لوھاڻڪو رسم الخط (Luhanko Script) ٺٽي ۽ برھمڻ آباد ۾ لوھاڻا استعمال ڪندا ھئا. ان کي لوهاڻڪو رسم الخط سڏيو وڃي ٿو. ھي سنڌي ٻوليءَ جو قديم رسم الخط هو، جيڪو اسلام کان اڳ بہ رائج هو. البيروني (937-1048ع) بہ پنهنجي ڪتاب ۾ ڀاٽئي ۽ لوهاڻڪي رسم الخطن جو ذڪر ڪيو آهي. ڀاٽيا ۽ لوهاڻڪا رسم الخط ٻئي ٺٽي ۾ وڌيڪ مشهور هئا. ان حساب سان ٺٽي جا لوهاڻا، جيڪو رسم الخط استعمال ڪندا هئا، ان قبيلي جي حساب سان ان کي لوهاڻڪو رسم الخط چيو ويندو هو. هي رسم الخط، اصل ۾ براهمي رسم الخط آهي، جيڪو کاٻي کان ساڄي پاسي لکيو ويندو هو. هن رسم الخط جو ذڪر سر گريئرسن (1851-1942ع) بہ ڪيو آهي. ان کي ڪراچيءَ جو رسم الخط بہ سڏيو ويو آهي، اهو انڪري جو شايد اهو لاڙي رسم الخط هو.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.