هي مال ڪراچيءَ ۾ راشد منهاس روڊ تي آهي. هي ڪراچيءَ جي وڏن مالن مان هڪ آهي. هن ۾ 200 دڪان آهن ۽ پارڪنگ جي به تمام وڏي سهولت موجود آهي جتي ٽي هزار گاڏيو پارڪ ڪري سگهجن ٿيون. هن مال ۾ ميوزيڪل ڪانسرٽ ۽ فيشن شوز جي به سهولت موجود آهي. ان کانسواءِ هن مال ۾ ڪراچيءَ جو وڏو فوڊ ڪورٽ به موجود آهي. سودو سلف وٺڻ لاءِ هن ۾ هاپر اسٽا به ٺاهيو ويو آهي. هي مال صبح جو 11 وڳي کان رات 11 وڳي تائين کيل رهي ٿو. هن مال ۾ هڪ اِن ڊور ٿيم پارڪ به موجود آهي، ان کانسواءِ ٻارن جي لاءِ ٻيون به دلچسپيون به موجود آهي. هن مال کانسواءِ ڪراچيءَ ۾ ٻيا ڪيترائي سٺا مال آهن جن ۾ ايمرالڊ ٽاورز، ڊولمن مال طارق روڊ ۽ ڊولمن مال حيدري به شامل آهي. [1]

حوالا سنواريو