سنڌ جو ڏاکڻو ڀاڱو جو وچولي جي هيٺان آهي ۽ وڃي سمنڊ سان لڳو آهي، سو لاڙ (Laarr) سڏجي ٿو. لاڙ جا ٻه ڀاڱا آهن: هڪڙو حيدرآباد ضلعي وارو لاڙ، جو بدين ۽ ٽنڊي باگي کان ويندي بلڙي شريف، تعلقي گونيءَ تائين آهي. اتان ڪوهه ڏيڍ پري ميرپور بٺوري تعلقي جي جهوڪ شريف (ميران پور) ۾، شاهه عنايت صوفيءَ جي درگاهه آهي. انهن ٻن نامور درگاهن جي وچ کان وٺي، ڪراچي جو سمورو ڏاکڻو ڀاڱو، جو ڪيٽي بندر ۽ ڪراچيءَ طرف لڙي اچي سمنڊ سان لڳو آهي، سو ڪراچي ضلعي وارو لاڙ آهي. انهن ٻنهي ضلعن جي لاڙ جي ٻولي ’لاڙي‘ ڪوٺجي ٿي.

لاڙ معنيٰ لڙيل يا هيٺاهون ڀاڱو. ان جو ضد آهي سرو، معنيٰ مٿيون يا اتر وارو پاسو. اڳي ڪڇ جي رڻ ڏي سمنڊ هو، جنهن جو پاڻي بدين تعلقي جي پريان گهاري شيخياڻيءَ واري رڻ ۾ ايندو هو، جنهنڪري بدين تعلقو به سمنڊ سان لڳو بيٺو هوندو هو، هاڻي اوڏهين سمنڊ ڪونهي، ته به اهو پاسو اڃا تائين لاڙ سڏجي ٿو. [1]

لاڙ ۾ دراوڙ

سنواريو

آڳاٽي زماني ۾ سنڌ ۾ دراوڙ رهندڙ هئا ۽ هن وقت به اوڏ ۽ ماڱر(ماڃر) ذات جا مهاڻا رهندا آهن. اهي سنڌ جي آڳاٽن دراوڙن جو اولاد آهن، يا پوءِ ڏکڻ هندستان کان آيا، سا پڪ ڪانهي. ايتري ڄاڻ پئي آهي ته ڪيترين صدين کان سنڌ، ڪڇ ۽ گجرات جا وڻجارا مليار طرف وڻج واپار لاءِ ويندا هئا. اڄ به مغلڀين تعلقي جاتي، ڪڇ ڀڄ ۽ گجرات طرف جا ميربحر دنگيون هاڪاري مليار طرف وڃن پيا. هن وقت لاڙ ۾ ڪي مهاڻا آهن جي ماڱر (ماڃر) ذات جا آهن. انهيءَ ذات وارا مهاڻا مليار به گهڻا آهن.


تون سمو، آءٌ گندري مون ۾ عين جوُءِ. پسي راڻين روُءُ، متــان ماڱــر مــٽييــن. (شاهه) [2]