”ليمو“ انساني صحت لاءِ هڪ بھترين تحفو آهي. ليمو قدرت جي طرفان ڏنل هڪ انمول تحفو آهي. ميون، سبزين ۽ ڀاڄين ۾ ليمي جي هڪ الڳ حيثيت آهي. ليمي جو نالو ذهن ۾ اچڻ سان زبان تي هڪ عجيب کٽاس (کٽاڻ) جو احساس ٿئي ٿو ۽ ليمي جي خوشبو بہ فرحت ڏيندڙ آهي. ليمون وٽامن سي جو وڏو خزانو آھي. ان کانسواء هن ۾ وٽامن بي، ڪيلشيم، پوٽيشيم، فاسفورس جو بہ وڏو مقدار موجود آهي.

ليمون

هن کي هندستاني ماڻهو نيبو يا کٽا نيبو چوندا آهن. هن جا ڪيترائي قسم ٿيندا آهن. ڪي ننڍا، ڪي وڏا ، ڪي گول ۽ ڪي ڊگها. ليمي جي گلن ۾ چڱي بوءِ ٿيندي آهي. ليمان کٽا ٿيندا آهن، تنھنڪري انهن جي رس کٽاڻ لاءِ، مصالحي وانگي ٻوڙ يا چٽڻيءَ ۾ وڌي وڃي ٿي. ليمن جو آچار ۽ شربت بہ ٿيندو آهي. ڪچي ۾ رنگ جو سائو ۽ پڪي کان پوءِ پِيلو ۽ خوشبودار ٿيندو آهي. هن جي ڪن قسمن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: ڪاغذي، پاٽي، گورو، چيني، عربي، زنگپوري، ڪڇي ۽ ٻيا. هڪڙو ٻه قسم تہ اهڙا ننڍڙا آهن، جو چِڌن کان وڏا ڪين ٿيندا آهن. ڪلڪتي ۾ اهڙا ڪي وڻ آهن. ليمي جي پوک نارنگين وانگي ٿيندي آهي. ليمي جي قسم جو هڪڙو وڻ ٿيندو آهي، جنھن کي ڪرنو سڏيندا آهن. انهيءَ جا گل سرها ٿيندا آهن، جنھن مان گلاب وانگي عرق ڪڍندا آهن. اهو به ليمي وانگي ڦر ڪندو آهي. هن جا بہ ڪي ٿورا قسم آهن. اصل يورپ جو ٿو ڏسجي.ليمي کي انگريزيءَ ۾ Lemon سڏيندا آهن.[1]

تاريخ سنواريو

ميسوپوٽيميا ۽ بابل جي کنڊرات مان اها خبر پوي ٿي ته چار هزار سال اڳ جا ماڻهو به ليمي جو استعمال ڪندا هئا.

فائدا سنواريو

ليمي جي پيداوار پاڪستان، ڀارت ، الجزائر ۽ ڏکڻ يورپ ۾ گهڻي مقدار ۾ ٿئي ٿي. ليمون سلاد سان گڏ چٽڻين ۽ شربتن ۾ تمام گهڻو استعمال ٿئي ٿو خاص ڪري گرمي جي ڏينهن ۾ هن جو استعمال وڌي وڃي ٿو. سنڌ ۾ جڏهن جون جولاء جون گرميون هونديون آهن ته ڳوٺن ۾ ليمي ۽ ڳڙ جو شربت تيار ڪري پيتو ويندو آهي, جيڪو گرميء جو دشمن سمجهيو ويندو آهي. سخت گرمي ۾ جڏهن لو ۽ جهولا لڳندا آهن ته ليمي جو استعمال ڄڻ ته آب حيات جو ڪم ڪندو آهي. ليمي جو ڇلڪو به استعمال ڪيو ويندو آهي، ان مان هڪ تيل يا رس نڪرندي آهي جيڪو پاڻيء کي خوشبودار ڪري ڇڏيندو آهي. انکانسواء ليمي جي ڇلڪي مان تيار ڪيل ڦڪي پيٽ جي تڪليف لاء فائديمند آهي. ليمي جو ٻج به طبعي اعتبار کان دستن جي بيماري لاء استعمال ٿيندو آهي. ليمي جي رس گهڻو فائديمند آهي. ليمي ۾ بيمارين سان مقابلو ڪرڻ جون خاصيتون پڻ موجود هونديون آهن. مهارن جي بيمارين ، نزلي ۽ زڪام ۾ فائديمند آهي. ليمي جو اچار وڌيل تري کي گهٽائڻ ۾ ڪارآمد آهي، ان کانسواء ليمي جي رس رت کي پٽڙو ڪندي آهي ۽ ڪوليسٽرول کي گهٽائيندي آهي. امريڪا جي يورولاجيڪل ايسوسيئيشن پنهنجي هڪ ريسرچ ۾ ٻڌايو آهي ته ليمي جي رس بڪين جي پٿري لاء علاج جو ڪم ڪري ٿي. ليمي جو استعمال بخار، ڏندن جي حفاظت، وارن جي حفاظت، چمڙي جي حفاظت، زخمن جي حفاظت، هاء بلد پريشر ۾ فائديمند ۽ ڪالرا لاء به گهڻو فائديمند آهي.

هڪ هنڌ حڪيم محمد يوسف کتري لکيو آهي ته ليمي مان فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي ليمي جي رس 250 ملي لٽر پاڻي ۾ ملائي هڪ چمچو کنڊ ملائي پيئڻ سان اڻ کُٽ فائدا حاصل ڪري سگھجن ٿا ۔اوهان کي پڙهي اها حيرت ٿيندي ته موبائل جي ٽاورن مان نڪتل ميگنيٽڪ لهرن جي ڪري پيدا ٿيندڙ ڪينسر ۾ مٿئين طريقي سان ليمون پيئڻ ڪري اهي نقصان نه ٿيندا۔

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن: 1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، حيدرآباد، سنڌ.