدلاڻ جو باعث بنبو ھو. 1990ع واري ڏھاڪي ۾ بہ ھن شھر جا اڪثر ڪارخانا مقرر حدن کان وڌيڪ گدلاڻ ڦھلائڻ جو ڪارڻ ھئا. ازوف سمنڊ جو شھر سان لڳندڙ ساحلي علائقو بہ گدلاڻ سان ڀريل ھوندو آھي انڪري ھتان جي ماھيگيريءَ جي صنعت ۾ ڪمي آئي آھي.

حوالا سنواريو

  1. [1]
  2. "Mariupol: Facts, History, Population, & Battle, Britannica". www.britannica.com. حاصل ڪيل 2022-03-06. 
  3. Legvold, Robert; Magocsi, Paul Robert (1997). "A History of Ukraine". Foreign Affairs 76 (2): 192. doi:10.2307/20048000. ISSN 0015-7120. http://dx.doi.org/10.2307/20048000. 
  4. "Russia squeezes Ukraine’s cities as Zelenskyy condemns West’s ‘silence’ over planned attack". NBC News. حاصل ڪيل 2022-03-08. 
  5. AFP, Emmanuel Peuchot for. "Biden Accuses Putin of Ukraine Genocide as Humanitarian Corridors Paused". The Moscow Times. حاصل ڪيل 2022-04-22. 
  6. Troianovski, Anton; Nechepurenko, Ivan; Pérez-Peña, Richard (2022-04-21). "What Happened on Day 57 of the War in Ukraine" (en-US ۾). The New York Times. ISSN 0362-4331. https://www.nytimes.com/live/2022/04/21/world/ukraine-russia-war-news. 
  7. "Public Opinion Survey of Residents of UkraineJune 9 – July 7, 2017" (PDF). iri.org. August 2017. p. 86. Archived from the original (PDF) on March 08, 2022.