ليار (Liyaar) جي وڻ جو نباتاتي نالو ڪورڊيا گرف (Cordia gharaf) آهي. جڏهن ته نباتاتي خاندان ۾ هن جو لاڳاپو بوريگنسي (Boraginaceae) آهي. هن وڻ جي مٿان ڏانهن ڊيگهه لڳ ڀڳ هڪ ميٽر ٿائين ٿئي ٿي. هي وڻ سنڌ سميت پاڪستان جي ميداني علائقي ۾ ٿئي ٿو. ان سان گڏوگڏ هي وڻ اتر آفريڪا، وچ اوڀر، سريلنڪا ۽ ڀارت ۾ پڻ ٿئي ٿو. هي وڻ جو گل ميوو جهلي ٿو، جيڪو جولاءِ ۽ آگسٽ تائين ملي ٿو. هن وڻ جا گل پيلاڻ جي نموني جهڙا نارنگي رنگ جا ٿين ٿا. نباتاتي طور تي ليار خشڪ علائقن ۾ سمنڊ جي سطح کان 300 ميٽرن جي مٿائين وارن علائقن ۾ سٺي واڌ ويجهه ڪن ٿا.[1] ليار جو وڻ جنهن لاءِ اڪثر سنڌي شاعرن مارئيءَ جي بيان ۾ اشارو ڪيو آهي اهو وڻ ٿر ۾ بلڪل ورلي ٿئي، باقي ننگرپارڪر شهر ۽ ان جي آسپاس جام ٿيندو آهي. سندس مزيدار لعابي ۽ لڳلڳدار سونهري ڦل بلڪل سوادي ۽ وڻندڙ آهي.[2]

  1. Cordia gharaf - English-Indus Roman Sindhi Dictionary - Glosbe
  2. ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ايڊيشن: 1976؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو