لال ڪرشن آڏواڻي

هندستان جو ستون نائب وزيراعظم

لال ڪرشن آڏواڻي
7th Deputy Prime Minister of India
عهدو سنڀاليو
5 February 2002 – 22 May 2004
وزير اعظم Atal Bihari Vajpayee
پيشرو Chaudhary Devi Lal
Minister of Home Affairs
عهدو سنڀاليو
19 March 1998 – 22 May 2004
وزير اعظم Atal Bihari Vajpayee
پيشرو Indrajit Gupta
جانشين Shivraj Patil
Leader of Opposition (Lok Sabha)
عهدو سنڀاليو
May 2004 – December 2009
پيشرو Sonia Gandhi
جانشين Sushma Swaraj
عهدو سنڀاليو
1989–1993
Minister of Personnel, Public Grievances and Pensions
عهدو سنڀاليو
29 January 2003 – 21 May 2004
وزير اعظم Atal Bihari Vajpayee
Minister of Coal and Mines
عهدو سنڀاليو
1 July 2002 – 25 August 2002
وزير اعظم Atal Bihari Vajpayee
Leader of Opposition (Rajya Sabha)
عهدو سنڀاليو
January 1980 – April 1980
Member of Parliament
for Gandhinagar
دفتر سنڀاليو
1998
پيشرو Vijay Patel
ذاتي تفصيل
پيدائش Lal Krishna Advani
لال ڪرشن آڏواڻي
लाल कृष्ण आडवाणी

نومبر 1927 (عمر 96 سال)
Karachi, British India
(now in Pakistan)
قوميت Indian
سياسي جماعت Bharatiya Janata Party (1980–present)
ٻيون سياسي
وابستگيون
Bharatiya Jana Sangh (Before 1977)
Janata Party (1977–80)
جيون ساٿي Kamla Advani
ٻار ٻچا Pratibha (Daughter)
Jayant (Son)
مادر علمي University of Mumbai
پيشو Lawyer
Activist
مذهب Hinduism
اعزاز Padma Vibhushan
ويب سائٽ Official website

سنڌ ڄائو ايل . ڪي. آڏواڻي، ڀارت جو اڳوڻو ڊپٽي وزيراعظم هن وقت اتان جي لوڪ سڀا ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ پڻ آهي. سندس جنم 8 آگسٽ 1927ع تي ڪراچي ۾ ٿيو. سندس پيءُ جو نالو ڪشنچند ڌرم داس هو ۽ ماءُ جو نالو گياني ديوي . شروعاتي تعليم سينٽ پيٽرڪس هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين، پوءِ ڊي جي نيشنل ڪاليج حيدرآباد (سنڌ) مان پڙهي گورنمينٽ لا ڪاليج ممبئيءَ ۾ داخلا ورتائين. سندس شادي ڪملا جڳتياڻيءَ سان ٿي جنهن مان کيس هڪ پٽ جينت ۽ ڌيءَ پراتڀا آهي. ايل . ڪي آڏواڻي 1973ع کان 1977ع تائين ”ڀارتيه جن سنگهه“ جو صدر رهيو، پوءِ 1977ع ۾ بي جي پي جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. 1977ع کان 1979ع تائين انڊيا جي اطلاعات ۽ نشريات کاتي جو وزير رهيو. گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ ڀارتي سياست ۾ کيس هيٺيون ذميواريون مليون.
هائوس ليڊر – راجيه سڀا (79-1977ع)
اپوزيشن ليڊر – راجيه سڀا (81-1979ء)
جنرل سيڪريٽري – بي جي پي (86-1980ء)
صدر – بي جي پي (91-1986ء)
نائين، ڏهين ۽ يارهين لوڪ سڀ لاءِ منتخب ٿيو (1991ع-1989ع)
گهرو معاملن بابت ڪئبنٽ منسٽر (2004ع-1999ع)
ڊپٽي وزيراعظم ڀارت (2004ع-2002ع جون)
ايل. ڪي. آڏواڻي پهريون سنڌي آهي جنهن ڀارتي سياست ۾ ايتري اهميت حاصل ڪئي آهي. ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين سان سندس سٺو تعلق آهي ۽ سنڌي ٻولي بابت هڪ انٽرويو ۾ چيو هئائين ته ”اسان کي پنهنجي ٻارن سان سنڌي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ۽ سندن سنڌي ڳالهائڻ لاءِ همت افزائي ڪرڻ گهرجي. سندس آتم ڪٿا تي ٻڌل ڪتاب (My Country My Life) پڻ ڇپيو آهي.[1]

حوالا سنواريو